ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان مبينه طور اغوا بعد قتل، لاش ڪار مان مليو، سچل ٿاڻي جي حد سهراب ڳوٺ وٽ منڊي جي پارڪنگ ايريا مان 36 ورهين جي اويد حميد پٽ عبدالحميد جو لاش مليو. پوليس موجب ڪار جا شيشا بند هئا، ڪار مان عورت جو پرس ۽ شراب جي بوتل به هٿ آئي. پوليس موجب مقتول جا چپ ڦڪا ٿيندا ويا، لڳي ٿو ته کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو. پوليس شڪ ظاهر ڪيو ته مقتول کي مٿي ۾ ڌڪ به هنيو ويو، ڇاڪاڻ ته سندس مٿي مان رت به وهي رهيو هو. پوليس موجب نوجوان جي گمشدگي جي رپورٽ لياري جي بغدادي ٿاڻي تي داخل آهي، جنهن ۾ وارثن موقف اختيار ڪيو هو ته اويس سون وٺڻ لاءِ گھران نڪتو پر واپس نه موٽيو. پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.