چڪ (رپورٽ: انور آزاد مهر) چڪ جي ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلي ۾ جتوئي برادري جي مصراڻي پاڙي سان واسطو رکندڙ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل، نوگو ايريا علائقو هجڻ سبب پوليس پهچي نه سگهي. خبر موجب ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلي ۾ جتوئي برادري جي مصراڻي پاڙي سان واسطو رکندڙ ٻن ڌرين ميانداد ۽ ميهر علي مصراڻي ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جو اعزاز پٽ ميهر مصراڻي جتوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. واقعي وقت ٻنهي ڌرين ۾ ڪيتري ئي دير تائين فائرنگ جاري رهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف هراس ڇائنجي ويو، جڏهن ته شاهه ٻيلي وارو علائقو نوگو ايريا هجڻ ۽ رات ٿي وڃڻ سبب پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي.