اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ دنيا جو پهريون کدڙو ايٿليٽ

0
402

هوبارڊ (انٽرسٽنگ نيوز) اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ دنيا جو پهريون کدڙو ايٿليٽ سامهون اچي ويو آهي. ان ڏس ۾ نيوزي لينڊ جي لوئرل جي هوبارڊ اولمپڪس ۾ شرڪت لاءِ قانون ۾ ترميم به ڪئي وئي آهي. تازو ئي اولمپڪس لءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي قائدن ۾ ترميم کانپوءِ اختيارين عورتن جي ويٽ لفٽنگ ٽيم لاءِ لورئل هوبارڊ جي چونڊ ڪئي آهي. هن 2013ع ۾ کدڙو ڊڪليئر ٿيڻ کان اڳ مردن جي مقابلن ۾ حصو ورتو هو. تنقيد ڪندڙن اولمپڪس اختيارين جي ان فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لورئل هوبارڊ کي عورتن جي مقابلن ۾ غير منصفاڻو فائدو حاصل ٿيندو. نيوزي لينڊ جي اولمپڪس ڪميٽي لورئل هوبارڊ جو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته آئون نيوزي لينڊ جي عوام پاران لاڳيتو حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان. رپورٽ موجب لورئل هوبارڊ 87 ڪلو گرام ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري جي مقابلن ۾ حصو وٺندي.