ڀارت ۾ ريل حادثي ۾ فوت ٿيل شخص 11 سالن بعد جيئرو نڪتو!

0
877

ڪلڪتو (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ريل حادثي ۾ فوت ٿيل شخص 11 سالن بعد جيئرو نڪتو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي شهر جاني شوري ۾ 2010ع ۾ خوفناڪ ٽرين حادثو پيش آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر فوت ٿي ويا هئا. الهندي علائقي ممبئي مان مدناپور ويندڙ ريل کي 28 مئي 2010ع ۾ حادثو پيش آيوهو ۽ 148 جي لڳ ڀڳ مسافر فوت ٿي ويا هئا. انهن مسافرن مان اڪثر جا لاش سڃاڻپ جوڳا نه هئا، جن کي ٽڪيٽ ذريعي سڃاڻي مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته تازو ئي گرفتار ٿيندڙ هڪ شخص جو جڏهن ڊي اين اي ٿيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته اهو ته مري چڪو آهي. ان حوالي سان وڌيڪ خبر آئي ته ان کي مئل قرار ڏنل مسافرن ۾ ڪلڪتي جي اترين علائقي سان تعلق رکندڙ 27 ورهين جو شهري به شامل هو، جن جي گھر ڀاتين حڪومت پاران اعلان ڪيل امداد ۽ سرڪاري نوڪري حاصل ڪئي. سي بي اي موجب گھر ڀاتين پٽ کي مئل قرار ڏيڻ کانُوءِ حڪومت کان چار لک رپيا رقم مالي امداد طور ورتي ۽ سرڪاري نوڪري به حاصل ڪئي هئي، جنهن جو اعلان حادثي کانپوءِ ريلوي واري وزير ڪيو هو. ڇنڇر جي شام مرڪزي بيورو انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ امرت ون چوڌري نالي هڪ شخص کي ڪلڪتي مان گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ اهو راز فاش ٿيو ته هي اهو ئي شخص آهي، جنهن کي 2010ع ۾ مئل قرار ڏنو ويوهو. 11 سال اڳ امرت ون جي عمر 27 سال هئي ۽ هن وقت هو 38 سالن جو ٿي چڪو آهي.