نيويارڪ (دلچسپ نيوز) ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ جديد ترين حياتياتي مادن مان هڪ پيوند (امپلانٽ) تيار ڪيو ويو آهي جيڪو پهرين ٽائپ جي شگر جي مريضن لاءِ ضرورت موجب انسولين خارج ڪندو آهي.اها تحقيق پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي جنهن کي رائس يونيورسٽي جي بائيو انجنيئر ڊزائن ڪيو آهي، انکي شگر جي عالمي تنظيم جي ڊي آر ايف ڊزائن ڪيو آهي، اهڙي ڪوشش پي ايڇ ڊي شاگرد ۽ استاد گڏيل طور ڪئي آهي جن جا نالا اوميدوائسي ۽ جورڊن ملر آهن، جورڊن ملر گذريل 15 سالن کان اهڙي پيوند جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ هن هڪ خاص ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي آهي جنهن ۾ رت جي سنهين نالين کي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ هاڻي هو ان کي ٿري ڊي پرنٽنگ ڏانهن کڻي آيو آهي. ان ۾ انسانن جي اسٽيم سيلز کي بائيو انجينئرنگ جي مدد سان بيٽا خليات ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جيڪي ضرورت پوڻ تي انسولين جو ڪجهه مقدار خارج ڪندا آهن. جنهن جي ذريعي رت ۾ شگر (گلوڪوز) جي مقدار هڪ خاص سطح تي رکي سگهجي ٿي.ڊاڪٽر ملر جو چوڻ آهي ته انساني پينڪرياز ۾ موجود سيلز کي هڪ خاص طريقي سان ترتيب ڏنو ويندو آهي ۽ انهن ۾ رت جون رڳون هڪ خاص طريقي سان ترتيب ڏنل هونديون آهن. ٻنهي ماهرن ۾ فطرت جو اهو تاثر ساڳيو آهي.