فن لينڊ (دلچسپ نيوز) اليڪٽروڪارڊيو يا اي سي جي کي هڪ ڳلي ۾ پائڻ ممڪن آهي جنهن جو پهريان عملي مظاهرو يورپي سوسائٽي آف ڪارڊيولاجي جي هڪ آن لائن تقريب ۾ پيش ڪيو ويو آهي.هي هڪ عام طرح جو هار لڳي ٿو جنهن جي بدولت دل جي بي ترتيب ڌڙڪن کي بهتر انداز ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو جنهن کي طب جي ٻولي ۾ آرٽريئل ڊي فلبريشن به چيو ويندو آهي، سموري دنيا ۾ هي مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي، يونيورسٽي آف ايسٽرن فن لينڊ ايلمري سينٽالا هي اوزار ٺاهيو آهي جيڪا ايم فل جي شاگردياڻي آهي.سموري دنيا ۾ فالج جو سبب بي ترتيب ڌڙڪن به ٻڌايو وڃي ٿو ۽ فالج جا 25 سيڪڙو واقعا ان جي ڪري ٿين ٿا، دل جي ڌڙڪن جي بي ترتيبي اوچتو شروع ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهن کي ان جو مشڪل سان احساس ٿيندو آهي اهوئي سبب آهي جو دل جي ڪيفيت تي هر وقت نظر رکڻ ضروري هوندي آهي.ان هار سان گڏ هڪ پينڊنٽ لڳل آهي جنهن ۾ اي سي جي وانگي سينسر لڳل آهي جيڪو مستقل طور تي دل جي ڌڙڪن ۽ ان جي هيٺ مٿاهين کي نوٽ ڪندو رهي ٿو ان جو اطلاع سمارٽ فون تي ظاهر ڪندو رهي ٿو، ان جي لاءِ پينڊنٽ کي ٻنهي هٿن جي ترين تي 30 سيڪنڊن لاءِ رکڻو آهي، ان جي معلومات خود ئي هڪ ڪلائوڊ تي ويندي آهي جتي مصنوعي ذهانت سان اندازو لڳايو ويندو آهي ته ڇا دل جي حرڪت ۾ ڪا بي ترتيبي آهي يا دل نارمل آهي، ضرورت پوڻ تي ان جي رپورٽ سڌي ريت ڊاڪٽر کي به ڏئي سگهجي ٿي.اي سي جي هار جو تجربو پهريان 145 مريضن تي ڪيو ويو آهي ۽ شرڪت ڪندڙن ٽي ٽي ڀيرا اي سي جي رڪارڊ ڪرائي جيڪا هڪ معياري ٽيسٽ جو درجو رکي ٿي، ان کانپوءِ دل جي ٻن ڊاڪٽرن کي اي سي جي ڏيکاري وئي ۽ مصنوعي ذهانت سان به ان جو تجزيو ڪيو ويو.جڏهن ڊاڪٽرن ۽ مصنوعي ذهانت جي سافٽ ويئر جو تجزيو ڪيو ويو ته ان ۾ وڌيڪ فرق نه هو، اهڙيءَ طرح اي سي جي هار خود ئي دل جي ڌڙڪن ۾ هيٺ مٿاهين کي انتهائي درست انداز ۾ نوٽ ڪري سگهي ٿو، ڪنهن خرابي جي صورت ۾ سافٽ ويئر وڌيڪ ٽيسٽ جو به مشورو ڏئي ٿو.