عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ته نه ڪيو !

0
285
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪ طرف مهانگائي جو زور ٻئي پاسي روزگار جا دروازا بند،لڳي ايئن ٿو ته عوام کي نپوڙي ملڪي معيشت هلائڻ ۽ سرڪار جا خرچ پورا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نه سرڪاري ماڻهن جي پروٽوڪول ۾ گهٽتائي ٿي ٿئي،نه سرڪاري خرچ ٿا گهٽ ٿين،نه ٻين غير پيداواري خرچن کي گهٽائي عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ کان بچڻ جي ڪوشش ٿي ٿئي،سڄو زور رڳو عوام جي کيسي تي آهي ته اتان جيترو ٿي سگهي وڌ کان وڌ کان وڌ پئسا ڪڍي ملڪي ناڻي ۾ وجهي سگهجن ۽ اهو وري سڀڪجهه ٿئي انهي عوام جي فائدي جي نالي ۾ ٿو جنهن کي ايترو نپوڙيو ويو آهي جو هاڻي ان جو ساهه کڻڻ به مشڪل لڳي رهيو آهي . پر ڇا ڪجي جيڪي ڏهاڙي کائڻ لاءِ ڏهاڙي ڪمائڻ واري ڪرت کان آجا هجن انهن کي عوام جي انهن سورن جي ڪهڙي پرک هوندي ته اهو عوام پنهنجو گذر سفر ڪهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪري رهيو آهي انهي جو گذر سفر ٿئي به ٿو يا رڳو ساهه کڻي جيءَ رهيو آهي باقي عوام جي زندگي جي بهتر بڻائڻ جي دعويٰ ڪرڻ تي ڪنهن جو خرچ ته نه ٿو اچي جو اهي ٿينديون رهنديون ۽ عوام پيسبو رهبو.
حڪومت 15 ڏينهن کانپوءِ ٻيو ڀيرو پيٽرول جي قيمتن ۾ پوڻا ٻه رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان هاڻي في ليٽر پيٽرول جي قيمت ذري گهٽ 120 رپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته حڪومتي ترجمان وري دعويٰ اها ٿا ڪن ته ڀرپاسي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ آهن پر اهي ترجمان اها ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اهو نه ٿا ٻڌائين ته انهن ملڪن ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون هن ملڪ کان ڪيتريون گهٽ آهن؟ جيڪڏهن رڳو پيٽرول جون قيمتون وڌيل هجن تڏهن به چئي سگهجي ته عوام کي هي حڪومت ٻين شين ۾ رليف ڏئي رهي آهي ۽ اٽي کان وٺي کنڊ ،گيهه دالين جون قيمتون گهٽ آهن عوام تي انهن جو ايڏو بار ناهي ڇاڪاڻ ته اهي ئي ضروري شيون آهن جيڪي انسان جي جيئڻ جو اصل سبب آهن پر هتي ته ڳالهه ئي ابتي آهي هڪ طرف پيٽرول جون قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن ته ٻئي طرف عام استعمال ۽ کائڻ پيئڻ وارين شين جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن مٿان وري سرڪار سڳوري يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊائيز اگهه تي ملندڙ شين جون قيمتون به وڌائي ڇڏيون آهن ۽ هاڻي اهي يوٽيلٽي اسٽورن تي عام مارڪيٽ واري اگهه تي ملي رهيون آهن. انهي کانسواءِايل پي جي اگهن ۾ به 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ بجلي وانگر هاڻي گئس جي به لوڊشينگ ٿي رهي آهي ۽ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪيڏي مهل گئس هوندي ڪيڏي مهل نه هوندي جنهن ڪري گهريلو رڌپچاءُ لاءِ انهي ايل پي جي سئلينڊرن جو استعمال وڌي ويو آهي پر سرڪار انهن جون قيمتون به وڌائي اڻسڌي طرح عوام کان اها سهولت به ڄڻ کسڻ چاهي ٿي ايئن ٿو لڳي ڄڻ حڪومت عوام کي ٿورو گهڻو ملندڙ رليف واپس وٺڻ چاهي ٿي جيئن ڪو به ماڻهو گذرسفر جي ڪوشش کانسواءِ حڪمرانن جي ٻين معاملن تي ڳالهائڻ جهڙو ئي نه رهي .
اسان سمجهون ٿا ته پيٽرول سميت هر شيءَ جي قيمتن ۾ واڌ عوام سان ظلم آهي جيڪڏهن هي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ نه ٿي چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهي جي تڪليفن ۾ اضافو ته نه ڪري .