افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪستان لاءِ خطرا

0
451

مئي يا جون 2007ع ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وفد سموري پاڪستان جي اڀياسي دوري تي وٺي نڪتو هئس. اسلام آباد مان ٻه ڪوسٽر ڪيون سين، هڪ ۾ سموري يونيورسٽي جي مختلف شعبن جون شاگردياڻيون ۽ هڪ استاد هئي. ٻئي ۾ صرف ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ جا شاگرد هئا ۽ هڪ سينيئر پروفيسر به گڏ هو. ٽوئر جو مون دائرو ايترو ته وڏو رکيو هو جو هنزا ويلي کان ٿي واپس پئي ورياسين. شام جو سج لهڻ جي ويجهو اچي پهتو ڊرائيورن ۽ علائقي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته سج لهڻ کان پهرين داسو، شانگلا ويلي ۽ بشام مان اڳتي نڪري وڃو ته بهتر آهي.ٻئي ڪوسٽر سيٽ باءِ سيٽ فل هيون، هڪڙي ڪوسٽر اسان جي بشام ۾ اڳواٽ پهتي ٻي پٺيان رهجي وئي. جنهن ڪوسٽر ۾ مان هيس ۽ڇوڪريون هيون اها ته بشام پهچي وئي پر ڇوڪرن واري ڪوسٽر پٺيان رهجي وئي. بشام ۾ اسٽاپ ڪري بيهي رهياسين سج تيزي سان پوئين پهر لهڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي پريشاني وڌڻ لڳي ڪوسٽر ڪافي دير ڪئي انهن جو ٽائر داسو کان ٿورو اڳيان پنڪچر ٿي پيو هو اهو تبديل ڪري نيٺ پهچي ويا، پر اڃان بشام ۾ بيٺا هئاسين ته سج لهڻ بعد ڌماڪن جا آواز سموري وادي ۾ گونجڻ شروع ٿي ويا، جلدي ڪري اتان نڪري پياسين سمورو سفر پورو ڪري ڪجهه ڏينهن بعد سوات، ڪالام، مالم جبا ۽ پشاور گهمندا واپس اسلام آباد اچي پهتا سين. اهي شروعاتي ڏينهن هئا جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان جي ويڙهاڪن شانگلا ويلي ۽ سوات ويلي تي قبضي ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. 25 آڪٽوبر 2007ع کان فيبروري 2009ع تائين پاڪستان فوج ۽ پاڪستاني طالبانن جي وچ ۾ ويڙهه هلندي رهي. انهن ئي ڏينهن ۾ ملا فضل الله جو ايف ايم ريڊيو، صوفي محمد جو شرعي قانون جو نفاذ ۽ بي بي سي تي گل مڪئي جي سوات ڊائري سموري دنيا ۾ مشهوري ماڻي. گل مڪئي جيڪا اصل ۾ ملالا يوسفزئي هئي جنهن کي اڳتي هلي طالبان مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو بچي وئي ۽ دنيا جي ننڍي عمر ۾ پهرين امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ڳالهه ماضي جي محور ۾ ڦاسندي پئي وڃي، اصل قصي ڪرڻ جو مقصد شانگلا ويلي، سوات ۽ داسو، بشام جو ڪري تازو داسو وٽ چيني انجينئرن جي بس جي واقعي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو هو. 14 جولاءِ تي داسو وٽ هڪ بس حادثو پيش آيو جنهن ۾ 9 چيني انجنيئر ۽ 4 پاڪستاني اجل جو شڪار بڻجي ويا جڏهن ته 28 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي هوائي سروس وسيلي ملٽري اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهچايو ويو. شروع ۾ انهي واقعي کي هڪ اتفاقي حادثو قرار ڏنو ويو ۽ سرڪاري سطح تي به پاڪستان جي حڪومت طرفان ميڊيا کي اهو چيو ويو ته بس ۾ گئس سلينڊر جي ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو آهي، پر آزاد ميڊيا ۽ ڪجهه مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته بس بم ڌماڪي سان هيٺ کاهي ۾ ڪري آهي جنهن ڪري گمان ڪري سگهجي ٿو ته بس جي ڪرڻ جو سبب بس اندر يا ٻاهر رستي تي بم جو ڦاٽڻ ٿي سگهي ٿو. چائنا سرڪار انهي واقعي کي اتفاقي حادثو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ٻئي ڏينهن تي پاڪستان جي سرڪار خود ڦيرو کاڌو ۽ قبول ڪيو ته بس جي حادثي واري هنڌان ڌماڪيدار مادي جا جزا مليا آهن. جنهن بعد اهو گمان ڪيو ويو ته بس سان پيش آيل واقعو دهشتگردي جي ڪارروائي جو حصو آهي. پاڪستان جي وزارت خارجا جي آفيس جو بيان هڪ ڏينهن اڳواٽ گئس جي سئلينڊر ڦاٽڻ وارو ٻئي ڏينهن تبديل ته ٿي ويو، پر چين جي وزارت خارجا جي آفيس اربع واري ڏينهن ئي چين مان بيان جاري ڪيو هو ته بس حادثو بم ڌماڪي سبب پيش آيو آهي. نه رڳو اهو پر ان بيان ۾ اها پڻ گهر ڪئي ويئي ته پاڪستان جي سرڪار سچائي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ذميوارن کي جوڳي سزا ڏيندي. پهريو ڀيرو چين پاڪستان جي اندر سندس ماڻهن جي دهشتگردي جي واقعي ۾ قتل ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ رد عمل ۾ چين پاڪستان سيپيڪ جي رابطي ڪميٽي جو اجلاس جيڪو 16 جولاءِ تي وڊيو لنڪ وسيلي رٿيل هو انهي کي معطل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. چين پنهنجي سڀني ورڪرن کي جيڪي ڪنهن به پراجيڪٽ تي هزارا ويلي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي ڪم ڪرڻ کان ته روڪي ڇڏيو آهي پر جيڪي به پاڪستاني انهن سان ڪم ڪندا آهن تن کي به ٻئي ڪنهن حڪم نامي تائين انتظار ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ تمام اعليٰ سطح جي تحقيقاتي ٽيم 17 جولاءِ تي چين کان پاڪستان پڻ پهتي آهي جنهن حادثي واري جاءِ جو تفيصلي جائزو ورتو آهي. انهي سان گڏوگڏ هڪ سڀ کان تشويشناڪ خبر چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي طابع هڪ اخبار گلوبل ٽائيم جي ايڊيٽر هو شي جن جو ٽوئيٽر تي اهو بيان آهي جنهن ۾ سخت تلخي ۽ ڌمڪي شامل آهي. هن جو چوڻ آهي ته“ هن وقت تائين انهن بزدل دهشتگردن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي جيڪي انهي عمل جي پٺيان آهن، پر اهي يقينن ڳولي لڌا ويندا ۽ سزا ماڻيندا. جيڪڏهن پاڪستان جي صلاحيت ناڪافي آهي ته انهن جي مرضي سان چائنا جا ميزائيل ۽ اسپيشل فورسز تحرڪ ۾ آنداويندا.” اها سوچ انهي اخبار جي اڊيٽر جي نجي سندس پنهنجي آهي يا ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسي لائين؟ ٻنهي حالتن ۾ اها تشويشناڪ ضرور آهي. اهو پهريو ڀيرو آهي جو چين پاڪستان جي اندر ڪنهن به دهشتگردي جي ڪارروائي تي ايترو سخت ردعمل ڏيکاريو آهي. انهي مان ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته چين پاڪستان جي اندر ڪنهن به چيني پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چينين سان پيش ايندڙ ڪنهن به دهشتگرد ڪارروائي خلاف سڌي ريت ڪنهن به ردعمل طور عسڪري ڪارروائي ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا.
خطي جي موجوده تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ پاڪستان جي اندر جتي به ماضي ۾ طالبان جو اثر رسوخ رهيو آهي انهي هنڌ امڪاني طور حالتن خراب ٿيڻ جا انديشا موجود آهن. انهيءَ ڪري لڳي ٿو ته گلگت بلتستان ۽ سوات جو علائقو به ڪٿي انهي وڪڙ ۾ نه اچڻ وارو هجي! پاڪستان جي افغانستان سان سرحدي علائقن جي صورتحال ته ڳڻتي جوڳي آهي ئي آهي پر ڪا خبر ڪونهي ته اندران ئي اندر ڪهڙي وقت ڪو واقعو ڪٿي پيش اچي سگهي ٿو انهي لاءِ پاڪستان جي سرڪار کي گهرجي ته طالبان جي پراڻن ٺڪاڻن، پناهه گاهن ۽ انهن سان همدردي رکندڙ گروهن تي ڪرڙي نظر رکن ڪٿي ايئن نه ٿئي ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ ڪنهن نئين قسم جي تڪيلفن جو سامان ميسر ٿيڻ شروع ٿي وڃي.
افغانستان ۾ ايندڙ حڪومت ڪنهن جي به هجي اها گهٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا خوشحالي يا امن جو سبب ڪونه بڻجي سگهندي بلڪه ويتر اها افغان پناهگيرن جي بدامني سميت ڪيترائي انيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ شروع ڪندي. انٽرنيشنل ميڊيا جي مطابق هن وقت ئي چمن بارڊر کان لکين افغان پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن جن کي ڪير به روڪڻ وارو ڪونهي، جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته ڪا خبر ڪونهي ڪير ڪهڙي نيت سان افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيندو ۽ ڇا ڪري هليو ويندو. هن وقت جي سڀ کان سخت ضرورت اها آهي ته پاڪستان افغانستان بارڊر تي پناهگيرن جي روڪڻ ۽ عالمي مدد سان انهن کي اتي ڪئمپن ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪري ۽ پهرين کان جيڪي پاڪستان جي اندر موجود علائقن ۾ طالبان جا ٺڪاڻا موجود آهن انهن جي چرپر تي نظر رکي. جي ايئن ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي ته پوءِ وري هتي جو امن امان تباهي ڏانهن وڌڻ شروع ڪندو.