عوامي ڀلائي جي نالي ۾ عوام دشمني جو خاتمو ٿيندو!؟

0
250

جهڙي طرح وڏيون وڏيون ناانصافيون انصاف جي نالي ۾ ٿينديون آهن اهڙي طرح عوام آزار واريون سڀئي پاليسيون عوامي ڀلائي جي نالي ۾ لاڳو ڪيون وڃن ٿيون. حڪمران هونئن ته جيڪو ڪجھه ڪن ٿا يا سندن طرزِ حڪمراني سان عوام سان جيڪا جُٺ ٿئي ٿي اها ته عالم آشڪار آهي پر جيڪا ڳالھه گهڻي چڙ ڏياريندڙ آهي اُها اِها آهي ته حڪمران عوام کي ايترو ته بيوقوف سمجهندا آهن جو وڏا وڏا ڪوڙ ڳالهائڻ وقت به کين ذري جيتري به ڦِڪائي ناهي ٿيندي.
لڳي ٿو ته طاقت جي نشي يا زور تي حڪمرانن جي سوچڻ سمجهڻ ۾ گهٽتائي ۽ فرعونيت ۾ واڌارو اچي ويندو آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پاليسيون جوڙڻ يا فيصلا ڪرڻ وقت عقل ۽ فهم نه به هجي پر انهن وٽ ٿورو گهڻو احساس ضرور هجي ها.
هڪ مهيني اندر ٽي ڀيرا پئٽرول جي اگهن ۾ وڌارو ڪرڻ کان پوءِ به حڪومت نڪ جي پڪائيءَ سان اهو راڳ الاپيندي نظر اچي ٿي ته “اسان جا سڀ فيصلا ۽ پاليسيون عوام جي ڀلائي لاءِ آهن”، جيڪڏهن اها واقعي عوامي ڀلائي آهي ته سچ پچ اسان اهڙي ڀلائي کان توبھه ڪئي، نه ٿي کپي اهڙي ڀلائي جيڪا لکين مسڪين ماڻهن کي پيٽ بکيو رهڻ تي مجبور ڪري.
رياستِ مدينه جا مثال ڏيندڙ ٻُڌائي سگهندا ته جيڪڏهن ڪو مسڪين ماڻهو پيٽ بکيو سمهي ٿو ته ان صورت ۾ حاڪمِ وقت لاءِ رسول پاڪ جن جو ڇا فرمان آهي؟
بيروزگاري، بک، بيماري، لاچاري ۽ مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙجندر عوام لاءِ حڪومت وٽ ڪو به پروگرام ڪونهي، جڏھن عوام جون حالتون بهتر ٿيڻ بجائي ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون هجن ته حڪمران حقِ حڪمراني جي لائق ئي نه ٿا رهن، رهي ڳالھه لٻاڙ جي ته اها لٻاڙ ڪنهن هڪ بکئي انسان جي بک به ختم نه ٿي ڪري سگهي.
سياست بنيادي طور تمام سٺي ۽ ڪارائتي شئي آهي، سماج، ادارن توڙي عوام لاءِ سياست تمام وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن اها حقيقي سياست هجي پر اسان وٽ جيڪا مروج سياست آهي اها ته سماج، ادارن ۽ عوام لاءِ تباهي جو سامان ثابت ٿي آهي. انهي سياست ۽ سياسي ڪلچر سان چور، ٺڳ ۽ ڪرپٽ لڏو وڌيڪ سگهارو ٿيو آهي ۽ مسڪين عوام وڌيڪ نڌڻڪو، لاچار ۽ پريشان ٿيو آهي. هر اهو ماڻهو عذاب ۾ آهي جيڪو ايماندار ۽ اصول پسند آهي. ننڍي کان ننڍي اداري کان ويندي وڏن ادارن تائين سڀ جو سڀ مڪروه سياستن جي ور چڙهيل آهن.
 عوام لاءِ ۽ ان جي ڀلائي لاءِ ڪجھه به ڪونهي، رڳو پريشانيون ۽ اڻ کُٽ مسئلا عوام جو مقدر بڻيل آهن. گذريل ٽن سالن ۾ جيڪا مهانگائي وڌي آهي ان گذريل ٽيهن سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. غريب ماڻهو رڳو انهي ڳڻتيءَ ۾ پل پل جو موت مري رهيو آهي ته ٻئي ويلي تي پيٽ جي باھه کي ڪيئن منهن ڏيندو ۽ بيماري جي حالت ۾ دوا درمل جو انتظام ڪيئن ڪري سگهندو؟
اسان جي حڪمرانن وٽ عوام جو ٿورو به احساس هجي ته صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي سگهي ٿي.
عيد جي موقعي تي لاتعداد ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف وارين حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، عيد خوشين جو موقعو آهي پر ماڻهو ايترن مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهن جو عيد انهن لاءِ سورن جو سامان ثابت ٿئي ٿي. سموري دنيا ۾ اهڙن موقعن تي عام واهپي جون شيون سستيون ٿين ٿيون پر پاڻ وٽ هر شئي جا اگھه وڌي وڃن ٿا. حڪومت ۽ انتظاميا وٽ اهڙو ڪو به نظام ڪونهي جو قيمتن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هونئن ته قيمتن تي ڪنٽرول تمام ننڍڙو ڪم آهي پر جڏهن انتظاميه وٽ عوام جو احساس هوندو تڏهن ئي اهو سڀ ڪجھه ممڪن بڻجي سگهندو.
گذريل ٻن سالن ۾ وبا جي ڪري روزگار جا ذريعا گهٽيا آهن ۽ مزدور طبقي جا مسئلا وڏي پئماني تي وڌيا آهن، اهڙين حالتن ۾ حڪومت جو پهريون فرض اهو هو ته غريب طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي پاليسيون جوڙي ها، حڪومت اهو فرض ته پورو نه ڪيو پر گهٽ ۾ گهٽ غريب طبقي لاءِ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ها ته اهو ساهه کڻڻ جي پوزيشن ۾ هجي ها. مهانگائي جي ڪري اڄ جيڪا ماڻهن جي حالت آهي اها بيان ڪرڻ جهڙي ناهي. افسوس پوءِ به حڪومت وٽ شرمندگي بجائي ان ڪوڙ جو ورجاءُ آهي ته “عوام جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن”
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي گذارش آهي ته اها سروي ڪرائي ته حڪومت غريب ۽ بي پهچ طبقي لاءِ ڇا پئي ڪري؟ مهانگائي جي ڪري عوام جي زندگيءَ تي ڪهڙا اثر پيا آهن؟ ۽ عيد جي موقعي تي ڪيترا ماڻهو عيد ڪري سگهيا آهن؟ اِها سروي ڪرائڻ کان پوءِ صحيح انگ اکر عوام جي سامهون رکيا وڃن ته جيئن عوام کي اها خبر پوي ته اسان وٽ غربت جي ڇا حالت آهي ۽ حڪومت جي پاليسين جي ڪري عوام جي حالت بهتر ٿي آهي يا ويتر خراب ٿي آهي.
مون اڳ به اها ڳالھه ڪئي هئي ۽ هينئر به اها ورجائي رهيو آهيان ته اهي ملڪ ئي ترقي ڪري سگهندا جنهن جو عوام سکيو هوندو، عوام جون حالتون بهتر نه ٿينديون ته ڪجھه به بهتر ٿيڻ ممڪن نه بڻبو. بُک ۽ بيروزگاري ڏوهن کي جنم ڏيندي آهي ۽ اڄ اسان جون جيڪي حالتون آهن ۽ سماج ۾ جيڪا لاقانونيت آهي ان  جو وڏو سبب بک ۽ بيروزگاري آهي.
حڪومت ۾ ويٺل توڙي حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياسي توڙي غير سياسي اڳواڻن ۽ اختيار ڌڻين کي سوچڻ گهرجي ته زندگيءَ لاءِ سامان ڀلي سئو سالن جو گڏ ڪن پر ان زندگيءَ تي هڪ پَل جو به اعتبار ڪونهي، اڄ جيڪا زندگي آهي ممڪن آهي سڀاڻي اها نه رهي تنهن ڪري بهتر آهي ته پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائن جيئن کين سٺن لفظن ۾ ياد رکيو وڃي. رياستِ مدينه جهڙو معاشرو ڀلي قائم نه به ٿي سگهي پر گهٽ ۾ اهڙو معاشرو ته قائم ٿي سگهي جو ڪو مسڪين بک تي نه سمهي ۽ ڪو مريض دوا نه ملڻ ڪري موت جي منهن ۾ نه وڃي.