افغانستان صورتحال سبب عمران سرڪار لاءِ چئلينج

0
274

ڪالهه قومي اسيمبلي جو جيڪو اجلاس ٿيو آهي اهو پنهنجي تاريخ جو منفرد ۽ نرالو اجلاس هو، ڪالهه جيئن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته روايتن مطابق تلاوت ۽ نعت کانپوءِ قومي ترانو وڄايو ويو، ان بعد معمول جي ڪارروائي شروع ٿيڻي هئي پر اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پاڻمرادو ئي ڪورم پورو نه هجڻ کي پرکي اجلاس جي ڪارروائي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ رڳو 342 ميمبرن مان 12 ميمبر موجود هئا، حڪومتي بينچن تي رڳو 9 ۽ مخالف ڌر جي بينچن تي رڳو 3 ميمبر موجود هئا، ايئن بنا ايجنڊا جي اجلاس ڪجهه منٽن ۾ ئي بنا معمول جي ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويو. ڪالهوڪي اجلاس ۾ رڳو اهو ٿيو ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي گورنر ممتاز ڀٽو جي وفات تي دعا گهرائي وئي، قومي اسيمبلي جو اهو اجلاس پنهنجي تاريخ جو مختصر ترين ته اجلاس هو پر اهو اجلاس ان ڪري به منفرد هو جو ان اجلاس ۾ بنا ڪورم جي نشاندهي ٿيڻ جي ڊپٽي اسپيڪر پاڻمرادو ئي ايوان جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي. ان کان به وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گذريل جمعي ڏينهن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس پڄاڻي تي پهچڻو هو پر قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ختم ڪرڻ بجاءِ سومر تائين ملتوي ان ڪري ڪيو ويو هو جيئن ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن به ڪارروائي ۾ ڳڻي سگهجن ۽ سومر کان پوءِ به اڱاري ۽ اربع جا ڏينهن به ڳڻپ ۾ آڻي سگهجن، ڇو ته 13 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽيون پارلياماني سال مڪمل ڪرڻو آهي، 13 آگسٽ تائين هن اسيمبلي کي آئين تحت 130 ڏينهن جا اجلاس ڪرڻا آهن، جيڪي ڏينهن پورا ڪرڻ لاءِ ان طرح جا اجلاس ڪري خانه پوري وانگر قومي اسيمبلي جا ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن، ان لاءِ اردو جو هي شعر ٺهڪندڙ آهي ته ”دن ڪڇ ايسي گذارتا هئي ڪوئي، جيسي احسان اتارتا هئي ڪوئي”، اپوزيشن توڙي حڪومتي ڌر کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ايوان ۾ بيهي ٻئي ڌريون جڏهن اهو چونديون آهن ته پارليامينٽ سڀ کان سپريم ادارو آهي ته ان سپريم اداري سان ڪالهوڪي اجلاس جهڙو اجلاس ڪرڻ ڇا زيادتي ناهي؟ ڇا 342 ميمبرن مان رڳو 12 ميمبر موجود هجڻ ايوان جي عزت ۽ توقير ۾ اضافو ڪندو؟اهو سوال پاڻ چونڊيل ميمبرن تي ڇڏي اچون ٿا ڪجهه ڏينهن پهريان پارليامينٽ هائوس ٻاهران ان نامعلوم شخص طرف جيڪو ريڊ زون ۾ هٿيار کڻي پهچي ويو ۽ ان اوچتو هٿيار ڪڍي پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، ان شخص کي ته پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو پر سوال اهو آهي ته ريڊ زون جتي وزيراعظم هائوس، ايوان صدر، سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ هائوس، سمورين وفاقي وزارتن جي آفيسن واري پاڪ سيڪريٽريٽ، پرڏيهي وزارت، مختلف سفارتخانن سميت تمام اهم وفاقي ادارا موجود آهن، جنهن روڊ تان هٿيارن سان گڏ ڪنهن نامعلوم شخص کي گرفتار ڪيو ويو ان روڊ تان وزيراعظم سميت سپريم ڪورٽ جا جج، بيورو ڪريٽس ۽ پارليامينٽيرينس گذرندا آهن، ان ڪري سوال اهو آهي ته ان ريڊ زون تائين ڪو به شخص هٿيار کڻي پهچي ڪيئن سگهيو؟ ڳالهه ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جي هلي رهي آهي ته توهان کي اهو به ٻڌايان ته انهيءَ گادي واري شهر اسلام آباد مان افغانستان جي سفير جي ڌيءَ کي مبينا اغوا جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ مقرر افغاني سمير سميت افغانستان جي سفارتخاني ۾ مقرر عملي کي افغانستان واپس گهرائي ورتو آهي، ڏسجي ته اسلام آباد جهڙي شهر مان افغانستان جي سفير جي ڌيءَ جي اغوا جو واقعو پاڪستان جي بين الاقوامي سطح تي ساک خراب ڪندڙ واقعو آهي، مٿان وري افغانستان پاران پنهنجي عملي کي ئي واپس گهرائڻ وارو فيصلو دنيا کي اهو ميسيج ڏيڻ جي ڪوشش آهي ته اسلام آباد غير محفوظ شهر ٿي رهيو آهي.افغانستان جتي دهشتگردي جون ڪارروايون معمول رهيون آهن هاڻي افغانستان جي اڪثر علائقن ۾ افغاني طالبان پاران ڪنٽرول يا قبضو ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي، ان افغانستان جي حڪومت اسلام آباد ۾ پيش آيل هڪ واقعي کي بنياد بنائي اهڙو قدم کنيو آهي، ڳالهه افغانستان جي هلي رهي آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي واري صورتحال اڄ ڪلهه پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي ۽ پريشاني جو سبب آهي، ڇو ته افغانستان جون ڇڪتاڻ واريون حالتون سڀ کان وڌيڪ متاثر پاڪستان کي ڪري سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن اتي گهرو ويڙهه جي صورتحال پيدا ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر افغاني مهاجرن جي صورت ۾ پاڪستان اچي ويندا. 80 جي ڏهاڪي کان پاڪستان اڳ ۾ ئي 30 لک افغاني مهاجرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جيڪي اڃان تائين پنهنجي ڌرتي ڏانهن واپس نه ٿيا آهن، مٿان وري لکن جي تعداد ۾ افغاني مهاجرن جي پاڪستان پهچڻ جا چٽا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، ڏسجي ته جيڪي پهريان به افغاني مهاجر پاڪستان آيا هئا انهن مان اڪثريت سنڌ ڏانهن رخ ڪيو، انهن مهاجرن جي اڪثريت سنڌ ۾ ئي رهي رهي آهي، ان ڪري هاڻي به جيڪڏهن افغاني مهاجر وري لکن جي تعداد ۾ اچن ٿا ته خدشو اهو آهي ته ٻيهر به انهن مان سڀ کان وڏو تعداد سنڌ ۾ پهچندو، ڇو ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ انهن جا رشتيدار ۽ واسطيدار اڳ ئي موجود آهن، ان ڪري افغانستان ۾ ڪشيده صورتحال تي ڳڻتي ۽ پريشاني سڀ کان وڌيڪ سنڌ حڪومت کي هجڻ گهرجي پر محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت سڪون سان اگهور ننڊ ستل آهي. سنڌ حڪومت کي ايندڙ خطري جي حساسيت ۽ مستقبل ۾ ان جي نتيجن جو احساس ئي ناهي، سنڌ حڪومت کي ان مامري کي ان ڪري به هلڪو نه وٺڻ گهرجي ها ڇو ته اڳ ئي سنڌ ۾ افغاني، برمي، بنگالين سميت غير ملڪين جي هڪ پوري لوڌ سنڌ ۾ رهي رهي آهي، سنڌ جي حڪمرانن جي ننڊ ۽ سڪون ان رپورٽ کان پوءِ ڦٽي وڃڻ گهرجي ها جنهن ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو ته نادرا مان 30 کان 40 لک غير ملڪين کي جعلي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا، ان رپورٽ جي حواليسان رڳو اهو ئي نه چيو ويو پر اهو به ٻڌايو ويو ته ڪالعدم قرار ڏنل تنظيمن جي اڳواڻن جا به ڪارڊ ٺهيا آهن، ان رپورٽ کان پوءِ مون کي خبر ناهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري طور تي وفاقي ادارن سان ڪو رابطو ڪيو آهي يا نه يا اها رپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي يا نه پر مون کي اهو معلوم آهي ته ايف آءِ اي جي ان رپورٽ کان پوءِ ايم ڪيو ايم پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان مامري کي اٿاريو ۽ انهن غير ملڪين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ واري مامري کي ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌين سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان جيتوڻيڪ انڪار ڪيو آهي ته 40 لک غير ملڪين جا ڪارڊ ٺهڻ واري ڳالهه جي ترديد ڪيان ٿو ڇو ته 2019ع کان وٺي هن مهل تائين ڪل 29 لک ڪارڊ ٺهيا آهن ته پوءِ 40 لک ڪارڊ جعلي ڪيئن ٺهي سگهن ٿا، خير ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ لاڳاپيل ڪميٽين کي اهو مامرو جاچ لاءِ موڪليو آهي، سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي جي گهرو مامرن جي ڪميٽي ڌار ڌار انهن مامرن جي جاچ ڪنديون، ظاهر آهي ته اهڙي رپورٽ ڏيندڙ ايف آءِ اي کي طلب ڪري ان جي وضاحت ورتي ويندي ۽ نادرا جا عملدار به طلب ٿيندا. هاڻي وري اچون ٿا افغاني مهاجرن طرف جيڪڏهن وڌيڪ لکن جي تعداد ۾ افغاني مهاجر ٻيهر اچي ويا ته ان جا سنڌ سميت ملڪ تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا ان بابت هاڻي ئي مختلف ڳالهيون ٿي رهيون آهن، وفاقي حڪومت جا ذميوار اهو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته افغاني مهاجرن جي روپ ۾ افغاني طالبان به اچي سگهن ٿا ۽ ايئن مختلف قسم جا خدشا سامهون اچي رهيا آهن. افغانستان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻڻ لڳي آهي، داسو هائيڊرو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ 9 چيني شهرين سوڌو 13 ڄڻا دهشتگردي جي ڪارروائي جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن واقعي بابت پهريان ته حڪومت ان کي بس جو حادثو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ وفاقي حڪومت اهو تسليم ڪيو ته ان واقعي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته ان واقعي واري هنڌ تان بارود مليوآهي، افغانستان جو مسئلو هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ خراب ٿي رهيو آهي، ايئن هر گذرندڙ ڏينهن سان پاڪستان لاءِ به چئلينجن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان کي افغانستان جي صورتحال سبب پريشاني آهي، جنهن جو اظهار پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به ڪيو ويو، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کي آرمي چيف، آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ ٻين بريفنگ ڏني هئي ۽ اها تمام ڊگهي بريفنگ هئي جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو هو ته عيد کان پهريان هڪ وڌيڪ اجلاس طلب ڪيو ويندو پر هاڻي عيد جون موڪلون شروع ٿيڻ لڳيون آهن پر قومي سلامتي جو ٻيهر اجلاس عيد کان اڳ نه ٿي سگهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته عيد کان پوءِ اجلاس طلب ٿئي پر هن صورتحال ۾ وقت انتهائي اهم آهي، هڪ ڏينهن جي ضايع ٿيڻ بجاءِ پاڪستان کي ايندڙ صورتحال بابت پنهنجي حڪمت عملي کي حتمي صورت ڏيڻ گهرجي، پارليامينٽ کي افغانستان جي صورتحال کي سامهون رکي آمريڪا ۽ چين وچ ۾ امڪاني ڪشيدگي کي به نظر ۾ رکي پنهنجي حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي، ڇو ته ان آمريڪا جنهن جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ اسٽيٽ طور ڪم ڪيو، نيٽو فورسز کي ته افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي پر پاڪستان پنهنجي ملڪ اندر فوج، سول ادارن ۽ سياسي يڪجهتي سان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، جنهن آمريڪا جي جنگ ۾ پرويز مشرف هڪ فون ڪال تي شامل ٿي ويو، ان آمريڪا افغانستان ڇڏڻ کان پهريان ان جا پاڪستان تي اثر ڇا پوندا جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ افغانستان مان روانگي شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا آگسٽ ۾ مڪمل ٿيندي. آمريڪا پاڪستان کي امڪاني غير يقيني جي صورتحال ۾ مبتلا ڪرڻ جهڙو ڪم ڪري ڪو دوستاڻو ثبوت ناهي ڏنو پر ان کان به وڌيڪ اڃان ٻيا چئلينج به آمريڪا پاران اسان جي ملڪ جي سامهون اچڻ جا خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن جن ۾ هڪ چئلينج ايئربيس آمريڪا پاران گهرڻ وارو به شامل آهي، چون ٿا ته هن وقت تائين باضابطه طور تي آمريڪا پاران پاڪستان کان ايئربيس يا اڏا نه گهريا ويا آهن پر ان کان اڳ ئي پاڪستان پنهنجو موقف ميڊيا ذريعي آمريڪا سامهون رکي ڇڏيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي اڏا نه ڏيندو، پاڪستان جنگ جو حصو نه ٿيندو، پاڪستان امن جو حصو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو بيان ته اهم آهي پر آمريڪا بهادر جيڪڏهن پاڪستان کان اڏا ڏيڻ جي حوالي سان ضد ڪئي ته پاڪستان لاءِ ان موقف تي قائم رهڻ لاءِ قومي يڪجهتي جي ضرورت پوندي ۽ ان سان گڏ آمريڪا بهادر جي ناراض ٿيڻ سان معاشي طور تي ڪهڙا ۽ ڪيترا چئلينج پاڪستان کي درپيش ٿي سگهن ٿا ان جو اندازو به هر ڪوئي ڪري سگهي ٿو. عمران سرڪار لاءِ افغانستان ۾ جي صورتحال ۽ آمريڪي پاليسي وڏي چئلينج طور سامهون اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.