اها هلندڙ مهيني جي پهرين تاريخ هئي جڏهن ملڪي تاريخ جو شايد پهريون اهڙو اتفاق ٿيو آهي، جو قومي سلامتي ڪاميٽي جهڙي اهم فورم جي سڀ کان اهم اجلاس ۾ ملڪ جو موجوده وزيراعظم پاڻ شريڪ نه ٿيو هجي يا کيس شريڪ ٿيڻ کان روڪيو ويو هجي!
قومي سلامتي ڪاميٽي هن ملڪ جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ٺاهيل سڀ کان اهم فورم چيو وڃي ٿو، هن فورم ۾ ملڪ ۽ صوبن جون تمام وڏيون ۽ اعلي’ سول فوجي قيادتون ميمبر طور شامل آهن، جنهن ۾ پاڪ فوج جا ٽئي سربراهه، آءِ ايس آءِ سربراهه، ملٽري انٽيليجنس جو سربراهه شامل آهن. ان کان علاوه هن فورم ۾ مڃيل قومي ماهرن کي به ضرورت پوڻ تي گهرايو ويندو آهي. قومي سلامتي ڪاميٽي ۾حڪومتي سطح تي وري وزيراعظم، وزير دفاع ۽ صوبن جا 4 وڏا وزير شامل هوندا آهن. پهرين جولاءِ واري اجلاس ۾ اپوزيشن طرفان قائد حزب اختلاف ۽ وڏين پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ جن ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان بيمار هجڻ ڪري وري ان جو نمائندو شريڪ ٿيو. قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ جي هال ۾ منعقد ڪيو ويو ۽ طئه ٿيل اصولن موجب سڀني شرڪت ڪندڙن جا موبائل فون هال کان ٻاهر ئي ورتا ويا، ان جو سبب اهو آهي ته ملڪي سلامتي بابت محسوس ٿيندڙ خطرن تي فوجي سربراهه جيڪو به ڳالهائي اهو ڪنهن به طرح ڪير به رڪارڊ نه ڪري سگهي. اجلاس ۾ فوجي سربراهن پاران ڏنل بريفنگ 8 ڪلاڪن تائين هلندي رهي. 8 ڪلاڪ جي بريفنگ ۾ پاڪ فوج جي سربراهه ۽ ٻين حساس ادارن جي سربراهن وقت به وقت ملڪ جي چونڊيل نمائندن جي سامهون تازي صورتحال ٻڌائي. اهڙي اهم اجلاس جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي، پاڙيسري ملڪ ۾ هلندڙ صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪمت عملي، ملڪي سلامتي لاءِ کنيل اپاءُ، عوامي نمائندن جي ڄاڻ ۽ حمايت لاءِ سامهون رکيا ويا ان ۾ وزيراعظم جو شامل نه هجڻ ملڪي قيادت جي اهليت تي هڪ سواليه نشان ڇڏي ويو آهي.
حڪومتي سطح تي سڀ کان پهرين جيڪا وضاحت آئي اها شيخ رشيد ڏني ته وزيراعظم ڪسان ڪانفرنس ۾ مصروف آهي. هڪ ته اها ڪانفنرس قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس کان وڌيڪ اهم ڪونه هئي، ٻي ڳالھه ته جيڪر عمران خان ڪسان ڪانفرنس ۾ مصروف به هو ته اها هڪ ٻه ڪلاڪن تائين جي هئي، جيڪا اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ هو سڌو قومي سلامتي ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ اچي پئي سگهيو، اها ٻي ڳالھه آهي ته جنهن ڪسان ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شريڪ ٿيو اها هڪ ناڪام ڪانفرنس ثابت ٿي، جو ان ۾ سنڌ صوبي جي ڪنهن به هاري يا آبادگار اڳواڻ يا ته پاڻ شرڪت نه ڪئي يا وري کين سڏيو ئي نه ويو هو. سنڌ مان ان ڪانفرنس ۾ شايد ڪنهن کي ان ڪري به ڪونه سڏيو ويو هو جو سنڌ کي حڪومتي سطح تي هن ملڪ جو حصو ئي تسليم نٿو ڪيو وڃي. سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سنڌ جي عوام کي نظرانداز ڪرڻ جو اهو سلسلو هن حڪومت جي پهرئين ڏينهن کان هلندڙ آهي.
بهرحال ڳالھه پئي هلي قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي جنهن جي ٻئي ڏينهن وري فواد چودري پنهنجي ليڊر جي سنت پوري ڪندي يوٽرن ورتو ۽ فرمايو ته قائد حزب اختلاف شهباز شريف جو مطالبو هو ته عمران خان نه اچي، جي هو ايندو ته آئون بائيڪاٽ ڪندس. اهڙي بيان جي وري مريم اورنگزيب صاحبه ترديد ڪئي. پ پ جي بلاول ڀٽو ته بريفنگ وقت وزير اعظم جي غير موجودگي تي سخت احتجاج ڪيو ته قومي سلامتي ڪاميٽي جي هن اهم اجلاس ۾ وزيراعظم جو موجود نه هجڻ قابل مذمت عمل آهي. ليڪن هن سموري ماجرا بابت منهنجو ساڳيو ئي خيال آهي ته رانديگر وزيراعظم جي هن دور ۾ اها ميچ به اڳواٽ فڪس ٿيل هئي. ڇاڪاڻ ته بجيٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن حڪومت ۽ حزب اختلاف وچ ۾ اسيمبلي فلور تي وڏي ڇڪتاڻ نظر آئي، پ پ بلاول ڀٽو زرداري ۽ حڪومت جو شاهه محمود قريشي آمهون سامهون ٿيا. پر ٻئي ڏينهن تي اوچتو وزيراعظم کي امپائر جون اهي هدايتون مليون ته اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ اپوزيشن جي ليڊرن جي ڪردار ڪشي نه ڪئي وڃي ۽ تقرير سڪون سان ڪري هليو وڃي. ماضي وانگر نواز ۽ پ پ جي ذاتي ڪردار تي ڪابه تنقيد نه ٿيڻ گهرجي. امپائر جي اهڙن اشارن جو سبب شايد اهو ئي هو ته ٻئي ڏينهن تي قومي سلامتي ڪاميٽي جي بريفنگ هئي، جيڪا هر صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ اها ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي اهو پيغام وڃي ته ملڪ جو عوام چاهي ڪهڙي به پارٽي سان هجي پر ملڪي سلامتي لاءِ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پوءِ هو ان ڳالھه ۾ ڪامياب پڻ ويا.
ٻي ڳالھه ته اعليٰ اختيارين شايد حزب اختلاف جي قائد کي يقين ڏياريو هجي ته اوهان بجيٽ اجلاس ۾ پنهنجن ويهن پنجويهن ساٿين سميت شرڪت نه ڪيو ته جيئن بجيٽ پاس ٿي وڃي، جنهن جي بدلي ۾ اوهان کي ۽ ملڪ جي عوام کي اهو ڪري ڏيکارجي ته قومي سلامتي ڪاميٽي جهڙو اهم اجلاس ملڪ جي وزيراعظم کان سواءِ به هلائي سگهجي ٿو.!
ٿي سگهي ٿو ايئن به هجي ته عمران خان کي هاڻ ملڪي اهم مسئلن ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي هجي، يا اهو سوچجي ته شايد هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان جي به ڪا خاص ضرورت ڪانه آهي!
اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ کان پوءِ شهباز شريف پاڻ کي ڪامياب تصور ڪندو هوندو ۽ هو مريم نواز جي اڳواڻي ۾ ن ليگ جي هارڊ لائين ڌڙي اڳيان چئي سگهي ٿو ته: ڏسو، منهنجي مفاهمت واري سياست ڪامياب وئي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ حزب اختلاف جي وچ ۾ برف ڳري رهي آهي. قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ رات جو ڊنر ٿيو، جنهن ۾ شريڪ هر سياستدان واري واري سان آرمي سربراهه جنرل باجوه سان ڳالهه ٻولهه لاءِ آتو نظر آيو، جتي مشاهد حسين ۽ رانا ثنا الله منٿ جي انداز ۾ کيس گذارش ڪئي ته ن ليگ يعني اسان به ان پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جنهن پگهار تي عمران خان ڪم ڪري رهيو آهي. جنرل باجوه به انهن کي واضع طور چيو ته نواز شريف منهنجي ذات خلاف الزام تراشي ڪئي اها مون برداشت ڪئي ليڪن کيس اهو پيغام ڏيو ته جيڪڏهن نواز شريف پاڪ فوج جي خلاف ڳالهايو ته اهو انڪري به ناقبل برداشت هوندو جو اهو ملڪي بچاءُ جو اهم ادارو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ته بريفنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ جلد هليو ويو ۽ ماني جي دعوت ۾ به شريڪ ڪونه ٿيو، جو ان شايد سمجهيو هوندو ته ن ليگ ۽ حڪومت کي هڪ ٻئي جو سهڪاري ڪرڻ وارن ۽ هڪ ٻئي کي اين آر او ڏيڻ وارن عملن جو ڪو ته نتيجو نڪرڻو آهي!
مٿين سموري صورتحال ۾ جنهن ۾ عسڪري قيادت غيرملڪي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ آمريڪي فوجن جي واپسي بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ کان پوءِ آمريڪي فوجي واپسي به شروع ٿي وئي. اوهان ڏٺو ته آمريڪا ۽ يورپ جي فوجن جي واپس وڃڻ سان گڏ بگرام فوجي اڏو جيڪو گذريل 20 سالن کان آمريڪي فوج جي ڪنٽرول ۾ رهيو اهو افغانسان جي فوج حوالي ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ اهو به چيو ويو ته افغانستان مان هاڻ آمريڪي ۽ يورپي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ طالبان ۽ افغانستان جي فوج ۾ گهرو ويڙهه جي وڌڻ جو وڏو خدشو آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان مان هڪ دفعو وري عام ماڻهن جي ڀاڄ جو عمل شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دفعو وري افغانستان جي ماڻهن جو رخ پاڪستان طرف ٿيندو. جڏهن ته پاڪستان اڳ ۾ ئي لکين افغان پناهگيرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي رهندڙ لکين افغان پناهگيرن جي هجڻ وارو معاملو اٿاريندي چيو ته سنڌ وڌيڪ پناهگيرن جو بار کڻي نٿي سگهي. البته هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغانين خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ افغانين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي.
هن وقت جڏهن افغانستان ۾ آمريڪي فوجن جي واپسي شروع ٿيڻ سان ئي غيرملڪي صورتحال ڊرامائي انداز ۾ بدلجڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف افغانستان ۾ ڀارت جي قونصل خاني تي هلان ٿئي ٿي ته ٻئي طرف وري ڀارت افغانستان کي هٿيار مهيا ڪرڻ جو معاهدو به ڪري ٿو ته ٽئين طرف طالبان پاران پيش قدمين جي ڪيل ڳالهين کان پوءِ افغانستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر گهرو ويڙھ شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان تي پوندڙ اثرن واري اهم مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ملڪ جي سڀ کان سگهاري فورم جي سڀ کان اهم بريفنگ ۾ ملڪ جي وزيراعظم جي غير موجودگي ڪيترائي سوال اٿاري رهي آهي!