پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪي به جمهوري دور رهيا آهن، انهن سڀني دورن ۾ ڪو هڪ به اهڙو دور ناهي گذريو جنهن دور ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي اهميت کي حڪمران جماعت اها اهميت ڏني هجي جيڪا اهميت پارليامينٽ جي پاڪستان جي آئين مطابق آهي يا جيڪا اهميت حڪمران جماعت مخالف ڌر جي دور ۾ ڏيندي آهي. ائين هر جماعت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پارليامينٽ جي اهميت کي نظرانداز ڪندي پنهنجي پوري اقتدار جي ۽ حڪومت جي طاقت کي پارليامينٽ کان ٻاهر يعني وزيراعظم هائوس ۽ ايوانِ صدر جي ڪنٽرول ۾ رکيو آهي. موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت پارليامينٽ کي جنهن روين سان هلائي پئي يا پارليامينٽ ڏانهن جيڪو خود وزيراعظم جو رويو آهي، اهو ماضيءَ جي تمام حڪمران جماعتن ۽ وزير اعظمن کان ٻه قدم وڌيڪ وڌيل ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ کان جمهوري ۽ آئيني حڪمراني کان ڪيترائي قدم پوئتي هٽيل رهيو آهي ۽ رهندو اچي ٿو. هي پنهنجي انهن واعدن کان هٽڻ جا ته ڪيترا به دليل ڏئي پيو ۽ ٻڌائي پيو ، پر هن وقت تائين هن پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي لاءِ جيڪي تقريرون ڪيون ۽ پنهنجي موجودگيءَ جا واعدا ڪيا، انهي تي عمل نه ڪرڻ جي ڪا به وضاحت هن وقت تائين ناهي ڏئي سگھيو. اها تنقيد رڳو عمران خان تي ناهي پر ماضيءَ جي سڀني وزير اعظمن جي تاريخ ۾ رويا ساڳيا ئي رهيا آهن. آمريتن جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومت، يا پاڻ انهن کي پارليامياني حڪومتون چئون ته بهتر، انهن تي جيڪڏهن تنقيد ڪيون ته معاملو سمجھه ۾ اچي ٿو، ڇو ته اهي محتاج ۽ مجبور ۽ غلام جمهوريتون قيدي حڪومتون رهيون آهن، تنهن ڪري انهن وٽ وضاحتن جا دليل ڪيترا به ڪمزور هجن پر موجود حقيقون وڌيڪ طاقتور رهيون آهن. ان دور ۾ به هڪ دور اهڙو ضرور رهيو آهي جنهن دور ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي سوال تي وزير اعظم تمام گھڻو زور ڏنو ۽ بيٺو به ۽ اهو دور ضيا الحق جي ڊائل ڪيل اليڪشن کان پوءِ قائم ڪيل غير جماعتي پارليامينٽ جنهن کي بعد ۾ جماعتي رنگ ڏنو ويو ۽ محمد خان جوڻيجي کي وزير اعظم چونڊرايو ويو.
جوڻيجي صاحب اهڙي آمرانه دور ۾ رهندي به پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي سوال تي چڱو خاصو زور ڏيندي پهريون ڀيرو پارليامينٽ جي آڏو هن ملڪ جي اسمگلرن، ڏيوالو نڪتل ڪردارن جا نالا سامهون آندا ويا هئا، سڀ کان وڌيڪ تاريخي قدم کڻندي جوڻيجي صاحب هي اعلان ڪيو هو ته جمهوريت جي بحال ٿيڻ کان پوءِ ايمرجنسي کي لاڳو ڪري نٿو سگھجي تنهن ڪري ايمرجنسي هٽائڻ جو اعلان ڪيو. اوجڙي ڪيمپ سانحي تي هن جو ورتل اسٽينڊ اسان سڀني کي ياد آهي ۽ هي به تاريخ جو ڪجھه نه ڪجھه يادگار دور رهندو، جو هن پارليامينٽ جي اجلاسن دوران وڌ کان وڌ پنهنجي حاضري ڏيکاري، پر انهيءَ کان پوءِ يا پهريان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙن پارليامينٽ جي لاءِ جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو اسان سڀني جي اڳيان آهي. ها نواز شريف حڪومت خلاف عمران خان جي ڌرڻن وقت نواز حڪومت کي بچائڻ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار ڪيترو طاقتور هو يا کڻي هيئن چئون ته اسٽيبلشمينٽ جي آڏو ن ليگ سان پ پ پ ۽ ٻيون جماعتون جيڪي بيٺيون انهن ثابت ڪيو ته پارليامينٽ جيڪڏهن ڪردار ادا ڪري ته ڪيتري طاقتور ٿي سگھي ٿي. ڇو ته طاقتور پارليامينٽ ئي طاقتور قوتن کي منهن ڏيڻ جي سگھه رکي ٿي، ليڪن جڏهن خوف جا ڪڪر آسيرا پاسيرا ٿا ٿين وقت جي حڪومت تي ڪنهن وڄ ڪرڻ جو خطرو ناهي ته پوءِ پارليامينٽ ايتري ڪمزور ٿي ٿئي يا ڪئي ٿي وڃي جو يا ته جگلري بحث تو تو مين مين گارين جي منڊي بڻائي ٿي وڃي يا وري صدارتي آرڊيننس کي پاس ڪرڻ جي لاءِ رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ٿو وڃي. ڇا سياسي جماعتون ۽ انهن جا ليڊر انهيءَ حقيقت کان واقف ناهن؟ سموريون سياسي جماعتون هن حقيقت کان ايتريون واقف آهن، جيترو اسان سوچي به نٿا سگھون پوءِ سوال هي پيدا ٿو ٿئي ته ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي، جو پارليامينٽ جي بالادستي ۽ اهميت کي گھٽائي ۽ ان کي هڪ گوڙ شور جو ادارو بڻايو ٿو وڃي. ڇا کين اها خبر ناهي ته ڪمزور پارليامينٽ جمهوريت کي تمام گھڻو ڪمزور ڪندي ۽ نه رڳو ڪمزور ڪندي پر ان جو مستقبل به اونداهو ڪري ڇڏيندي.
اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته گذريل سينيٽ جي دور ۾ رضا رباني جڏهن سينيٽ چئيرمين هو ته هن سينيٽ جي اداري کي ڪيترو مضبوط ڪيو جو نواز شريف کي به اچڻ تي مجبور ڪيائين ۽ صاف اعلان ڪيائين ته جيڪڏهن حڪومتي وزير سينيٽ اجلاسن ۾ نه ايندا ته پوءِ اجلاس ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي. ان دور ۾ سينيٽ جي افاديت ۽ اهميت جو احساس سڀني کي ٿيو نه رڳو احساس ٿيو پر اداري پنهنجي طاقت به ڏيکاري، اهوئي سبب هو جو ان ٽرم پوري ٿيڻ کان پوءِ سينيٽ جي ٻئي اليڪشن ۾ نواز شريف رضا ربانيءَ جو نالو تجويز ڪندي پ پ پ کي چيو ته اسان رضا رباني جي خلاف ڪو به اميدوار نه آڻينداسين، ليڪن زرداري صاحب پنهنجي زرد سياسي چالن کي ڏيکاريندي تجويز جي مخالفت ڪئي ۽ صادق سنجراڻي کي اڳيان آندو. مشرف کي مک جيان ٻاهر ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ زرداري اهو ڪڏهن به اهو اعتراف ناهي ڪندو ته صادق سنجراڻي کي اڳتي آڻي هن جيڪو حاصل ڪرڻ پئي چاهيو اهو ڪري به سگھيو يا نه! ظاهر آهي ته ناڪام چالن جو اعتراف وڏا ليڊر ڪندا آهن ۽ جيڪو پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ناهي ڪندو اهو ضدي ۽ ٻيو ڪجھه ئي ٿي سگھي ٿو. پاڻ ان بحث ۾ گھڻو اڳتي نٿا وڌون پر موضوع جي مناسبت سان اهوئي نقطو وڌائيندي بحث ڪريون ٿا ته سياسي جماعتن جا سڀئي ليڊر پارليامينٽ جي بالادستي جي سوال تي وڌيڪ حمايت ڪندي ٻه قدم پوئتي هٽيل ڇو رهندا آهن؟ ڇا انهيءَ جو بنيادي سبب انهن جي پنهنجي ليڊر شپ آهي؟ ڇا هو اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته پوري پارليامينٽ جي شعور کان وڌيڪ ليڊر جو شعور آهي! يا ليڊر صاحب پارليامينٽ جي ڪردارن کي غير اهم ۽ پنهنجي شطرنج جا پيادا تصور ڪندو آهي. ها جڏهن جنرل مشرف پارليامينٽ جي لاءِ غير پارليامياني لفظ استعمال ڪيا هئا ۽ پوءِ آخر تائين هن انهن لفظن تي معذرت نه ڪئي هئي پر تڪبري انداز سان حقارتي مرڪ هن جي چهري تي اچي ويندي هئي، ڇا ساڳيو رويو يعني خاموش حڪمتِ عملي سان پارٽي ليڊرن جو ناهي رهيو ۽ جي رهيو آهي ته انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ صرف ۽ صرف مخصوص گروهي مفاد ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جو ڪريڊٽ کڻڻ ۽ پوري پارليامينٽ جي ڪردار کي پنهنجي مٺ ۾ ڀيڪوڙي رکڻ جي حڪمتِ عملي رهي آهي. هو نٿا چاهن ته جمهوريت هنن جي مٺ کان ٻاهر نڪري.اقتدار ۽ جمهوريت هنن جي لاءِ هڪڙي سڪي جا ٻه پاسا آهن. بيشڪ هاڻي خواجه آصف پارليامينٽ جي اندر بيهي چئي” ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪمزور هوندي ۽ ووٽ کي عزت نه ڏني ويندي ته پوءِ اقتدار جي لاءِ پنڊيءَ جي طرف نظرون کڄنديون “ تنقيد ۾ ته اهي لفظ هوندا آهن پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ ڪجھه گم ٿي ويندو آهي. موجوده سياست جي فطرت پنهنجي اقتداري جبلت سان ظاهر ٿيندي اهو ئي عمل ڏيکاريندي آهي، جنهن عمل ۽ ڪردار تي ماضي ۾ تنقيد ٿيندي آهي. جيڪڏهن پارٽيون ۽ پارٽين جا باشعور فرد چاهن ٿا ته سياست جي ان رويي کي تبديل ڪجي ته پوءِ هنن کي سڀ کان پهريان يعني پارليامينٽ جي بالادستي جي سوال تي گھڻي بحث ڪرڻ کان پهريان خود پارٽي جي اندر پارٽي آئين ۽ منشور جي بالادستي جي سوال تي بحث ڪرڻ گھرجي ۽ کليو اعتراف ڪرڻ گھرجي ته اسان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجھه ڪيو اهو هي غلط ۽ هي صحيح هو. پارٽي جي ليڊر کي پابند ڪرڻ ته ليڊر ۽ پارٽي جي اندر هڪ توازن هجڻ گھرجي ليڊر جو ڪردار پارٽيءَ جي لاءِ هجي نه ڪي پنهنجي گروهي مفاد ۽ خانداني بالادستي لاءِ. پارٽي اندر جيڪڏهن نظرياتي بالادستي قائم نٿي ٿي سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ اصول پرستيءَ جو کليو اظهار ٿيڻ گھرجي. خوشامدي ۽ منافق ٽولي تي ايتري تنقيد ٿئي جيتري تنقيد هو مخالف پارٽيءَ جي خوشامد پسندن تي ڪن ٿا. ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪو ڪجھه اسان چاهيون ٿا اهو /ڏسو صفحو 8 بقايا 03
عملي طور ٿيندي نظر اچي؟ ڇا تاريخ جي ارتقا اهو سڀ ڪجھه حاصل ڪرائيندي يقينن ڪرائيندي پر انهيءَ لاءِ شرط اهوئي آهي ته ارتقا جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جا پٽا نه هجن. جيڪڏهن سياست جي اندر ذلتي خوشامد پسندي رهي ته پوءِ پارٽيون دانشور نه پر لال جا چوها پيدا ڪنديون ۽ پوءِ پارليامينٽ جي بالادستيءَ جو سوال ليڊر جي اڳيان شطرنج جي مهري جيان رهندو يا وري ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ جيان ته هن کي کڻي ڪاٿي رکڻو آهي ۽ ڪهڙي اينگل ۾ ڦيرائڻو آهي.