چاچو شاھنواز جوڻيجو سنڌ جي سدا بھار شخصيت ھو اھڙيون شخصتون صدين کانپوءِ پيدا ٿينديون آھن ۽ لاڏاڻي بعد وڏو خال پئدا ڪري وينديون آھن. مون پھريون دفعو کيس مخدوم ھائوس تي ڏٺو ان بعد ساڻس دعا سلام ٿي جيڪا نيازمندي ۾ تبديل ٿي وئي. ڪافي دفعا سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ به وڃڻ ٿيندو ھو، مختلف اشوز تي ڪچھريون به ٿينديون ھيون. پاڻ وڏو فراغ دل مھمان نواز غريبن جو ھمدرد ھو. چاچو شاهنواز جوڻيجو سنڌ عوام دوستي سنڌ جي ثقافت جو امين ھئڻ ڪري ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه وڏيري طور مشهوري ماڻي.
چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو،
ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. ڪير چاچا شاهنواز جوڻيجو مان ڪيتريون به خاميون ڪڍي پر منجهس جيڪي خوبيون هيون اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن کان ڏاڍو متاثر هئا. سندس فيصلا ڪرڻ جي انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو.
هڪ دفعي هن دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مون زندگي ۾ عشق جي حد تائين ٽن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان ۽ فدا حسين ڏيرو شامل آهن. هڪ دفعي فدا حسين ڏيرو جو چاچو شاهنواز جوڻيجو وٽ ذڪر نڪتو ته پاڻ سنجيده ٿيندي چيو ته فدا حسين ڏيرو منهنجو ٻچو آهي، منهنجو ۽ سندس ٺاهه ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، پر فدا حسين ڏيرو جو قد جيڪو منهنجي مخالفت ۾ بلند ٿيو آهي اهو مون سان ٺاهه بعد ننڍڙو ٿي ويندو، جيڪو آئون نه ٿو ڪرڻ چاهيان. شاهنواز جوڻيجو بابت هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن سندس پهرين شادي ٿي ته هن ٻٽ ۾ اجرڪ پائڻ پسند ڪئي.
چاچو شاهنواز جوڻيجو 1932ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪلهن تي پيون. پاڻ جيترو دلير هو ايترو اصول پرست پڻ، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه سکيو هو. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙندا هئا. پر اڳتي هلي جڏهن 2001ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جون ڪجهه معزز شخصيتون امام الدين شوقين، وهاب انصاري، حسن جميل، فريد طاهر ۽ ٻين شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهرائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو ويو. چاچا شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ 1962ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلع ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو،
1988ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو، ليڪن ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو.
1993ع ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني ويئي، اتان کان پ پ پ ضلع قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا، بعد۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ چاچا شاهنواز کي ڏني ويئي.
پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ 6 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس 6 حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، انڪار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه مڙس ماڻهو اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي.
شاهنواز جوڻيجو جي تعليم ٽن درجن کان به گهٽ هئي، پر سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون پڙهي ويندو هو. کيس انگريزي جيل ۾ رفيع شفي ۽ رسول بخش پليجو سيکاري، کيس فارسي ٻولي تي به عبور حاصل هو، پاڻ تاريخي، نفسياتي ڪتاب دلچسپي سان پڙهندو هو، کيس لطيف سائين جا لاتعداد شعر ياد هوندا هئا. پاڻ لطيف سائين جي شعرن جي تشريح به اهڙي انداز ۾ ڪندو هو، جو ٻڌندڙ حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. شاهنواز جوڻيجو صبح سوير اٿندو هو، ورزش ڪندو هو، بعد ۾ گهوڙا ڊوڙائيندو هو ۽ زمين تي ويندو هو.
سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر دي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند 14 جولاءِ تي صبح جو 4 وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. سنڌ جو عوام اڄ به کيس ياد ڪندو آهي.