اشو آف دي ڊي … ڇا ٽين عالمي جنگ لڳڻ واري آهي: ايران جي اسرائيل تي حملي بعد بحث شروع

0
38

 ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي بحث شروع ٿي ويو، سوال اٿاريو ويو ته ڇا ٽئين عالمي جنگ لڳڻ واري آهي، عالمي ڇڪتاڻ جي حوالي سان به تبصرا ڪيا ويا، ان حوالي سان شيئر ٿيندڙ ڪجهه مواد کي جعلي به قرار ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران طرفان اسرائيل خلاف جنگي ڪارروائي کي نالو ڏنو ويو آھي: سچي واعدي وارو آپريشن Operation True Promise. دنيا جا جنگي تجزيا نگار ان ڳالھ تي متفق آھن ته ايران جي دمشق واري سفارتخاني تي حملو ڪري، اسرائيل طرفان ايران کي سڌي جنگ لاءِ ڀڙڪايو  ويو ۽ ايراني قيادت بدلي جي نالي تي اسرائيلي جنگي ڄار ۾ ڦاسي پئي آھي. ھونئن غزه جي معاملي ۾ حماس، حذب الله، حوثي ۽ عراقي مليشيا جھڙين پراڪسي قوتن جي لڪ ڇپ ۾ مدد ڪري رھيو ھو. ايراني ڪارروائي سان دمشق سفارتخاني ۾ ٻن ايراني ڪمانڊرن جي شھادت جو بدلو پورو ٿيڻ کان پوءِ ايران ۾ جشن ملهايو ويو آهي ۽ اسرائيل وري ايران کان بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي قيادت راتوڪي ايراني حملي وقت اسرائيل جو تحفظ ڪرڻ باوجود ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ باقاعده جنگ جي حق ۾ نه آھي. ڇاڪاڻ ته پوءِ ايران سان گڏ روس، چين ۽ اتر ڪوريا سميت ڪجھه مسلمان ملڪ به جنگ ۾ ايران جي ڌر بڻجي ويندا، جيڪا ڳالھه آمريڪا جي اليڪشني يا معاشي ۽ جنگي مفادن جي خلاف ھوندي ۽ يورپ بدران ايشيا مان ٽين عالمي جنگ جي شروعات ٿي ويندي. جڏھن ته اڳي پھرين ۽ ٻي عالمي جنگين جو مرڪز يورپ رھيو آهي، پر ھن ڀيري ايشيائي خطو پھريون ڀيرو ڪنھن عالمي جنگ جو مرڪز بڻبو.  ۽ جيڪڏهن ايشيا کنڊ عالمي جنگ جو مرڪز بڻيو ته آمريڪا جي عالمي صوبيداريءَ جو انت ٿي سگهي ٿو ۽ دنيا ھڪ طرفي عالمي غنڊا راڄ مان نجات حاصل ڪري وٺندي. محسن ٻٻر روسي صدر پيوٽن جي ٽوئيٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران اسرائيل جنگ اپ ڊيٽ: روسي صدر پنھنجي ٽوئيٽر پيغام ذريعي دنيا کان  پڇيو آھي ته جيڪڏھن ٽين عالمي جنگ لڳي ٿي ته توھان ڪھڙي پاسي بيھندا؟

ڌر نمبر 1: روس، چين، ايران، يمن ۽ اتر ڪوريا

ڌر نمبر 2: نيٽو، آمريڪا، اسرائيل ۽ برطانيا

اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي زاهد ڏهوٽ لکيو ته لڳي ٿو ڪم وڌندو، رياض سولنگي لکيو ته مطلب ڪم مچي پيو شيطان نه مڙندو جنگ لڳي ئي لڳي، ذوالفقار واهوچو لکيو ته اها جنگ لڳي ته گهٽ ۾ گهٽ 10ڪروڙ ماڻهو مارجي ويندا، ان کان ٽيڻا ماڻهو معذور ٿيندا، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ختم ٿي ويندا، نوان ملڪ جنم وٺندا، هي دنيا مڪمل جهنم بڻجي ويندي.اليگزينڊر جاويد لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو تباهي اسرائيل جي ئي ٿيندي، آمريڪا ڀڄي ويندو يهودين کي ڇڏي، احمد سنڌي لکيو ته اهو روسي صدر جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ناهي، امام الدين به ردعمل ڏنو، فيصل علي لغاري لکيو ته اهو آفيشل اڪائونٽ ناهي، ممتاز علي لکيو ته اهو جعلي اڪائونٽ آهي، محبوب شيخ لکيو ته خدا خير ڪري، محمد حسن هاليپوٽو لکيو ته پوري دنيا آمريڪا جي ذھني طور خلاف آھي صرف ان ڪري جو امريڪا ھميشه ڪاھه ڪري ڪمزور ملڪن تي هٿرادو سبب ٺاھي بم وسايا آھن…..ان ڪري روسي صدر کي معلوم هجڻ گهرجي ته دنيا سڀ ملڪ اعلانيه توڙي اڻ اعلانيه آمريڪا واري ڌر جي خلاف آھن. ان ۾ نيٽو جا ملڪ به آھن،جيڪي پاڻ وانگر مجبوري سبب چپ آھن پر اھي به پاڻ وانگر آمريڪا جي نه صرف شڪست ڏسڻ چاھين ٿا پر آمريڪا جي وڏي تباهيءَ ڏسڻ چاھين ٿا. احسان لغاري به ردعمل ڏنو، اعجاز اي نظاماڻي لکيو ته اهو جعلي ٽوئيٽ آهي،يوسف رضا ٻٻر لکيو ته اسان ته ايران سان گڏ آھيون اصول ۽ حق تي ھلڻ وارن سان گڏ آھيون، علي انور آزاد لکيو ته ڪو پاڳل ئي جنگ جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، شاهد چانڊيو لکيو ته اهو ايڪس اڪائونٽ روسي صدر جو آفيشل ناهي جيستائين روس جي وزارت خارجا طرفان آفيشل بيان اچي تيستائين اھڙي ڳالھين کي شيئر ڪرڻ کان پرهيز ڪجي. ذاڪر احمد سوڍو، ستار ڪنگراڻي ۽ علي مجتبيٰ سنگراسي به اهو جعلي قرار ڏنو، وارث رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ ته پاڻ ئي هڪ مسئلو آهي جنگ ڇا مسئلن کي حل ڏيندي، باهه ۽ رت بخشيندي، بک ۽ احتجاج سڀاڻي ڏيندي، ذوالفقار راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا ٽئين عالمي جنگ جي تياري ٿي رهي آهي؟ جنهن تي هري آر ڪي لکيو ته بي قصور انسانن جو قتل عام ٿيندو، عابد حسين لکيو ته جنگ خوفناڪ آهي پر غلامي بدترين آهي، غلام مصطفيٰ شيخ اسرائيلي جهازن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي تصوير تل ابيت ايئرپورٽ جي آھي، مس اندر ۽ دل ٺري آھي. اقبال جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته ايران کي اسرائيل ۽ آمريڪا واھ جو سبق ڏيندا بس چند ڏينهن جو انتظار ڪيو ،سلطان احمد مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان آمريڪا جا غلام ناهيون.