وچ اوڀر جو امن ۽ عالمي برادريءَ جي ذميواري

0
27
ڪڻڪ جو ميگا اسڪينڊل ۽ جاچ ڪميٽيءَ جو لالي پاپ

دمشق (شام) واري ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران 200 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ ميزائلن سان اسرائيل تي حملو ڪيو آهي ۽ ان ڪارروائي کانپوءِ ايران تنبيهه ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جوابي ڪارروائي ڪئي ته ان کي وڏي پئماني تي جواب ڏنو ويندو. ايران آمريڪا کي پڻ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي جوابي ڪارروائي جي حمايت آمريڪي اڏن کي نشانو بنائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اسرائيل موجب: “ايرو” نالي دفاعي نظام ۽ خطي ۾ موجود اتحادين جي مدد سان حملي کي ناڪام بڻايو ويو آهي. آمريڪي صدر بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا ايران خلاف اسرائيلي جوابي حملي ۾ حصو نه وٺندو. ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيل جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس چيو آهي ته دنيا هڪ ٻي جنگ جي سهپ ساري نٿي سگهي. هن اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي ٻنهي ڌرين تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.

اسرائيل هميشه عالمي امن جي لاءِ خطرا پيدا ڪندو رهيو آهي. اسرائيل وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جو چوڪيدار بڻيل آهي، ان ڪري آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ان جو هر انگل آرو برداشت ڪندا رهيا آهن ۽ ان جي ناجائز ساٿ ڏيڻ ۾ پڻ اڳڀرا رهيا آهن. غزا ۾ اسرائيل ڇا ڪيو، اهو سڀ دنيا جي سامهون آهي. هو اتي جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ ايتري قدر جو فلسطينين تي فاسفورس جو استعمال ڪندو رهيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي غزا جو ڪاسائي سڏيو پيو وڃي، ان مان اسرائيلي جنگي جنون جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. آمريڪا اسرائيل کي هُشي ۽ هٿيارن جي آڌار تي خطي ۾ دهشتگرديءَ لاءِ معاونت ڪندو رهيو آهي. ان سڄي عمل جي حمايت ۾ آمريڪا اڪيلو ناهي پر ان سان گڏ برطانيه، فرانس ۽ ٻيا ملڪ پڻ شامل آهن. غزا ۾ اسرائيل جيڪا لڳاتار قيامت برپا ڪري رکي آهي، عالمي برادري ان جي زباني ڪلامي مذمت ڪندي رهي آهي پر اهڙو رد عمل نه ڏيکاريو ويو آهي، جهڙو هن ڀيري اسرائيل تي ايراني حملي کانپوءِ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ايتري قدر جو غزا ۾ ڪوس تي مسلم ملڪن جي خاموشي پڻ حيرت جوڳي رهي آهي. توڙي جو دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هو، پر ان تي دنيا جو ايترو رد عمل نه آيو، جهڙو اچڻ گهرجي ها. آمريڪا، جيڪو اسرائيل دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي، اهو پڻ ان عالمي قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي اسرائيل کي ڪا سخت تنبيهه ڪري نه سگهيو. اسرائيلي جنگي ڏوهن تي سڀ خاموش آهن، ايتري قدر جو عرب ملڪن جي خاموشي به ڏسڻ وٽان آهي. البته اسرائيلي جنگي ڏوهن خلاف ڏکڻ آفريڪا معاملو عالمي عدالت ۾ کڻي ويو آهي پر عرب ملڪن کان ايترو به نه ٿيو، جو اتي جا اڪثر حڪمران آمريڪا جا “ڏن- ڀرو راجا” آهن ۽ انهن اڪثر ملڪن ۾ آپيشاهي نظام آهي، جن ملڪن جي حڪمرانن کي پنهنجي آپيشاهي برقرار رهڻ لاءِ دنيا جي لٺ سردار آمريڪا جي حمايت درڪار آهي، ان ڪري اهي خاموش رهن ٿا. توڙي جو هن ڀيري آمريڪا ڪنهن نئين اسرائيلي جوابي ڪارروائي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ان ۾ سچائي نه آهي. جڏهن به اسرائيل تي ڪو ڏکيو مرحلو ايندو آهي ته آمريڪا ڏورا ڏيکاري ميدان ۾ لهي پوندو آهي ۽ اسرائيلي اڳرائي کي، ان جي دفاع جو حق قرار ڏيندو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن ڀيري آمريڪا يوڪرين جنگ ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ وري ڪنهن نئين جنگ جي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسڻ جي سهپ ساري نٿو سگهي.

مڃيون ٿا ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي پر اهو خود هڪ مسئلو آهي. جنگ تباهي جو استعارو آهي. جيڪڏهن وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ اڃان وڌي ٿي ته معاملا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي سگهن ٿا، جيڪا ايتري تباهي آڻي سگهي ٿي، جنهن جو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي. هي پهرين ۽ ٻين عالمي جنگ وارو دور ڪونهي، هن وقت هن گرهه تي ايترا ته جديد ۽ خطرناڪ هٿيار گڏ ڪيا ويا آهن جو هن گرهه کي ڪيترائي ڀيرا تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ان ڪري آمريڪا کي به خطي ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ ان لاءِ سڀ کان پهرين کيس وچ اوڀر جي ڪاسائي اسرائيل کي ناڪيلي وجهڻي پوندي ته جيئن خطي جو امن ممڪن بڻجي سگهي.