سوال/سروي … برسات انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي: عوام

0
39

 ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ برسات، اوهان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آهي ؟ انتظاميا ڪي قدم کنيا آهن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات جي ڪري روڊ رستا ٻڏي ويا آهن، فصلن کي نقصان پهتو آهي پر انتظاميا پاران ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام عباس جمالي لکيو ته اسان وٽ اڃا تباهيون ڪونهن ٿيون، بشير جوڻيجو لکيو ته اسان وٽ بوندا باندي ٿي آهي گهڻي برسات کان رب پاڪ پنهنجي حفظ امان ۾ رکيو آهي باقي اسان جي ننڍڙي شھر منڍ جمڙائو تي معمولي برسات ٿيڻ کان بعد گوڏي جيڏو پاڻي پندرهن ڏينهن بيٺل رهندو آهي انتظاميا ڪجھه به ناهي ڪيو پوري ضلعي ۾، انتظاميا صرف بجيٽ کائڻ ڄاڻي ٿي، ڪير ٻڏي ڪير مري انتظاميا کي بجيٽ گهرجي ، ارشاد علي سومرو لکيو ته دادو ضلعي ۾ ڦلجي اسٽيشن واري علائقي ۾ زوردار ڳڙي گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات پئي جنھن ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو سوين وڻ پاڙئون پٽجي ويا بجليءَ جي ٿنڀن ڪرڻ سان گڏ سوين سولر پليٽن جا پلانٽ پٽجي ويا سولر پليٽون ذرا ذرا ٿي ويون فصلن کي نقصان پهتو حڪومت پنھنجي ڪمن ۾ مصروف آھي ميھڙ تعلقي ۾ ٽي ڪلاڪ ھلڪي بوند سان برسات وسندي رھي جنهن سبب شھر توڙي ڳوٺن جا روڊ رستا گپ ٿي ويا آھن ۽ گندگيءَ ۾ اضافو ٿيو آھي، صدام حسين لکيو ته خانوٺ ۾ اَسان وٽَ ڪو خاص مينھن ناهي پيو، ڪالھه کان وٺي جُھڙ آهي، ڪالھه صرف لائيٽ خراب ٿي هُئي سا به صُبح جو ٺاهي ويا. جيئن ته اسان جابلو اعلائقي ۾ رهون ٿا اُن ڪري پاڻي نيڪالي جو به ڪو مسئلو درپيش نٿو اچي. ضمير بلوچ لکيو ته رات ٺري ميرواھه ۾ ڪجهه سٺو وسڪارو پيو 80 سيڪڙو ڪڻڪ نڪري وڃڻ ڪري گھٽ نقصان ٿيو موسم جهڙالي آھي، عبدالرئوف سومرو لکيو ته درياخان مري ۾ في لحال هلڪي بارش ٿي آهي ماشاءَ الله گذريل حڪومت طرح نئين حڪومت به ڪا سهولت فراهم ناهي ڪئي اميد آهي ته موسمي صورتحال کي ڏسي ڪري روڊ رستا ڊرينيج سسٽم کي ٺيڪ ڪندا، ممتاز علي سميجو لکيو ته ميرپوربٺورو ضلعي سجاول ۾ صبح کان هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو موسم خوشگوار آهي ٿورو گهڻو کرن ۾ پيل سورج مکي ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهتو آهي، جاويد اختر خاصخيلي لکيو ته ماتلي جي صورتحال برسات ۾ تمام خراب ٿيو وڃي ميگا سٽي جي رکيل رقم الائي ڪهڙي کاتي هلي وئي شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو برساتن دوران شھرين ڏکين حالتن کي منهن ڏيندا آھن نالين جي صفائي وغيره نه هئڻ سبب روڊ رستا گنڌين نالين جي پاڻي هيٺ اچيو وڃن جڏهن ته شھر ۾ صفائي نالي ماتر ڪئي وڃي ٿي بازار ۽ منڊي اندر گند اڪثر پيل هجڻ ڪري بدبوءِ ڦھليل هوندي آھي پر جڏهن برسات پوندي آهي ته شھر ۾ ڪيل ڪم ظاهر ٿيو پئي، اسد زرداري لکيو ته اسان جي سرھاڙي شھر ۾ برسات پوڻ سان روڊن رستن تي پاڻي جمع ٿيو وڃي گٽر اٿليو وڃن شھر جي صورتحال تمام خراب ٿيو وڃي شهر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آھي ٿوري برسات پوڻ سان انتظاميا جي پت وائکي ٿيو وڃي گٽر ۽ نالين جي صفائي وغيره نه هئڻ سان روڊ پاڻي هيٺ اچيو ٿا وڃن جنھن سبب ڪيترائي ڏينھن شھرين کي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، دليپ ڪمار لکيو ته اسان وٽ رات کان ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، خاموش خليل شر لکيو ته طوفان سبب ڪرونڊي ۾ سولر پليٽون ڊش اينٽا ڪکاون گھرن جا ڇاپرا وڻ ڪري پيا ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي، شاهين سومار لکيو ته اسان جي شهر ڏيپلو ۾ في الحال هلڪي برسات آهي پر جيڪڏهن زوردار برسات اچي ٿي ته گٽر ابتا هلندا آهن انتظاميه رگو بل ٺاهي مال ميڙڻ ۾ پوري آهي، امتياز لغاري لکيو ته اسان ضعلي ٽنڊوالھيار تعلقي چمبڙ يوسي لانڊي جي ڳوٺ جيوڻ لغاري ۾ برسات پوڻ سان زميني رابطو ختم ٿي وڃي ٿو ان جو وڏو سبب ھن ڳوٺ کي روڊ جي سھولت نه آھي، اشفاق چانڊيو لکيو ته تقريبن گهٽين ۾ پيور بلاڪ لگي چڪو آهي باقين وچ شهر جي اهڙي صورتحال آهي سڄي گندگي اتي ٿي ٿئي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته اسان جي شهر مقصودو رند ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ برسات کان پوءِ رستا روڊ سڀ ٻڏل نظر اچن پيا ٽائون يا وري يوسي چيرمين جي طرفان ڪابه سهولت مجود ناهي پاڻي نيڪالي جي لاءِ شهري توڙي ڳوٺن وارا سخت پريشان آهن انتظاميا ماٺ ۾ پنهنجي بنگلن تائين محدود آهي، سيف علي سولنگي لکيو ته سنڌ حڪومت صرف نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي آهي باقي پاڻ منهن ڏيو، ايم يونس ٻٻر لکيو ته ڪوٽڙي 12وڳي کان برسات وسي رھي آھي، سمير احمد لکيو ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي ۾ برسات ٿي برسات سبب بجلي فون نيٽ ورڪ بند ٿي ويو آهي. صاحب خان ڪلمتي لکيو ته ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي آهي، امداد علي هنڱورجو لکيو ته ھا انتظاميه ٻوڙڻ جي چڪر ۾ آهي پر شڪر الله پاڪ جو ايتري برسات ناھي،  محمد بلال ٻرڙو لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي انتظاميا ننڊ پئي آهي، نقاش پيرزادو لکيو ته برسات ڪنڊيارو ۾ نارمل پر ڪڪر اڃا موجود آهن، انتظاما اپاءِ ڪجھه ڪونه ورتا آهن، رڳو بجيٽ کائي ويندا، شاهد بلوچ لکيو ته نارا ۽ چونڊڪو وارن علائقن ۾ ڪالھه کان وٺي گھڙي گهڙي کن هلڪي هلڪي برسات هلي پئي في الحال برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ برسات سبب ڪڻڪ جي فصل کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو آهي، باقي رهي ڳالھه ڊرينج سسٽم جي اها چونڊڪو جي عوام آڏو صاف ظاهر آهي. ايم آچر ڪنڀر لکيو ته اسان وٽ ٿرپارڪر ۾ اڄ صبح کان ھلڪي ھلڪي برسات ۽ ھوا جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي ۾ اڃا برسات ناهي پئي، محمد فياض وساڻ لکيو ته د يھه اڀپور رات کان ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪالھه کان وٺي گھڙي گهڙي کن هلڪي هلڪي برسات هلي پئي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ برسات سبب ڪڻڪ جي فصل کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو آهي، باقي رهي ڳالھه ڊرينج سسٽم جي اها ڏوڪري جي عوام آڏو صاف ظاهر آهي. سڄڻ ميرجت لکيو ته اڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي رات کان وٺي تيز برسات جو وسڪارو صبح تائين جاري رهيو ڪڻڪ ، جي ديرن، انبن جي باغن کي تيز هوا سبب ڪافي نقصان پهتو، انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا آهن روڊ رستا گهٽيون گندگي جي ور چڙهيل آهن، ٽائون عملو به غائب رهيو، ضعلي انتظاميا کي نوٽيس وٺڻ کپي،محبوب کوسو لکيو ته پنگريو ۾ ھلڪي ھلڪي بارش ھلي پئي گھڻي گپ ۽ گاري سبب عوام پريشان آهن، پنگريو جي ماهوار 3 ڪروڙ بجيٽ آهي جيڪا ظاهر نٿي ڪئي وڃي، سنتوش ڪمار لکيو ته برسات سبب گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا.