آخر ماڻھو غريب ڇو ھوندو آھي؟

 

اسان جي سنڌ ۾ هميشه غربت جو روئڻ ۽ ڌوئڻ رهيو آھي ڪٿي نه ڪٿي هڪ نه هڪ جڳھ تي غربت سبب آپگھات جي رپورٽ داخل ٿيندي آھي پوءِ ڀلي اُھي سنڌ ۾ ڪٿي به هجي، ھاڻي اچون ٿا اُصل موضوع تي، غُربت ڪيئن ختم ڪبي آھي؟ مون اڪثر نوجوانن کي ڏٺو آھي، جن جا پُڻ والدين غريب هوندا آھن جيڪي هاري تي انھن جو گذر سفر ھوندو آھي پر نوجوان پُڻ واحياتن ڇوڪرن جي يار ۽ لوس پائي جي چڪر تي سڄو ڏيھن واندا ڪرڪٽ کيڏاندا آھن پوءِ والدين مجبورن قرض مرض کڻي انھن جا شاديون ڪندا آھن، شادي کان بعد زندگي جا مسئلا وڌي ويندا آھن، گهر جا خرچ وڌي ويندا آھن، هڪ مهانگائي ٻيو گھر جو خرچ پوءِ انسان جو ذھن ڪم ڪرڻ به ڇڏي ويندو آھي، آخر ھاڻي ڇا ڪرڻو آھي پوءِ ان وقت پڇتائڻ کان سواءِ ڪجھ ناھي هوندو، جڏھن توهان جو ڪم ڪرڻ جو محنت ڪرڻ جو وقت ھوندو آھي، ان وقت توهان ڪرڪٽ ڪنھن ٻئي شيءِ ۾ وقت برباد ڪندا آھيو، جيڪڏھن ان وقت توهان جي علائقي ۾ ڪم ڪار ناھي توھان اهو ڪرڪيٽ ۽ فضُول وقت زيان کان توهان هليا وڃو ڪنھن ٻئي وڏي شھر اندر اُتي توهان مزدوري محنت ۽ ڪيتري پرائيويٽ ڪمپني ۾ سولائيءَ سان ڪم ڪري سگهو ٿا پر اسين ڪنداسين ڇو؟ ڇو ته اسان جا والدين سڄو ڏيھن ڪمائيندا آھن، پُٽ اکين تي عينڪ لڳائي سڄو ڏيھن واندن ڇوڪرن سان رلندو رلندو شام وڃي گھر پڃندو آهي يا وري سڄو ڏيھن ھوٽلن تي پنھنجو وقت برباد پيو ڪندو آهي، ڇو ته ان کي اهو ذهن ۾ ناهي هوندو ته سڀاڻي اسان جو ۽ اسان جي مستقبل ۾ اسان کي ڪيترو ڏکيو وقت ايندو، پوءِ جڏھن هٿ ۾ ڪجھ ناھي هوندو گهر جا خرچ گهڻا ھوندا آھن ته غربت ۽ تنگ دستي گهڻي ٿي ويندي آھي پوءِ ماڻھو آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي. سياڻن چيو آھي ته خراب وقت کان پھريان خراب وقت جي لاءِ تياري ڪري ڇڏجي. توهان راند ۽ فضول ڳالهين ۾ وقت برباد ڪرڻ کان ڀلو آھي ته توهان ڏيھن ۾ سئو رپيا ڪمايو پر ڪمايو ضرور، جيڪڏھن سئو جا توهان شام جو پٽاٽا ورتا ته توهان جا والدين ڪيترو خوش ٿيندا، چوندا ته اسان جو پُٽ اسان جو ٿڪ لاهي ڇڏيو آهي، مھرباني ڪري پنھنجي قيمتي وقت ۽ نوجواني فُضول ڪمن ۾ وڃائڻ کان بچايو ۽ پنھنجو مستقبل ٺاھيو !

 

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

 

مٽلا شاخ ٻيلو جي آبادگارن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا پئي ملي؟‎

 

هيءَ تصوير ڪنهن گٽر نالي جي نه پر سرسبز ۽ سهڻي ڌرتي سنڌ جي هڪ شاخ نالي “مٽلا شاخ ٻيلو” جي آھي، جنهن جي ڪيتري ئي وقت کان صفائيءَ ۽ کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري انساني زندگي، جانورن توڙي زمينن تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري ماڻھو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهن، هن شاخ سان لاڳاپيل زميندارن جون زمينون بنجر ۽ چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو آھي. ياد رهي ته هيءَ اها مٽلا شاخ آھي جيڪا هزارين ماڻھن جي روزگار جو ذريعو پڻ بڻيل آھي. هتان جا رهواسي پنهنجي زندگيءَ جو گذر سفر زمينن ۽ چوپائي مال تي ڪن ٿا پر ايريگيشن کاتي جي عدم دلچسپي ۽ بيڌياني جي ڪري هتان جا رهواسي سخت پريشان آھن، ڄاڻايل شاخ جي صفائي، کاٽي توڙي پاڻيءَ جي فراهمي نه ٿيڻ جي ڪري ماڻھو ڪا به آبادي نٿا ڪري سگھن، ان کان سواءِ پاڻي نه ھئڻ ڪري چوپائي مال جي ڪري اڃ مرڻ لڳو آھي، ٻيو ھڪ مسئلو ته ٻيلو بئراج جا دروازا صحيح نه هئڻ ڪري هن شاخ کي پاڻي جو مقدار تمام گھٽ ملي ٿي، جنهن سبب فصل وقت سر پوکي نٿا سگهجن ۽ زميندار ۽ هاري طبقو ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏئي ٿو. ھن شاخ جي ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ آباد آھن پر شاخ جي اهڙي حالت هئڻ ڪري پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آھن، ھن شاخ سان هزارين ماڻھن جي زندگي جڙيل آھي. ايريگيشن کاتي، ضلعي سجاول جي عملدارن ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندي اياز شاھ شيرازي کي گذارش ٿي ڪجي ته ڄاڻايل مسئلي طرف ڌيان ڏئي آبادگارن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن انساني آبادي توڙي جانورن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ٿي سگهي ۽ سک جو ساهه کڻي سگھن.

 

غلام علي“گل” ٻجورو/ سجاول

 

سنڌ ۾ هلندڙ هائوسنگ اسڪيمون ۽ ختم ٿيندڙ زراعت!

 

اسان جي سنڌ ۾ گهڻو ڪري هاڻ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هائوسنگ اسڪيمن وڏو زور پڪڙي ورتو آهي ۽ هر ٻئي ڏينهن هڪ نه هڪ نئين اسڪيم شروع ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ماڻهن کي قسطن عيوض پلاٽ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي قسطون عام طور تي 3 يا وري 5 سالن لاءِ هجن ٿيون پر انهن اسڪيمن ۾ گذريل سال ڪيترن ئي اسڪيمن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو هو پر تنهن جي باوجود انهن اسڪيمن کي ڪو به روڪرائي نه سگهيو آهي، ظاهري طور تي ته اهي اسڪيمون شهر يا ٻهراڙي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن پر اصل ۾ انهن اسڪيمن سان زراعت جو پڻ وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، ڇو ته ماڻهو ڪجهه وڌيڪ پئسن جي لالچ جي ڪري پنهنجي زرعي زمين فصل ڪاهڻ جي بجاءِ انهن اسيڪمن ۾ ڀٺيءَ ۾ ٻاري رهيا آهن ۽ زراعت بجاءِ پلاٽنگ تي ڀاڙي رهيا آهن، جيڪو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي، جڏهن ته ڪيترائي آبادگار پنهنجون زمينون اسڪيمن ۾ ڏئي علائقي مان ئي لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، جنهن سبب زراعت هجي يا زمين ۾ موجود وڻ سڀ اسڪيمن وارا ڪٽرائي ڪري خالي پلاٽ ڪري ڇڏين ٿا، جنهن سبب زراعت هجي يا وڻڪاري ٻنهي کي نقصان رسي رهيو آهي، ايتري قدر جو اسان جي ملڪ ۾ ماحوليات تبديليءَ پڻ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي پر افسوس ته اسان ۽ اسان جا حڪمران ان ڳنڀير مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اسان ڪجهه پسئن جي لالچ سبب آهستي آهستي پنهنجي ذرخيز زمينن کي تباهه ڪندا پيا وڃون، جنهن جي ڪري ايندڙ وقت ۾ اسان وٽ وڏا پلازا يا سوسائٽيون ته نظر اينديون پر زراعت توڙي ٻيلو تباهه ٿي ويندو. حڪومت کان مطالبو آهي ته ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڏئي هائوسنگ اسڪيمن کي صرف شهرن تائين محدود ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جيڪو زرعي صوبو آهي تنهن جون زرعي زمينون، پلاٽ بڻجڻ کان بچي سگهن.

 

آصف علي/ سکر

ماڊل سيف اسڪول ڪچي پل کي آپريٽر جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو!

 

لاڳيتو ڪيترن ئي سالن کان قدرتي آفتن کي منھ ڏيندڙ پٺتي پيل  قبوسعيد خان تعلقي جي 10 هزار کان وڌيڪ آبادي رکڻ واري شھر ڪچي پل ۾ تعليم نه هجڻ جي برابر آھي، ڪچي پل ۾ سيف جي سهڪار سان هلندڙ هڪ دادلي انسان دوست ماڊل اسڪول آھي جتي ڪچي پل شھر سميت ڀرپاسي جي پري پري تائين ڳوٺن مان سوين تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اچي تعليم پرائي رهيون آھن، سنڌ حڪومت طرفان سيف انسان دوست ماڊل اسڪول ڪچي پل جي ٻارڙن جي بهتر تعليم اسڪول ۾ داخل ٻارڙن کي گهربل سهولتون ڏيڻ لاءِ اسڪول سان لاڳاپيل آپريٽر کي لکين رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ کان پوءِ به اسڪول جي موجوده حالت ابتر بڻيل آھي. سيف ڊويزن لاڙڪاڻي انتظاميان پاران لڳاپيل اسڪول جي معاملن کي شاگرد دوست رکڻ لاءِ مانٽرنگ ٽيم ئي نه جوڙي وئي آھي ۽ نه ڪنهن اعليٰ اختيارين اسڪول جي تباهه ٿيندڙ حالت جو جائزو وٺڻ مناسب سمجهيو آهي. اسڪول جي سڄي نظام کي آپريٽر جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، جيڪو سيف جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي تعليم بدران اسڪول کي بزنس طور هلائي رهيو آھي، سنڌ سرڪار پاران ڪچي پل علاقي جي سوين ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ جاري ٿيندڙ فنڊ ۾ اسڪول جي هاڻوڪي آپريٽر علي شير بروهي پاران اسڪول تي خرچ ڪرڻ بدران ڪاغذي لکت ۾ هيراڦيري ڪندي ڪرپشن ڪري سنڌ سرڪار سان ڌوڪو پيو ڪيو وڃي، جڏھن ته اسڪول ۾ استادن جي ڀرتي واري مرحلي ۾ به مقامي سطح تي اشتهار جاري نه ڪري غير قانوني رستو اختيار ڪري گهٽ تعليم وارا استاد مقرر ڪري ٻارڙن جي مستقبل کي داءَ تي لڳائي ويو آھي، اسڪول ۾ داخل ٻارڙن لاءِ سنڌ سرڪار پاران موڪليل نصاب ٻارڙن کي نه پيو ڏنو وڃي، ڪتابن جي کوٽ سميت پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به ناهي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا اسڪول جي دائري مان ٻاھر نڪري وڃي هوٽلن تان پاڻي پيئندا آھن، جڏھن ته ڪلاسن ۾ پکا نه هجڻ ڪري ٻارڙا سخت گرميءَ ۾ پڙھي رهيا آھن، جنهن جي ڪري ڪيترائي اسڪولي ٻارڙا  گرمي سبب بيمار ٿيڻ ڪري وارثن کين اسڪول اچڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، جڏھن ته اسڪول ۾ باٿ روم جي سهولت نه هجڻ ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت تڪليف کي منھن ڏئي رهيا آھن، اسڪول جي ابتر حال تي ڪيترائي ڀيرا اسڪول ۾ داخل ٻارڙن جي والدين اسڪول جي ھاڻوڪي آپريٽر علي شير بروهي کي حالت سڌارڻ لاءِ چيو آهي پر هن مهل تائين سندن پاران نوٽيس ناهي ورتو ويو، جنهن تي والدين ڳڻتيءَ ۾ ورتل آھن، سيف جي پاليسي تحت سيف اسڪول آپريٽر ان ڳالھ جا پابند آھن ته اسڪول ۾ ٻارڙن جي دلچسپي ۽ سندن جي ٽيلنٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا رانديون، چٽا ڀيٽي ڪرائڻ ۽ مختلف قومي يا ثقافتي ڏھاڙن تي اسڪولي ٻارڙن ۾ ٽيبلوز پيش ڪرائڻ جا پابند آھن پر ذڪر ڪيل اسڪول ۾ نصابي تعليم به اڻپوري آھي، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ سيف جي اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته تعلقو قبو سعيد خان جي وڏي آبادي رکندڙ شھر ڪچي پل ۾ سيف جي سهڪار سان هلندڙ ماڊل اسڪول ۾ سهولتن جي اڻھوند جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري ماڊل اسڪول کي زوال پذير ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ سنڌ سرڪار پاران تعليم جي وڌاءَ لاءِ جاري ٿيندڙ فنڊ جو درست استعمال ڪري اسڪول ۾ ماهر استاد رکي اسڪول جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ مانيٽرنگ ٽيم جوڙي داخل ٻارڙن جي وارثن جا خدشا ختم ڪري اسڪولي ٻارڙن کي گهربل سهولتون ڏئي علائقي واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

خادم حسين جاگيراڻي/ ڪچي پل

 

ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ!

 

(حصو چوٿون)

 

بشير رياض ڪيس ۾ عدالت جي ڪردار متعلق ٻڌائي ٿو ته ڀٽي صاحب تي احمد رضا قصوري جي والد جي قتل جي الزام ۾ جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو هو اهو پاڻ عدالتي ضابطن جي ڀڃڪڙي هو، قتل جا عام ڪيس پهرين مرحلي ۾ سول ۽ سيشن عدالت ۾ ويندا آهن، پوءِ انهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون ڪيون وينديون آهن، جنرل ضياءَ جي بدنيتي جو اهو ثبوت هو ته ڪيس سڌو سنئون لاهور هاءَ ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صمداني کي صرف ان ڏوهه ۾ عدالتي منصب تان هٽايو ويو ته ان ڀٽو جي ضمانت منظور ڪئي هئي، مولوي مشتاق جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو بينچ جوڙي وئي ته ان سڀ کان پهريان ڀٽو صاحب جي ضمانت رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مسعود محمود جي شاهدي تي گهڻي ڳالهه ٿيندي آهي، ان بابت بشير رياض جو چوڻ آهي ته فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي ڊائريڪٽر مسعود محمود کي 05 جولاءِ 1977ع جي رات گرفتار ڪيو ويو ان جي بيان جي بنياد تي استغاثا ڪيس بيهاريو ته ڀٽو صاحب جي حڪم سان احمد رضا قصوري کي قتل ڪيو ويو، ٻڌڻي جي پهرين ڏينهن ئي ايف ايس ايف جو اهلڪار ميان عباس عدالت ۾ بيان ڏئي استغاثا کي ڍير ڪري ڇڏيو ته ان کي تشدد جو نشانو بڻائي بيان ورتو ويو آهي، عدالتي ڪارروائي ٻڌڻ لاءِ غير ملڪي ميڊيا ۽ قانوني ماهرن جي وڏي انگ ۾ موجود هجي ها جن بعد ۾ سڌو سنئون چيو ته ڪارروائي بديانتي سان هلائي پئي وڃي، آمريڪا جي اڳوڻي اٽارني جنرل رمزي ڪارروائي ٻڌڻ بعد هڪ مضمون ۾ لکيو ته ڀٽو صاحب جو ڪيس جهڙي طرح هلي رهيو آهي ته صرف انهن جو اهو ئي مقصد آهي ته هر صورت ۾ ان کي تخت دار تي چاڙهيو وڃي، مولوي مشتاق 18 مارچ 1978ع جي صبح ڀٽو صاحب کي قصوري جي قتل جو ڏوهي قرار ڏئي ان کي موت جي سزا ٻڌائي ويٺو، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل بعد ڀٽو صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل کان ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، 04 اپريل تي ڦاهي ڏئي کيس شهيد ڪيو ويو جنهن جي شهادت تي دنيا ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ قانوني ماهرن ردعمل ڏنو، جي ڪو عالمي ردعمل کان لاتعلق رهيو ته اهو هو جنرل ضياءَ ۽ ان جي حڪومت ۽ ان وقت جا جج جن انصاف بجاءِ ذاتي انتقام کي مقدم ڄاتو بشير رياض ان باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته برطانيا ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون ڀٽو جون شاگرد هيون، ان جا دوست ۽ گهڻا عقيدتمند هئا، سڄي دنيا ۾ ان جي موت تي سخت ردعمل آيو 06 ۽ 07 اپريل تي لنڊن ۾ عالمي جيورسٽ ڪانفرنس جو انتظام ڀٽو جي شهادت کان پهريان ڪيو ويو پر بقول بشير رياض جي ته گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته هاڻي ان ڪانفرنس جو ڪو فائدو ناهي پر ذوالفقار ڀٽو جي وڏي پٽ مرتضيٰ ڀٽو جوش ۽ جذبي سان ضياءِ ڊڪٽيٽر جي ناانصافي بي نقاب ڪرڻ جو عزم دهرايو ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس نائيٽس برج ۾ ڪارلٽن هوٽل ۾ ٿي هئي جتي دنيا جي ممتاز قانون دانن ۽ دانشورن ڀٽو جي ڪيس جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ۽ ان کي جڊيشنل مرڊر قرار ڏنو هو. (جاري)

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

مظلوم بڻيل سنڌ جو عوام ۽ سنڌ پوليس!

 

(حصو ٻيون ۽ آخري)

جنھن ۾ پڻ ڏوھاري قسم جا ماڻھو ملوث نڪتا جنھن کي ميڊيا جي نمائندن بيخوف ٿي منظرعام تي آندو، اھڙي صورتحال ۾ جتي عوام ڌاڙيلن جي ٽارگيٽ تي ھجي، شھرن جا شھر ننڍن ننڍن چورن جي نشاني تي ھجن، عوام جو جيئڻ جنجال ھجي اتي پوليس جو ڪردار انتھائي نرالو نظر اچي ٿو، پوليس جون ڪيتريون ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون جنھن ۾ ڪچي جي ڏوھارين سان گڏ ويٺل نظر آيا يا وري ڪنھن ڪارروائي ۾ ڌاڙيلن کي ڪاررواين کان روڪڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر اچن ٿا، آخرڪار پوليس جا جوان پيشيور ڏوھارين سان نرمي ۾ پيش ڇو ٿا اچن، ان حوالي سان ذريعن جي ڄاڻ ملي ته سپاھي کان ويندي آفيسر تائين پوليس ۾ بدليون ۽ مقرريون سياسي بنيادن تي ٿين ٿيون، جڏھن به پوليس آزاداڻي ڪردار ادا ڪندي ڪنھن ڏوھاري کي گرفتاري ڪري ٿي ته فورن سياسي فون تي ڏوھاري کي رليف ملي وڃي ٿو ۽ ڏوھاري جي دل وڏي ٿي وڃي ٿي جنھن بعد ڏوھن جي دنيا ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي وڃي ٿو، ان سان گڏوگڏ ڪچي جا ڏوھاري پڻ پوليس جي مدد حاصل ڪرڻ ۾ مھارت رکن ٿا، پوليس جي گمنام ساٿ سبب ھو اڪثر پوليس ڪارروائين کان بچي وڃن ٿا ان جو مثال ڪيترائي پوليس آفيسر اھڙن الزامن سبب معطل ٿي چڪا آهن، پوليس جي غير سنجيدگي ۽ غير معياري ڪارڪردگي سبب لاڳيتو بدامني وڌندي وئي، جنھن بعد حڪومتون مجبور ٿيون آھن ته ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو وڃي، جنھن جي پلاننگ پڻ شروع ٿي چڪي آهي، ڪچي جي علائقن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به شامل آهي، ان سان گڏوگڏ شھرن ۾ چوريون ڦرون ڪندڙ ننڍا گروھ پڻ مبينا پوليس مقابلن ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ پڻ ٿي رھيا، جنھن سبب ڏوھاري گروھن ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي، جيڪڏھن اھڙو پوليس جو ڪردار رھيو ته ڪجھ ئي وقت ۾ بدامني جو راڄ بلڪل ختم ٿي ويندو. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته جتي به ڏوھارين جا خطرناڪ ٽولا ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث آھن، سڀني جي خلاف بغير ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري، ڇا ڪاڻ ته ماضي ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وڏن خطرناڪ ڏوھارين کي پناھ سياستدانن جي حاصل رھي آھي جنھن ۾ سکر، گھوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور وغيره شامل آهن، جيڪڏھن اعلانيل پوليس آپريشن ۾ سياسي مداخلت نه ٿي ۽ تيزي سان آپريشن جاري رھيو ته ڌاڙيل ڪلچرل ختم ٿيندو، آءِ جي سنڌ ھن ڀيري ڪيئن ڌاڙيلن جي نرسرين کي ختم ڪرائڻ لاءِ ذھانت استعمال ڪري، اھو آپريشن جا نتيجا ٻڌائيندا.

 

فدا ميراڻي/ پنوعاقل، سکر

الڪاسب حبيب الله!

 

(حصو ٽيون ۽ آخري)

 

انهن جي عيبن جي وڏي پرده پوشي ڪئي ويندي آهي، انهن جون وڏيون تعريفون به ٿينديو آهن، انهن وڏيرن ۽ ڪامورن گڏجي جيڪي عوام جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي عياشيون ڪن ٿا، ملڪ جو پئسو لٽي انهن جو ڪو به حساب ڪتاب نه ٿو ٿئي، اهي ليٽرا ملڪ جي قانون کان به ڏاڍا نظر اچن ٿا ۽ اسان عوام ماڻهو انهن کي پنهنجي سر جو سائين سمجھون ٿا، جيڪي عوام جي خدمت بدران عوام جي حقن کي لتاڙيندا رهن ٿا. سنڌ جي هر ضلعي جي سرڪاري ادارن ۾ سياسي پٺڀرائي رکندڙ نااهل ڪامورن جي نفري مقرر ڪري پنهنجي مفادن خاطر ادارن کي لٽيندا رهن ٿا، سنڌ جي هر ٿاڻي تي پنهنجا آفيسر رکائين ٿا، ٿاڻن کي چورن جا پاٿاريون بڻايو وڃي ٿو، قانون کي يرغمال بڻائي معاشي بدناميءَ جي فضا قائم ٿيل هوندي آهي، اهڙي طرح تعليم ۽ هيلٿ ڪيئر ادارن کي به هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، هن وقت اسان وٽ اميرن جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين گاڏين ۾ چڙهي وڏن شهرن ۾ وڏي درسگاهه ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا آهن. امير بيمار ٿين ته وڏين اسپتالن جو رخ ڪندا آهن، ان ڪري سرڪاري اسپتال جو ملڪ جي عوام کي ته آءِ ايم ايف وٽ گروي ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري عوام کي ترقي واري روشني نصيب نٿي ٿئي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو وڏي اسپيٽ سان وڌڻ عوام جي لاءِ وڏو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. عوام کي سياسي حڪمرانن جي طرفان ڪوبه مهانگائي کان بچاءَ وارو رليف ناهي ملي سگھيو، سياستدانن جو عوام دوست وارو ڪردار پنهنجي موت مري چڪو آهي، نام نهاد سياسي ماڻهو پاڻ کي ليڊر پيا سڏين ليڊر جو عملي ڪم اهو هوندو آهي ته قوم جون زندگيون ڪاميابي طرف وٺي وڃڻ ۽ ملڪ ۾ خوشحالي پيدا ڪرڻ هوندو آهي، سچي ليڊر جي زندگي ۽ سياست عوام جي لاءِ وقف ٿيل هوندي آهي، سندس خدمتن محبتن ۾ صرف عوام هوندي آهي. اها سچي محبت عوام ۾ اتساهه پيدا ڪندي آهي، سچي ليڊر شپ عملي وجود سان سرشار نظر ايندي آهي پٺتي پيل اٻوجھ سادن ماڻهن کي انهن جا جائز حق ڏيارڻ جو اعزاز به مليل هوندو آهي پر افسوس جي ملڪ ۾ اهڙي ليڊر شپ جو وڏو ڪال پئجي ويو آهي، انهن پنهنجي سياست سان گڏ عوام جو به تماشو بڻايو آهي. اهي سياستدان نظر ته انسان اچن ٿا پر انهن جي انسانيت اڃا پيدا ٿي ناهي سگهي، جا شيءِ انسان کي انسان بڻائي ٿي اها پاڻ ۾ اڃا پيدا ناهن ڪري سگھيا، اسان پاڻ ۾ مزاحمتي سگھ پيدا ڪرڻ ۾ گھڻا خوفنائتا ٿي چڪا آهيون، پاڻ کي اونداهيءَ ۾ پنهنجي اندر ۾ جيءَ کي ڳوليندا نظر اچون ٿا جيڪو آواز انسانيت جو معراج آهي، انهيءَ کان انڪاري ڇو آهيون؟ اسان منافقي کي سچ سمجھي ويٺا آهيون، اسان ڪرپٽ سسٽم کان پاڻ ۾ بيداري پيدا ناهيون ڪري سگھيا. اسان جي ضمير جو آواز اسان جي اندر ئي اندر ۾ اسان جي بزدلي تي ماتم ڪري رهيو آهي، اسان زنده هوندي به مرده آهيون ڇو جو اسان اڄ تائين پنهنجي خوشين جا چور سڃاني ناهيون سگھيا.

 

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن