پي اين اي ٽُو ٺاهيو پيو وڃي، انهي سان آمريت اچي سگهي ٿي، اسلام آباد جا بابو عوام جي خوشحالي نٿا چاهين: آصف /بلاول

0
42
پي اين اي ٽُو ٺاهيو پيو وڃي، انهي سان آمريت اچي سگهي ٿي، اسلام آباد جا بابو عوام جي خوشحالي نٿا چاهين: آصف /بلاول
پي اين اي ٽُو ٺاهيو پيو وڃي، انهي سان آمريت اچي سگهي ٿي، اسلام آباد جا بابو عوام جي خوشحالي نٿا چاهين: آصف /بلاول

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(رپورٽ: نادر ابڙو، شاھ محمد لاشاري ۽ نورمحمد سومرو) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ اسان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون جنهن شهيد ڀٽو پاڪستان ئي آئين، عوام کي ووٽ جو حق، آواز، غريبن هارين کي زمينن جا مالڪاڻا حق ڏياري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اسين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا،

پوري دنيا اِها ڳالهه مڃي ٿي ته شهيد زنده هوندا آهن اڄ به قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده آهي، شهادت جي 45 سالن کان پوءِ به شهيد ڀٽو پنهنجي قبر ۾ آرام ڪندي حڪومت ٺاهيندو ۽ ڪيرائيندو آهي، اڄ به قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي تازو عام چونڊن ۾ حصو وٺي قائد عوام جي جيالن جي رت، پگهر جي نتيجي ۾ اڄ اسين ٻه صوبائي حڪومتون سنڀالي رهيا آهيون جتي ٻه جيالا وزيراعليٰ ۽ چيئرمين سينيٽ به جيالو چونڊجي ويو آهي، اسان تاريخ رقم ڪري آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر پاڪستان چونڊرايو

اسان جون صدر آصف علي زرداريءَ ۾ وڏيون اميدون آهن ڇاڪاڻ ته پهريان آصف علي زرداري صدر چونڊجي آيو ته اسان شهيد ڀٽو جي 1973 واري آئين کي بحال ڪري صوبن کي خودمختياري ڏياري، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عمل درآمد ڪرايو، اڄ صدر آصف علي زرداري چونڊجي ويو آهي ته هن پنهنجي صدارتي دور ۾ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو ۽ 12 سالن کان پوءِ ان ريفرنس جو فيصلو آيو ان مان واضح ٿيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ناانصافي ٿي ۽ کيس شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو. هي تاريخي ڪاميابي عوام ۽ پيپلز پارٽي جي جيالن، پاڪستان جي جمهوريت پسند عوام جي ڪاميابي آهي

هن چيو ته هن سفر کي اڳتي کڻي هلڻو آهي، پهريان صدر آصف علي زرداري منصب سنڀاليو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل درآمد ٿيو ۽ ملڪي ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام آيو ان وقت به ڪجهه قوتون هيون جن سازشون ڪيون پر صدر آصف علي زرداري انهن سازشن کي ناڪام بڻايو پر هاڻي به ڪجهه اهڙا سياستدان آهن جيڪي پي اين اي ٽو آڻڻ چاهن ٿا ۽ پنهنجي انا جي خاطر ملڪ ۽ ملڪي عوام جي قسمت سان کيڏن ٿا جيڪي سازش ڪري رهيا آهن ته هو ڌانڌلي جو دُهل وڄائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آڻي معاشي عدم استحڪام کي جاري رکڻ چاهن ٿا. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم هو ته اهڙن 9 ستارن سازشين سازش رچي ته شهيد ڀٽو کي حڪومت مان ڪڍي پاڻ حڪومت ۾ اچون پر انهن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 10 سال آمريت کي ڀوڳڻو پيو ۽ اڄ به اِهو خطرو آهي ته سياستدان اهڙو ماحول نه ٺاهن اسان کي قومي مفاهمت تي ڪم ڪرڻو پوندو نه ڪي گارگند کي هٿي ڏيڻي آهي ان سان ملڪي ۽ معاشي ترقي نه پر ملڪ ۽ جمهوريت جو نقصان ٿيندو جيڪو عوام جو نقصان آهي تنهن ڪري مان اپيل ٿو ڪيان ته هو هوش مان ڪم وٺي سياست جي دائري ۾ رهي سياست ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ پيپپلز پارٽي جي قيادت شهادتون قبول ڪيون، پيپلز پارٽي تجويز ڏئي رهي آهي ته سمورن سياستدانن ۽ سياسي جماعتن کي چارٽر آف ريڪنيليشن تي ڪم ڪرڻ گهرجي، گارگند ۽ ڌرڻو ڌرڻو کيڏڻ بجاءِ سياسي ميز تي اچي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ آئيني ترميم ڪرڻ تي زور ڏين نه ڪي عوام کي تڪليف پهچايون

هن چيو ته شهيد ڀٽو هن جماعت کي بنيادي اصول ڏنا، پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ به انهن بنيادي فلسفن تي ڪاربند آهي ۽ اسان جو 10 نقاطي معاشي معاهدو به انهن تي ٻڌل هو، اسان کي وفاقي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو نه مليو پر سنڌ ۾ مراد علي شاهه ۽ بلوچستان ۾ سرفراز بگٽي ان معاشي معاهدي تحت عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪندا. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا معاشي بحران، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان سان گڏجي سمورن جماعتن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهون. هن چيو ته آصف علي زرداري جڏهن پهريون صدر بڻيو ته اسان چارٽر آف ڊيموڪريسي تي 90 سيڪڙو عمل درآمد ڪرايو جنهن ڪري ملڪ جي عوام کي تاريخي فائدو ٿيو هاڻي ان جي 10 سيڪڙو رهيل نقطن جنهن ۾ عدالتي سڌارن جو نقطو هو ان تي پيپلز پارٽي سمورن جماعتن ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي ڪم ڪندي ته جيئن چارٽر آف ڊيموڪريسي تي مڪمل عمل درآمد ڪري ملڪ جي عوام کي انصاف فراهم ڪري سگهي ان لاءِ اسان کي پاڻ ۾ بهتري آڻڻي پوندي ڇاڪاڻ عدالتي سڌارا آڻڻ پيپلز پارٽي جو پراڻو مطالبو آهي

هينئر شهيد ڀٽو جو عدالتي ريفرنس جو فيصلو به آيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهيد ڀٽو سان ناانصافي ٿي آهي ته اِها ڪيئن ٿي؟ ان وقت وقت جي آمر سان گڏ عدليه به گڏ هئي تنهن ڪري اسان کي اهڙا سڌارا آڻڻا پوندا جنهن سان نه صرف عدليه پر ٻيا ادارا به اهڙا حادثا نه ڪن ۽ عوام عدالت جو در کڙڪائي ته کيس انصاف ملي ائين نه ٿئي ته خبر پئي ته 45 سالن کان پوءِ انصاف ملي. تنهن ڪري پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو مطالبو آهي ته اسان چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل درآمد ڪري نيشنل ريڪنسيليشن تي عمل ڪري ملڪ ۾ استحڪام آڻي ملڪ جي عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تحفظ ڏياريون ان لاءِ پيپلز پارٽي پهرين صف جي ڪردار ادا ڪندي، مان سڀني جو ٿورائتو آهيان جو گذريل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي وڏي ڪاميابي ملي ۽ ايندڙ وقت ۾ به اسين بهتر نتيجا ڏينداسين.

لاڙڪاڻو/ نئون ديرو: صدر آصف علي زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ توهان سان خوشي ملهائي مون کي به خوشي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو به تاريخ ۾ ڳالهائي رهي آهي جيڪا فرض هو ڇڏي وئي ان فرض کي پورو ڪيو ڇاڪاڻ ڪيترن ئي دوستن کي اها خبر نه هئي ته اسين پارٽي کي هلائي ان فرض کي پورو ڪيون پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي بصيرت هئي، هن پارٽيءَ لاءِ نه صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پر شهيد بيگم نصرت ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين شهيدن به قرباني ڏني، مان پهريان به صدر بڻيس ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ڪري صدر بڻيس. هن چيو ته هتي ويٺل نياڻيون ۽ نوجوان اسان جا جيالا ۽ جياليون آهن، اسان جي نصيب ۾ اِهو لکيل ناهي ته پاڪستان غريب ملڪ ٿئي اِها ته اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي سوچ ۽ گهٽ عقلي اسان کي غريب بڻايو آهي، دنيا جي هر دولت پاڪستان وٽ آهي، اسان هر شيءَ کي سنڀالي سگهون ٿا پر دماغ جي ڪجهه ڪمي آهي، اسين سڀ گڏجي ويهون ۽ ڳالهيون ڪيون

اها ئي طرز سياست ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي سيکاري آهي جيڪڏهن اسين وڙهندا رهياسين ته پوءِ عوام جو ڇا ٿيندو ۽ نوجوانن جو تاريخ ۾ مقدر خراب ٿيندي آهي، تنهن ڪري اسان کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجي ته جيئن نوجوان نسل کي ڪو نقصان نه ٿئي تنهن ڪري مان هر اِهو قدم سوچي سمجهي کڻندو آهيان جنهن سان پاڪستان، نوجوانن کي نقصان نه ٿئي، تاريخ ۾ هميشه پاڪستان جو نقصان ٿيو آهي ۽ ماڻهن به پاڪستان جو نقصان ڪرايو جنهن جو ازالو اسان اڄ به ڪري رهيا آهيون پر توهان جي رهنمائي ۽ عوامي سوچ جي ڪري سياستدان گهٽ غلطيون ڪري عوام کي گڏجي کڻن هلن. اڄ مان شهيد ڀٽو وٽ ويهندس ته شهيد ڀٽو چوندو ته شاباس تو منهنجو پلاند ڪيو، مان پهرين ڏينهن چيو هو ته سڀني جو پلاند ڪري پوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندس اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پلاند ڪيو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پلاند ڪيو ۽ ٻين شهيدن جو پلاند ڪرڻو آهي