لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني قائد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي ۾ عورتن، مردن، ٻڍن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي، مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “وزيراعظم بلاول” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا جيڪي پنهنجي قائدين کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي نظر آيا.