اشو آف دي ڊي … ڇا اسان پريا ڪماري کي فضيلا سرڪي ٿيڻ کان نٿا بچائي سگهون؟ سوشل ميڊيا تي به تحريڪ جا رنگ نروار

0
123

 سنڌ جي سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ سوشل ميڊيا تي به تحريڪ جا رنگ نروار، ڌاڙيل راڄ ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سنڌ ۾ پيدا ٿيل نئين تحرڪ تي به بحث ٿيندو رهيو، پريا ڪماري سوڌو سمورن مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور مان شروع ٿيل تحريڪ، ڪراچيءَ تائين پھچي چڪي آهي.  سموري سنڌ بنا ڪنھن سياسي مذھبي فرق جي ھڪ آواز بڻجي وئي آهي. ڪشمور ڌرڻي جو بنياد رکندڙ ھڪ ھڪ ڪردار کي سلام. جنهن تي علي اڪبر جوڻيجو لکيو ته شڪر الحمد الله انقلاب شروع ٿي چڪو آهي، ھاڻي ظالمن، راشين، زانين ،شرابين، قاتلن کي ملڪ کان ٻاهر ڀڄي جان بچائڻ گھرجي، ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوشھرو فيروز ڌرڻو ، سنڌ جا وڏيرا راڪاس آھن پوليس ۽ ڌاڙيل انھن راڪاسن جا رانڀوٽا آھن سنڌ انھن راڪاسن سان جنگ جي  شروعات ڪري ڇڏي آھي. ھاڻي راڪاس جا چنبا ڀڃڻ ۽ نھن ڪڍڻ جو وقت اچي چڪو آھي.  اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا پريا ڪماري هڪ ٻي فضيلا سرڪي بڻجڻ پئي وڃي؟  اها فضيلا سرڪي جنهن جي امڙ جون اکيون پٿر ٿي ويون، هاڻ ان جي ڳولا ۾ ڪنهن کي به دلچسپي ناهي، هن لاءِ ڪو ڌرڻو هڻڻ وارو ناهي، ايئن ئي پريا ڪماري کي اغوا ٿئي 750 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پريا جي والد کي دربدر ٿيڻ کانپوءِ ڪٿان به ڪو آسرو نٿو ملي، هن جي امڙ وٽ هڪڙو ئي سوال آهي ته جڏهن سڀ مغوي بازياب ٿين پيا ته سندس معصوم نينگري کي ڇو نٿو بازياب ڪرايو وڃي؟ پوليس آفيسرن جي خوشامد ۾ مصروف اقليتي اڳواڻن جي به پريا ڪماري ترجيح ڪانهي، پريا ڪماري کي ڪنهن ۽ ڇو اغوا ڪيو، اهو ٻڌائڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي، هن معصوم نينگري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو؟؟ هاڻ جڏهن سنڌ اٿي پئي آهي ته هن معصوم نينگري کي به هر احتجاج ۾ ياد ڪيو وڃي، هر پوليس آفيسر، ڀوتار ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو وڃي ته هن نينگري کي بازياب ڪرائي، ڇا اسان پريا ڪماري کي فضيلا سرڪي ٿيڻ کان نٿا بچائي سگهون؟ جنهن تي علي دوست چيو ته پريا کي بازياب ڪرايو وڃي…! امر سنڌو لکيو ته فضيلا سرڪي لاءِ اسان حيدرآباد ۾ بک هڙتالون ڪيون، ٺل ۾ وڃي مظاھرا ڪيا. مسنگ پرسنز جي تاريخ کڻجي ته سڀ کان اڳ فضيلا سرڪي لاءِ ٽيويھه مارچ تي ڪيمپ لڳائي سين، پيرا کڻندي ڪڏھن ائين لڳو ته وڃي پھتا آھيون پر پوليس کان پوءِ رينجرس تائين به اپروچ ڪئي سين جن جو آخر ۾ اھو چوڻ ھو ته اغوا ڪار بلوچستان ھليا ويا آھن ۽ انھن علائقن ۾ آھن جتي انسرجنسي رھي آھي. عورتن جي ڪيسن جا پيرا کڻندي مونکي ھڪ لمحي لاءِ به ائين نه لڳو آھي ته رينجرس انھن سموري واقعن ۽ مارن کان اڻ واقف آهي، نماڻو نوناري به ردعمل ڏنو، وسايو هاليپوٽو لکيو ته پريا ڪماري ڀنگ خاطر اغوا ٿئي ھا ته ڏوھاري رابطو ڪن ھا پر ڪيس ھاءِ پروفائيل آھي، زاهد ڀٽو به ردعمل ڏنو، امر کهاوڙ لکيو ته پريا کي بازياب ڪرايو وڃي، تاج سروهي لکيو ته پريا کي بازياب ڪرايو وڃي، دسترت ڪوڏيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عام ماڻهو جو ڌرڻو: مقامي حڪمرانن ڪچي جي علائقن ۾ رت پياڪ غنڊن انساني احساسن ۽ حياتين سان کيڏندڙ حيوانن جي پُست پناهي ڪري ڌاڙيل انڊسٽري کي وجود ڏنو ۽ هاڻي اهي انسانن جي خوشين جا دشمن ڌاڙيل پڪي تي نڪري واپارين توڙي عام ماڻهن کي هٿيارن جي زور توڙي عورتاڻي آواز تي هرکائي کنڀي کڻي وڃن ٿا جنهن بعد ڳري رقم اوڳاڙي ماڻهو ڇڏين ٿا پر انهن کي مقامي حڪمرانن جي سرپرستي هئڻ ڪري پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪاررووائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، تڏهن ته ڌاڙيلن جا ترجمان سوشل ميڊيا تي سڌيون ڌمڪيون ڏئي ملڪ جي پرامن شهرين کي هيسائي رهيا آهن. عرصي کانپوءِ سڄي سنڌ مفاهمت ۽ ماٺ جو روزو کولي ڪشمور کان ڪراچي تائين مختلف شهرن ۾ عام ماڻهن جي روپ ۾ ڌاڙيل گردي خلاف ڌرڻو بڻجي چڪي آهي، اهو ڌرڻو سنڌ ۾ لاقونيت ۽ حيوانيت جو روپ اختيار ڪيل ڌاڙيل گيري خلاف آهي، اهو ڌرڻو معصوم شهرين جي بازيابي لاءِ هڪ سگهارو آواز بڻجي ويو، اهو آواز ڪشمور جي شهرين جي رڙ هئي جيڪو هاڻي سڄي سنڌ ۾ پڙاڏو ٿي گونجي پيو، تڏهن ئي ته سنڌ جي شهرن، واهڻن، وستين ۽ شاهراهن تي ماڻهن جا هجوم ڌرڻو بڻجي ويا آهن اهي ماڻهو فقط سنڌ ۾ ماڻهپي جي آزادي لاءِ آواز اٿارين پيا اهي ماڻهو بدمست ڌاڙيل گيري ۽ سندن ساٿارين سردارن ۽ پوليس آفيسرن خلاف للڪار بڻجي ويا آهن، اهي ڌرڻي ۾ موجود ماڻهو هاڻي هر ايندڙ ڏينهن خوف ۾ مبتلا ٿي رهڻ بدران بنا خوف جي گذارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. جس لهن عام ماڻهو جن ڏهاڪن کانپوءِ نيٺ ته ڪر موڙي پنهنجي بنيادي حق لاءِ آواز اٿاريو آهي ته هو هاڻي هيسيل حياتي گذارڻ بدران بي خوف ٿي جيئڻ چاهين ٿا. سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پريا ڪماري،نازيا کوسو ڪوثر کوسو، عبدالجبار چاچڙ ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن ھنن معصوم مغوين جي بازيابي کپي، سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماتلي- ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۽ سمورن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ماتلي  پريس ڪلب سامهون سنڌ جي شعور جو ڌرڻو، شانل کوسو به پريا ڪماري، نازيا ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، ڪامريڊ امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اوھان اقليتي ناھيو اوھان اسان جا ڀائر آھيو اسان جو رت آھيو. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پريا ڪماري جي آزادي تائين پوري سنڌ بند ٿيڻ گھرجي، نادر علي ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو ڪامورو خود ڌاڙيل آھي سردار سندس سهولت ڪار آھن، بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پريا ڪماري کان بغير نه اٿجو،  ستارا تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ساگر ڪمار ۽ معصوم پريا ڪماريءَ سميت مغوين جي آزاديءَ لاء جدوجھد جاري رکڻ گھرجي، خالق جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻو؛    مزاحمت؛    انقلاب: مون ڪشمور ڌرڻي جي مزاحمتي رخ بابت پوسٽ رکي جنھن تي ڪافي دوستن تبصرا ڪيا، مھرباني. ڪن ان کي انقلاب سان ڀيٽيو ته ٻين وري مزاحمت مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو. اھي ٻه انتھائون آھن. حقيقت وچ تي آھي. انقلاب مزاحمت جي مٿانھين منزل ھوندو آھي؛ مزاحمت جيڪا مسلسل ۽ منظم ھجي. پر اھا شروعات ۾ ئي ائين ناھي ھوندي. ان کي مسلسل ۽ منظم ڪرڻو پوندو آھي.اسان جيڪي انقلاب جي آس رکون ٿا انھن کي اھو ڪم ڪرڻو ھوندو آھي. مون پنھنجي پوسٽ ۾ ڪشمور ڌرڻي کي عوامي مزاحمت جو ھڪڙو مثال لکندي انھن دوستن جي توجهه ڇڪائي جيڪي سنڌي ماڻھن کي ڪجھه نه ڪرڻ جا طعنا ڏيندا آھن. ھاڻي مان انھن دوستن کي گذارش ٿو ڪريان ته اڳتي اچو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ خودرو ۽ ڇڙ وڇڙ مزاحمتن کي ھڪ سياسي پروگرام ھيٺ متحد ۽ منظم ڪري اھڙي انقلاب تائين پھچايون جيڪو سنڌي قوم جي مسئلن،مشڪلن ۽ مصيبتن جو مستقل حل ھجي. جنهن تي هاشم کوسو لکيو ته صحيح ٿا چئو ته انھن جدوجھدن کي سياسي پروگرام تحت منظم ڪري انقلاب تائين پهچايون، غلام مصطفيٰ هاشماڻي لکيو ته نئين سنڌ کي جوڙڻ لاءِ سياسي اختلاف ھڪ طرفو رکي دوستن سان ھڪ نڪتي تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿي، خادم رند لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو. ڪشمور ڌرڻو ھڪ سٺي عوامي مزاحمت آھي جنھن مان عيب ڪڍڻ جي جاءِ تي ان جو ٻانھن ٻيلي ٿي سگھه وٺرائڻ جي ضرورت آھي. علي رند، عتيق احمد، غلام سرور وساڻ، امجد سولنگي، هارون راشد به ردعمل ڏنو، باغي ٿهيم لکيو ته بلڪل اھڙي جدوجھد کي قومي فڪر ۾ تبديل ڪجي، تانيه سليم لکيو ته سياسي پروگرام ته ڪنھن ھڪ پارٽي جو ٿيندو ھن مزاحمت ۾ ھر سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ ماڻھون آھن ۽ ٻيا اھڙا به آھن جن جو واسطو ڪنھن به پارٽي سان ناھي. سياسي ماڻھن جون پنھنجيون پارٽيون پنھنجا ليڊر اڳ ئي آھن ته اھي ھڪڙي بينر جي ھيٺان ڪيئن ڪٺا ٿيندا ؟ نور حسين سولنگي لکيو ته اسان کي پراميدي سان اڳتي وڌڻ لاءِ رستا ٺاهڻ گھرجن، اعجاز علي خواجه، مومن علي شاهه، مهيسر ڪاظم حسين، قربان کوسو، لياقت علي لطيفي، جاويد لانگاهه، ايم ايچ سنڌي جوڻو، آفتاب چانڊيو، ظهور لغاري ۽ ٻين به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، راشد راڄڙ لکيو ته اھڙو انقلاب جيڪو صدين جي غلامي جا داغ ڇڏي، ممتاز سڪندر لاکير لکيو ته ڪشمور ڌرڻو بھتري طرف وک آھي ۽ ھڪ اميد آهي، باقي ڪم نه ڪرڻ جون ڳالهيون اھي ئي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي پاڻ ڪجهه به نه ڪندا آھن، اختر ڪاڪيپوٽو لکيو ته توهانجي رٿ بهترين آھي سڀني کي بنا فرق ۽انا جي سوچڻ گھرجي، انقلاب جي ويجھو پهچڻ گھرجي. ياسمين قاضي لکيو ته هي سٺو ڪاز آهي، ڌاڙيلن کي ڪجهه سياسي پارٽيون تحفظ فراهم ڪري رهيون آهن انهن جي مقابلي لاءِ اتحاد هاڪاري رهندو. ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀلي سڀ اُٿن ته به آئون ويٺي ھوندس يا نياڻي موٽائي ڏيو يا گولي ھڻو. ڪشمور ڌرڻي ۾ ويٺل پريا ڪماري جي امڙ جو موقف. معصوم پريا ڪماري سڄي سنڌ جي نياڻي آهي، هن کي اغوا ٿئي وڏو وقت ٿيو آهي. هن نياڻي جي آزادي بازيابي لاءِ سنڌ منتظر آهي. هي رهزن جيڪي اسان جا سادڙا پُر امن فرد ۽ نياڻيون اغوا ڪن ٿا انهن ڌاڙيلن جو عبرتناڪ انجام ٿيڻ گهرجي.