لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي وفد جي اعزاز ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ آجياڻو ڏنو ويو . آجياڻي ۾ گورنر پنجاب بليغ الرحمان، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف، پاڪستان، افغانستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي رانديگرن به شرڪت ڪئي.گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيل تقريب ۾ بي سي سي آءِ جي صدر روجر بني، نائب صدر راجيو شڪلا، ڊائريڪٽر بي سي سي آءِ يوڌير سنگهه ۽ نائب صدر جي سيڪريٽري محمد اڪرم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي راجيو شڪلا چيو ته هو ڪيئي ڀيرا لاهور آيو آهي، هتان جي مهمان نوازي، ماڻهن جو پيار اوهان کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي، ڪرڪيٽ ماڻهن کي ويجهو آڻيندي آهي، رانديگرن جهڙا لاڳاپا قومن جي وچ ۾ به هئڻ گهرجن. ٻئي پاسي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف گورنر هائوس ۾ ٿيل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ محبت جي راند آهي، ڪرڪيٽ محبت جو پيغام پکيڙيندي آهي، اوهان  ڏٺو ته ڪينڊي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارتي رانديگرن ڀائرن وانگر مليا. تقريب ۾ پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ امام الحق جي راجيو شڪلا سان خوشگوار انداز ۾ ملاقات ٿي.