اخباري ٻوليءَ تي هڪ نظر!

(حصو ٻيون)

صفايو: هي لفظ به اخبارن ۾ عام جام نظر اچي ٿو، هي سنڌي زبان جو لفظ نه آهي، اسان موالي جو ڀنگ ڇاڻڻ وارو صافو ٻڌو آهي، پر صفايو ڪونه ٻڌو آهي، ان لاءِ اسان وٽ سنڌي زبان ۾ هي لفظ موجود آهن، “خاتمو، تڏا ويڙهه” وغيره. تنهن ڪري بهتر آهي ته اهي لفظ استعمال ڪرڻ گھرجن. صاف سٿرو: هي ٻٽو لفظ نه فقط اخبارن ۽ رسالن ۾ پر Ph.D جي مقالن ۾ به نظر اچي ٿو “صاف” لفظ جي معنيٰ ته چٽي آهي، باقي ان سان ٻي جيڪا پُڇڙي “سُٿرو” ملائي وئي آهي، اهو لفظ اُتر ۾ عام آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سئولو، اسان چوندا آهيون “جبل تي چڙهڻ سُٿرو نه آهي” ان حساب سان “صاف سُٿرو” جي معنيٰ ٿيندي صاف ۽ سئولو، جيڪو گھربل مفهوم جي لحاظ کان غلط معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته “صاف سُٿرو”، “اڇو اُجرو” جي معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پوءِ ڇو نه “صاف سٿرو” بجاءِ “اڇو اُجرو”، “صاف شفاف” يا “صاف سهڻو” استعمال ڪيو وڃي، ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ پنهنجي ٻوليءَ جو لفظ ڇڏي هروڀرو ڌاري ٻوليءَ جو لفط ڇو استعمال ڪجي، ٻيا به گھڻائي لفظ آهن پر هتي نموني طور ڪجھه مثال ڏنا ويا آهن. ڪن اخبارن ۾ انگريزي لفظن جو هوبهو ترجمون ڏنو وڃي ٿو. ان ترجمي ذريعي ڪي نوان لفظ ٺاهيا ويا آهن، هتي فقط ٻه مثال پيش ڪجن ٿا. (Hearing) ان جو سئون سڌو ترجمو “ٻڌڻي” لکيو وڃي ٿو، ترجمو صحيح آهي پر اسان وٽ ڪورٽ (Hearing) لاءِ ٻه ٽي لفظ موجود آهن جيڪي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ استعمال ٿين ٿا، جي هي آهن: “حاضري، شنوائي ۽ پيشي”. ڪو ويندڙ همراهه کان پڇندو “ادا صبح سوير ڪاڏي ٿو وڃين؟ هُو جواب ۾ چوندو ته: “يار اڄ ڪورٽ ۾ حاضري آهي.” ڪڏهن وري ڪو پڇندو ته “ادا اڄ ساجھر سان ڪاڏي تياري آهي؟ هُو چوندو “ادا اڄ ڪورٽ ۾ شنوائي آهي. ٻڌڻيءَ جي مناسبت سان ٻيو هي جملو ٺاهيو ويو آهي “ٻُڌڻي ڪئي” اهو جملو عجيب لڳي ٿو، ٻهراڙي توڙي شهر ۾ ڪو به ماڻهو ايئن نه چوندو آهي، هو چوندا آهن “اڄ ڪيس هليو” يا چوندو ته “ڪيس نه هليو.” ڪو شخص حاضريءَ تان موٽندو ته پڇندس “ڀائو! ڇا ٿيو؟” چوندو ته “جج موڪل تي هو، تنهن ڪري ڪيس نه هليو” پر ايئن ڪو به نه چوندو ته “ٻڌڻي نه ٿي.” Open Fires: ان جو سنئون سڌو ترجمو ڪيو ويو، هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا، ترجمو صحيح آهي پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هٿيارن جا منهن بند هوندا آهن ڇا؟ اهي ته سدائين کليل هوندا آهن، تنهن ڪري بهتر آهي ته اهو جملو هن ريت لکيو وڃي: “هٿيارن جا ڌُوڙيا لائي ڏنا.” “گولين جا وسڪارا شروع ٿي ويا.” اِملا (صورتخطي) جون غلطيون: “هَوس” عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي هڪ قسم جو جنون، ديوانو ٿيڻ. فارسي اصطلاح ۾ ان جي معنيٰ آهي آرزو، ڪنهن شيءِ جو شوق، عشق خام، ناقص محبت، لغات ڪشوري ص. 575 “فيروز اللغات” ۾ هيءَ معنيٰ آهي. ماليخوليا: خبط، شوق، اشتياق، آرزو، تمنا، خواهش، ڪُوڙو عشق، لالچ، حرص، شهوتِ نفساني، خواهش، حوصلو، امنگ: ص.1260. باقي “حوس” ڪو لفظ ئي نه آهي، اهو ڪنهن به ڊڪشنري ۾ موجود ناهي، جيڪو اڄ ڪلهه اخبارن ۾ نظر اچي ٿو، تنهن ڪري اهو لفظ لکڻ گھرجي جيڪو صحيح آهي، جيڪڏهن ڪو اخبار جو نمائندو يا ڪالم نگار ڪو غلط لفظ لکي ٿو ته ايڊيٽر کي اهو درست ڪرڻ گھرجي. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته حُب الوطني جي علامت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سورمي مارئي کي ماروي لکيو وڃي ٿو. ڪي سنڌي پنهنجي نياڻي تي “ماروي” نالو رکن ٿا، ڪن ڪاروباري جڳهن تي به “ماروي” نالو رکيو ويو آهي، هڪ ڪالم نگار ڪنهن اخبار ۾ “مارئي” بجاءِ “ماروي” لکيو جيئن ته اخبار هر صورت ۾ اڌ رات تائين شايع ڪري مختلف شهرن ۾ موڪلي ويندي آهي، تنهن ڪري تڪڙ هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن تڪڙ جي ڪري ڪن لفظن يا جملن ۾ غلطيون رهجي وڃن ٿيون پر ڪي لفظ ۽ جملا اهڙا آهن جيڪي اڪثر نظر اچن ٿا، تنهن ڪري انهن جي باري ۾ مون پنهنجي راءِ ڏني آهي، اختلاف راءِ جو هر ڪنهن کي حق آهي پر جيڪڏهن ڪنهن کي تجويز ڪيل لفظن مان ڪي لفظ دل سان لڳن ته قبول ڪن.

نواز علي شوق/ڪراچي

سنڌ جي شاگردن

جي به دانهن ٻڌو!

اڄ منهنجي دانهن آهي حيدرآباد بورڊ کي جيڪو غريب شاگردن کان ڳاٽي ٽوڙ فيس ورتي پئي وڃي، آئون اوهان کي جاپان جو مثال ڏيندو هلان ته اتي هڪ ريل گاڏي بند ڪئي وئي، ڇو جو ان ۾ جاپان حڪومت کي وڏو نقصان پي پهتو مسافر گهٽ سفر ڪندا هئا، ان ڪري بند ڪئي وئي پر هڪ شاگردياڻي جي درخواست تي ٻيهر هلائي وئي، جيڪا اسڪول جي وقت تي پهچڻ لاءِ ان ۾ سوار ٿيندي هئي، اها ٽرين صرف هڪ مسافر لاءِ هلندي هئي، جيڪا هڪ شاگردياڻي هئي، ٻي دنيا جي ماڻهن وٽ تعليم جو قدر ۽ اسان جي ملڪ تعليم جي بيقدري اسان کي ڪهڙي ڪنڌيءَ تي اچي بيهاريندي؟ بورڊ جيڪا فيس اوڳاڙي رهيا آھن اها هڪ شاگرد لا وڏو وزن آهي، ڇو جو هر شاگرد پئسي وارو ناهي، بورڊ کي سوچڻ کپي ته اسان اها ڳري فيس ڪيئن ادا ڪريون؟ شاگرد اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت ۽ بورڊ کان مطالبو ڪيون ٿا ته فيس وڌائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

ثاقب علي احمداڻي/گورنمنٽ هائر سڪنڊري اسڪول کوسڪي

مرده ٿيل اسان جي سماج جي ڪٿا!

جنهن سماج ۾ قبرن مان لاش ڪڍي مرده عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وڃي، جتي راھ ويندي ناري جي عزتن کي لٽيو وڃي، جتي گڏھ، ڪتو  ٻلو به حوس جو نشانو بڻجي وڃي، ان سماج مان چڱائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي ڪهڙي اميد ڪجي؟ تاريخ دان روئي لکندو ته هڪ نياڻيءَ کي پيرن جي حويليءَ جي باٿروم ۾ وڃي ان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ٿي ويو ان وقت قوم ستل هئي، جنهن وقت ان نياڻيءَ پيرن جي حويليءَ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي دم ٿي ڏنو، ان وقت ان حويليءَ جو پير اي سي هلايو نياڻيءَ جي ڀرسان ننڍ ستل هو، کيس نياڻيءَ جي سور ۽ درد مان تڙپ نظر نه آئي، کيس نياڻيءَ جي ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏيڻ وارو منظر نظر نه آيو ڇو ته هو ناريءَ تي تشدد ڪري سڪون جي ننڍ ستل هو. هِڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسي ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون، اسان جي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي حويليون ۽ اهڙا حرم هوندا جتي اڄ به ڪيتريون ئي فاطمائون قيد هونديون. پر اڪثر وڏيرا ۽ انهن جا ساٿاري انهن معصوم نياڻين تي ظلم ۽ جبر کي پنهنجو وڙ سمجھي انهن تي ظلمن جا جبل ڪيرائين ٿا، انهن مارئين کي قيد ڪري کين تيزاب پيئارين ٿا ۽ پوءِ خاموشيءَ سان کين ايئن دفنائي ڇڏين ٿا ڄڻ ڪا اڪ ٻوٽي جي ڪا ڪاٺي هئي. اسان جي قوم جاڳڻ لاءِ اڃا ڪيترين نياڻين جي قرباني گھرندي، پاڻ ۾ شعور جاڳائي علم جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ اڃا ڪيتريون فاطمائون قتل ڪيون وينديون؟

علي گل شيخ/اوٻاوڙو

اپگريڊيشن يا لالي پاپ!

جيئن ته اپگريڊيشن جي سمري صحيح ٿي ته ٻه واضح موقف سامهون آيا، هڪ موقف جيڪو وڌيڪ اثرائتو هو ته استادن جي هڪ وڏي انگ سمري تي کٽڪن جو اظهار ڪندي حڪومت جي لالي پاپ کي رد ڪيو، وري ڪجهه عقل کان وانجهايل دوستن غلفت جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي هميشه جيان واهه واهه، زبردست، مبارڪن جا ٺڪاءَ شروع ڪيا، اپگريڊيشن جي سمري جي تحفظ ۾ ڪجهه اهم اڳواڻ پڻ لائيو اچي انگ اکرن جو هير ڦير ڪندا رهيا، سمري جي نتيجن جو استادن تي ڪهڙو اثر پوندو ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو پر عقل کان وانجهايل دوستن کي هڪ ضروي ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو مڃيندي به ته غلط ٿي رهيو آهي پر ڇا ڪريون ٻيو حل ناهي، ادارن ۾ اچو سمري جو ادارن سان تعلق جوڙي ڪوڙي دليل پيش ڪيا هڪ باخبر ذريعي ٻڌايو ته سمري 8 صفحن تي ٻڌل هئي دستاويز هو ته صرف 2 صفحا استادن آڏو پيش ڪيا ويا، اهم نقطا جن ۾ نقطن جي وضاحت ٿيل هئي اها ڳجها رکيا ويا، جيڪڏهن سمري لکڻ وارن کان پڇيو ته سمري ڇا هوندي آهي ته هو واضح ٻڌائندا ته هڪ اهڙو دستاويز هوندو آهي جنهن ۾ سمورن معاملن جو نچور ڪيو ويندو آهي پر اپگريڊيشن جي سمري صرف ٻن صفحن تي ٻڌل هجي جنهن ۾ ايترا کوڙ سارا تضاد سامهون هجن ته يقينن لالي پاپ ملي چڪو آهي، لالي پاپ تحت اپگريڊيشن ۾ ڪنڊيشنل سمري سامهون اچي وئي آهي، هن کي اپگريڊيشن سمري گهٽ پريزينٽيشن وڌيڪ چئبو پر سوال آهي ته ڪنڊيشن ڇو لڪايا پيا وڃن، اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي ڪنڊيشن وارا پنا گم ڪيا ويا آهن، حڪومت جي لالي پاپ سامهون آهي سمري جي متن سان اڪثريت استادن جي متفق ناهي.

عارف قريشي/ڪراچي

تعميري ڪردار لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گھرجي!‎

صتحمند سماج جوڙڻ ۾ معاشري “ رھندڙ ھر فرد جو اھم ڪردار گھربل هوندو آھي، نوجوان ئي بھتر ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا پر اسان جي ملڪ ۾ نوجوان کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، نوجوان پريشان ۽ ھن سماج مان تنگ آھن، نوجوان اڄ جي سياست کان پري آهن، انهن کي پنهنجي بنيادي حقن جي ڄاڻ به ناھي، جي ڄاڻ آھي به ته انھن نوجوانن کي پوئتي رکيو ويو آھي، کين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ماحول ئي اهڙو نٿو ڏنو وڃي ته پنهنجا بنيادي حق ڪيئن وٺجن، شاگرد پنھنجي تعليمي حقن، سھولتن سان گڏ بنيادي حقن بابت جاکوڙ ڪن. کين ڪلاس جي ماحول کان ويندي ھاسٽل جي ماحول ۽ سھولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو، اھي نوجوان نه ته بھتر تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا نه وري سماج ۾ ڪا تبديلي آڻي سگھن ٿا. جي هو ڪڇن ٿا ته شاگردن تي دھشتگردي ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا، پر اڄ جو نوجوان کي ڇڙوچڙ ۽ مسئلن ۾ هٿ سان ڦاسايو ويو آھي. اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا ان ۾ عوام اڃا بنيادي 21هين صدي ۾ به بنيادي سهولتو حاصل ڪري نه سگھيو آھي. ان جو سبب اڃا جاگيرداڻي، وڏيرڪي سماج ۽ غلامي واري دقيانوسي سوچ مان ماڻھو پاران جان نه ڇڏائي سگھڻ آهي. سماج کي صتحتمند بڻائڻ ۾ حڪومتن جو به ڪردار بھتر نه رھيو آھي، يوٿ پروگرام جو نوجوانن لاءِ ڪھڙو ڪردار آھي؟ اسان جي ملڪ جو نوجوان سماج کي تعميري ٺاھڻ ۾ پوئتي آھي، ان جو ھڪ سبب اھو به آھي ته تعليم جو معيار بلڪل به ناهي، نه وري تعليم تي ڌيان ڏنو ٿو وڃي، نه ئي حڪومت جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ مٿي سطح جي يونيورسٽين تي ڌيان آهي.

ساگر شفيق وساڻ/جھنگو وساڻ

هن قوم تي خدا

رحم ڪري!

انسان هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هزارين مخلوقن ۾ افضل ۽ مٿڀرو رهيو آهي ۽ ان مقام تي پهچڻ لاءِ ان پنهنجي سوچ جي سگھ کي وڌايو آهي، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جو پڻ خيال رکڻ گھرجي، پنهنجي وجود جي بقا لاءِ انساني آزادي، مذهبي هم آهنگي ۽ شعور جي لاٽ ۾ ان کي ڪيترن مقابلن جو خطرو آهي، اڄ ڪلهه هن ملڪ تي نظر ڦيرايون ته اسان بلڪل لاشعوري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل کي ڏسنداسين، جتي هزارين سالن کان ڪير به سچ چوڻ يا حقيقتن جي پسمنظر ۾ وڃڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري، ڪنهن کي به پنهنجي ضمير ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪو اونو ڪونهي، هن قوم جو هر فرد ڪرپشن ڪرڻ چاهي ٿو، صرف موقعو ملي ۽ انهن سياستدانن جو ته ڏوهه ئي ناهي، اسان پاڻ بار بار انهن کي اقتدار ۾ آڻي پنهنهجي ملڪ ۽ قوم جي تباهي ڪئي آهي پوءِ اهي ڪهڙي به پارٽي يا نظريي سان لاڳاپيل هجن، سڀ ڄٽ وڏيرا، جاهل سردار ۽ مذهب جا علمبردار پير ملان آهن، ملڪ جو ڪو به ادارو ڪرپشن کان پاڪ ناهي، بس واردات جو طريقو الڳ الڳ آهي ۽ پنهنجي ڪرپشن ڪنهن کي به نظر نٿي اچي، تعليم ۽ صحت جو نظام نه هئڻ برابر آهي، هن جديد دور ۾ به اسان اڃان نعرن ۽ ميڊيائي خبرن تي يقين ڪندي ايئن خوش ٿيندا آهيون ڄڻ اسان وڏي تعليم يافتا قوم بڻجي چڪا آهيون ۽ دنيا اسان جي پويان آهي، هن دنيا ۾ بنا ڪپڙي جي اچون ٿا ۽ ڪفن حاصل ڪري هليا وڃون ٿا، نڪو مقصد نه ئي ڪا منزل، بس هن قوم تي خدا رحم ڪري.

ارباب ياسين/سنڌ يونيورسٽي‎

ارڙي ۽ ربيلا بيماري!

ارڙي ۽ ربيلا هڪ وبائي مرض آهي، جيڪو سولائيءَ سان هڪ شخص کان ٻئي تائين منتقل ٿئي ٿو. هن مرض جو متاثر شخص کنگهڻ يا ڇهڻ سان ٻئي شخص کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هي خطرناڪ بيماري آهي، عالمي صحت جي اداري موجب فيبروري 2020 ملڪ ۾ ڪرونا جي لهر سبب ارڙي ۽ ربيلا جي مهم متاثر ٿي نتيجي ۾ هي بيماري خطرناڪ حد تائين ڦهلجڻ لڳي. خدشو هو ته جي هن بيماريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته ان جا نتيجا تمام خراب نڪرندا. اهڙي صورتحال ۾ گهر ويٺي حفاظتي ٽڪا لڳڻ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، هي ويڪسين گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان استعال ٿيندي پئي اچي جنهن جا بهتر نتيجا آيا آهن، تنهن ڪري والدين کي گهرجي پنهنجي ٻارن جي بهتر صحت لاءِ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪن 2000ع کان 2017 تائين جي عرصي ۾ 2 ڪروڙ 10 لک ٻار دنيا ۾ هن مر يض سبب فوت ٿيا. 2020ع ۾ پاڪستان ۾ ارڙي جا 8357 ڪيس سامهون آيا جن مان 127 جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي، هن مرض کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ خيرپور ضلعي ۾ 10 لکن کان وڌيڪ ٻارڙن کي ويڪسين لڳائڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو هو گذريل ڏهن سالن ۾ پوري دنيا ۾ 1 ڪروڙ 1 لک 84 هزار هن مرض سبب فوت ٿيا. تحقيق موجب جي ويڪسين نه لڳائي وڃي ها ته 10 سالن ۾ 31 ڪروڙ ٻار حياتي وڃائي ويهن ها، اهو ويڪسين جو ئي اثر هو. دنيا جي تقريبن ملڪن ۾ ويڪسين ذريعي هن بيماري تي ضابطو آندو ويو آهي اهو به تڏهن ممڪن ٿيو جڏهن اتان جا ماڻهو حڪومت سان ڪلھو ڪلهي ۾ ملائي بيهي رهيا اهڙي صورتحال ۾ اسان سڀني والدين، استادن، شاگردن توڙي سمورن باشعور ماڻهن جو فرض بڻجي ٿو ته هن مهم ۾ وڌ کان وڌ حڪومت ۽ ان جي ادارن جو ساٿ ڏيون، پنهنجي ٻارن کي بچاءَ جا ٽڪا لڳرايون ۽ هن بيماري جو خاتمو آڻي دنيا ۾ شرمندگي کان بچي سگهون ۽ اهو ثابت ڪيون ته اسين باشعور قوم آهيون.

عبدالسميع ڀنڀرو/خيرپور

پکين لاءِ داڻي پاڻي

جو بندوبست ڪيو!

ھڪ سخت ڪاڙهي واري ڏينھن مان پنھنجي دڪان تي پنھنجن خيالن ۾ گم صم ھيس، گرم جھولا گھلي رھيا ھئا، اسان جي علائقي جا روڊ رستا ويران ھئا، گرمي ايتري ھئي جو ڪانءَ جي اک ٿي نڪتي، مان رومال سان پگر اگھي رھيو ھئس ته اوچتو ھڪ جھرڪي سھڪندي سھڪندي اچي منھنجي دڪان ۾ ويھي ٿڌا ساھ ڀري رھي ھئي، مان سوچيو ته ھن کي شايد اڄ لڳي آھي، مون وٽ ان وقت اھڙي ڪا شيءَ موجود ڪو نه ھئي جو ھن کي مان پاڻي پياريان، پر مون زمين ۾ ننڍڙي کڏ کڻي ان ۾ پاڻي وڌو، پوءِ ھوءَ اتي هوريا هوريان اچي پاڻي پي اڏري پنهنجي راهه تي هلي وئي، سو دوستو مھرباني ڪري پنھنجن دڪانن جي ڇپرن ۽ گھرن جي ڇتين تي هنن بي زبان پکين جي لاءِ داڻو ۽ پاڻي رکندا ڪريو ته جيئن ساھ وارا پکي اڃ نه مرن.

مولائي اسد ماڇي/ڄامشورو

ڳِجھون مون کي

جيئڻ نه ڏينديون!

خوشحال سنڌ ڌرتي واسي تتيءَ ٿڏيءَ محنت مزدوري ڪري جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن پر سنڌ تي سالن کان حڪمراني ڪندڙ اقتدار جي بک ۾ سنڌ ڌرتيءَ واسين جو ڳِجهن جيان ماس پٽي کائي ميمبر خريد ڪري پنهنجي اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ لاءِ اربين رپيا لٽائي رهيا آهن ۽ غريب مسڪين ڌرتيءَ ڌڻي ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ ڇولن جو ٿالھ کڻي گهر گهر، شهر شهر دربدر ڦري رکي ماني کائڻ لاءِ ڪوشان آهن، ڪرونڊي واسي 8 سالا محمد عثمان ڀٽي علم حاصل ڪرڻ جي عمر ۾ 2 ڪلو ڇولا تيار ڪري پنهنجي پيءُ ماءُ، ست ڀائر ڀينرن جي گهر هلائڻ لاءِ ڇولا وڪڻي پنهنجي حصي جو فرض نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته سندس والد علي حسن ڀٽي پڻ ڇولا کپائيندو آهي، چئن ڀائرن کي پڙهائڻ، گهر هلائڻ لاءِ پنهنجي عمر کان وڏي ذميواري نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سندس دلي تمنا آهي ته ڪاش جي ممڪن هجي ته مان به پڙهي لکي معاشري جو ڪارائتو فرد بڻجي سگهان پر سنڌ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين کي اڏوهي جيان کائيندڙ سياستدان، وڏيرا، جاگيردار، سندس سپنن ساڀيان ڪرڻ ۾ رڪ جي ديوار بڻيل آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته غريب مسڪين عوام جي بهتري لاءِ پاليسيون جوڙيون وڃن ته جيئن مسڪين ماروئڙا ۽ سندن ٻچڙا عزت جي زندگي گذاري سگھن.

ساگر امير حيدر شر/ اڪري چودڳي

جنم اشٽمي ۽ سناتن ڌرم ۾ ھڪ اوتار جو جنم ڏڻ!

(حصو پهريون)

ڪانوڙا ڪانڪري مت مار،

مارو جِيو جائي سي.

اڄوڪي ڏينھن جي اھميت تمام انسب آھي، جنم اشٽمي، يعني ڪانوڙو جنم يا ائين کڻي چئجي شري ڪرشنا جنم جي موقعي تي ٿر جي قديم روايت موجب ھندو ڌرم ۾ ھي عظيم ڏڻ ھزارين سالن کان جيئن جو تيئن ملھابو رھيو آھي، ٿاريلا جسم اڄ ساري رات نيڻن ۾ جاڳي رقص ڪندا، سوين سرتيون سرگم ڪنديون راسوڙا، ڊانڊيا ۽ تلوارن جو مٺڙيون لاتيون ڪرڻ (جو ترنم ٿو ڪريان، سو ٿو ڪريان مستي ۾) ڪانوڙي جي جنم ڏينھن تي کينڪار خير مقدم ڪندو، ھر گھر مان تکي تنوار جھڙن گيتن تي تاڙين جا آواز ڀٽن سان ٽڪرائي ماٿرين تي ملھاري ڪندا ۽ ائين رات پِرهه ۾ داخل ٿيندي، اڄوڪي ساري رات ساهيڙي جي اکين ۾، خوشيون ڳوڙھا ڪري ٽپڪنديون ۽ لوندڙيءَ جي وارن جون لڙيون “مي رقصم” جيئن جُھومنديون رھنديون ۽ اڱڻ تي گھير نار گھمرا ڏاجهم جي رڌم ۾ تيزيءَ سان واڌارو آڻيندا، ڪڏھن ڪڏھن ته ڀڳوان به هندو ڳيچ جي رواني تي راضي ٿي پوندو آھي ۽ مِھر جا مينھن اوھيرا ڪري وسڻ لڳندا آھن ۽ ترايون تار ٿي پونديون آھن، ائين لاڳيتو ٿيندو به آھي پر ھيل ته ساوڪ جي چادر اوڙهيو ويٺل آھي، ڪانوڙو ٻن طريقن سان ملھائين ٿا، ھڪ ڪانوڙي جي رسم جيڪو سناتن برادريءَ جا (ڪجھه) ماڻهو ملھائين ٿا، اھو ڪانوڙو مٽي جو پنهنجي ھٿن سان ٺاهي ان کي چمڪيلا ڪپڙا پھرائين ٿا. سندس ٺاھيل ڪانوڙي جي منهن تي چمڪيلي جري ھڻي ان کي ٽيلا ٽٻڪا لڳائي سنواري تيار ڪن ٿا، ان رات ڪانوڙو ٺاھيندڙ خاص مھمانن کي دعوت ڏئي سڏائي ٿو ۽ سڄي رات ڍول تي ناچ گانو ٿئي ٿو. ٻئي ڏينهن ٻن پھرن تائين ٺاھيل ڪانوڙو ھڪ ھنڌ پيل ھوندو آهي ان لاءِ جو ٻين پاسن کان اندر ماڻهو اچي درشن ڪري وڃن، پوءِ شام جي وقت ڪانوڙي کي کڻي گھر آسپاس پاڻي جي پيل ڪنهن دٻي ۾ رکي ان جو تارڻ ڪري اچن ٿا ۽ پنهنجي رسم کي پوري ڪري ڪانوڙي جو جنم ڏينهن ملھائن ٿا. ٻيو ڪانوڙو يا جنم اسٽمي جيڪو ٻيون برادريون ملھائين ٿيون اھو وري گھر ۾ ڪرشنا ڀڳوان جي مورتي رکي پريوار سان گڏ پوڄا پاٺ ڪن ٿا يا پاڙي جي ڪنهن مندر ۾ وڃي آرتي ڪري دان ڏئي واپس گھر اچن ٿا. انهيءَ رات تي ڪٿي ڪٿي شري ڪرشنا جي ڏولي شھر ۾ نڪري ٿي، ان ڏوليءَ تي دان ڏئي چرڻ ڇھي نمسڪار ڪري اڳتي موڪلين ٿا، آخر ۾ اھا ڏولي ان مندر تي ويندي جنهن مندر تان مورتي کنئي وئي ھئي. (جاري)

انيل ڪمار مڪواڻا/ ڪنري