اشو آف دي ڊي … هڪ پاسي سنڌ جو عوام ۽ ٻئي پاسي سرداري نظام آهي: پوليس عوام يا ڌاڙيلن جي محافظ آهي؟ احتجاج ڪندڙن مٿان لٺبازي تي شديد ردعمل

0
92

  ڪشمور ۾ ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي بعد سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سمورا مغوي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس پاران احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، شيم آن ڪشمورپوليس، غلام مرتضيٰ ڪيريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج  ڪيترائي ماڻهو زخمي.. اھا رينجرز ۽ پوليس ٿورو اڳتي ڪچي ۾ ته وڃي ڏيکاري، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي مائرن جون جھوليون آباد نٿا ڪرائي سگهو، باقي انهن امڙين جي دردن جو درمان بڻجڻ وارن تي لاٺي چارج ۽ ايف آءِ آرون ئي ڪيو ٿا. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرڻي تي لٺبازي بعد ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھنن رھزن سردارن وڏيرن ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ڪيترين امڙين جون جھوليون خالي ڪري گھر خاندان اجاڙي ڇڏيا آھن ھاڻي ھنن سان حساب ڪتاب جو وقت آهي،.استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جو حملو،شروعاتي اطلاعن موجب ڪيترائي مظاھرين زخمي ٿيا آهن، ميان الياس عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين خلاف تشدد جو استعمال ۽ ڪيس داخل ڪرڻ واري پوليس جي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، شهاب جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جو پرامن ڌرڻي تي لاٺي چارج، آنسو گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انتهاپسند ڀل پرتشدد احتجاج ڪن، باهيون لڳائيندا ملڪيتون ڊاهن، خير آهي! باقي پرامن ڌرڻي تي لٺيون وسائبيون، ويل ڊن مسٽر ايس ايس پي…

شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي چڙھائي ڪندڙ پوليس اھلڪارن سان گڏ آيل ھي خنجر بردار ماڻھو ڪير آھن؟ زنگيجو ستار ايس ايس پي جو بيان شيئر ڪيو ته ڪشمور ڊيرا موڙ وٽ پوليس احتجاج  ڪندڙن تي چڙهائي نه ڪئي آهي چنگجي وارا روڊ بلاڪ ڪندڙن سان احتجاج ڪندڙن سان وڙهيا آهن انهن ڪيمپ ڊاٿي آهي پوءِ پڪ هي ڇاڙتا هوندا، منور جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ڪنڌ ڪوٽ پوليس جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ  ڪشمور پوليس  جو ڌرڻي ۾ ويٺلن تي لٺبازي، پر امن احتجاج تي لاٺي چارج جهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، عبدالغني بجاراڻي ميمبر سنڌ بار ڪائونسل چيو آهي ته  ٻه سردار گرفتار ڪيو سڀ مغوي آزاد ٿي ويندا، عبدالغني جو بهترين موقف  آهي اِهي ڌاڙيل سردارن جا ئي پاليل آهن جيڪڏهن اهي گرفتار ٿين ته سڀ مغوي انهي وقت بازياب ٿي سگهن ٿا پر ائين ڪونه  ٿيندو  ڇو جو ڏاڍي کي ڪير به هٿ نٿو لاهي سگهي  هي سڀ ظلم عام ماڻهو لاءِ آهي. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي مزاحمت زنده آباد، ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جي تشدد کانپوءِ اڳ کان به وڌيڪ ماڻهو اچي ويا ڌرڻو اڳ کان به ٻيڻو، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرڻي تي پوليس گردي جي مذمت ڪجي ٿي،

عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امجد شيخ چوي ٿو پوليس ڪا به لاٺي چارج ناهي ڪئي چنگچي رڪشا وارن روڊ کولرائڻ لاء ڌرڻي وارن سان وڙهيا آهن. ‏ايس ايس پي صاحب پوء هي پوليس جي وردي پاتل ڌاڙيل ڪير هئا جن جي هٿن ۾ هٿيار ء ڇريون هيون؟ ‏ڀڄي وڃي پوليس موبائلن ۾ ويٺا ؟ سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور کان سنڌين جي مزاحمت جو آغاز ٿي چڪو آھي، جميل گاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڪنڌ ڪوٽ ۾ پوليس سان گڏ سول ڪپڙن ۾ آيل ماڻھن مغوين لاءِ ڌرڻو هڻڻ وارن مٿان لٺين ۽ ڇرين سان حملو ڪري ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻھن کي رت ۾ لال ڪري ڇڏيو،  هي حق جو آواز دٻائڻ جو جديد طريقو ناهي !؟ پي پي جي ڀوتارن سازش ڪري ڪشمور وارو ڌرڻو ته هندو برادري کان ختم ڪرايو ڇوته ان ڌرڻي تي قومپرست پڄي ويا هئا ان ڪري پي پي کان اهو برداشت نه پئي ٿيو، هاڻي هي ڪنڌڪوٽ واري ڌرڻي کي جو ختم نه ڪرائي سگهيا ته هنن ڀوتارن پوليس سان گڏ پنهنجاواٺا به موڪليا جن اڄ ھي قھرام ڪيو آهي پي پي ڪڏهن به نه چاهيندي ته قومپرست ڪيڊٽ کڻن، شرم جو مقام آ،هنن جي گهرن ۾ پنهنجي اغوا ٿيل پيارن لاءِ ماتم لڳو پيو آھي هي ڪريڊٽ جي ڪڍ …

علي اشرف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن لال لهوءَ جي سرگم تي،  ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري، منهن هيڊا ٿيا غدارن جا، بيشرم وڏيرن پيرن جا.. ڪشمور ۾ جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ جاري رکيل ڌرڻي مٿان ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ڌرڻو ڦٽائڻ لاءِ ڪاھه ۽ لٺبازي سبب ڌرتي ڌڻي رت ۾ ڳاڙھا.. ڌرڻي جو مقصد هڪ عورت، ٻن معصوم نياڻين سوڌو اغوا ٿيل مغوين جي ڌاڙيلن کان بازيابي آهي ته پوءِ ٿورو سوچيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس ڪنهن جي پئي ونگار وهي. عام جنتا جي يا ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪار وڏيرن جي..؟ اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور پوليس يذيدي ڪردار ادا ڪري ڇڏيو، حڪيم زنگيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس جي ڪاھه ماڻھن کي لٺيون ھڻي رتورت ڪرڻ ئي ته دھشتگردي آ. ايتري ڏاڍ مڙسي ڪچَي ۾ ڏيکاريو ته مُڙس مَڃَئُون…محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس دھشگرد ساڻ کڻي آئي آھي، ڪشمور ۾ لڳل پرامن ڌرڻي تي پوليس جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ماڻڪ ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرڻي تي حملو ڪندڙ  هي ڇرا بردار ڪير آهن؟ ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي ڪاهه ڪندڙ اهي پوليس ۽ ڌاڙيلن جا ماڻهو آهن، ستاره تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾پر امن مظاھرين تي پوليس جي چڙھائي جي مذمت ڪجي ٿي، صفدر علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي پوليس اهڪار آهن يا ڪچي جا ڌاڙيل ؟؟ سينيئر قانوندان چاچا عبدالغني بجاراڻي صاحب جو پٽ اويس غني سخت زخمي ٿي پيو آهي، سول ڪپڙن ۾ ٻٽون  ٻڌل ، هٿن  ۾ خنجر ، لٺيون ۽ هٿيار کڻي پر امن ڌرڻو هڻندڙن تي تشدد ڪندڙ ڪير آهن ؟؟  آءِ جي پوليس، ايس ايس پي امجد شيخ کي پرامن احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪري سندن رت وهائڻ جو حساب ڏيڻو پوندو !! سموري سنڌ ڪنڌڪوٽ واسين سان گڏ آهي، هي ڪنهن ڪنهن تي گوليون ٿا هلائيندا ؟  ڌاڙيلن ۽ سردارن آڏو ته ڪڇي نٿا سگهن،  پر امن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ٿا ڪريو ، اوهان کي شرم اچڻ گهرجي… ثاقب علي به خنجر واري شخص جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته پوليس سان گڏ آيل همراهه، فيروزه لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دھشتگردي نامنظور، رياست جو ڪم تحفظ ڏيڻ آ يا دھشتگرد ٿي دفاع ڪرڻ ؟؟ پر امن احتجاجي ڌرڻي کي رتو ڇاڻ ڪرڻ اھڙي دھشتگردي ناقابل قبول آ، احمد سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ۾ افغاني پناهگير ۽ غير مقامي ڌرڻو ھڻي سگھن ٿا ۽ بلوچستان جا ماڻھو ڌرڻو ھڻي سگھن ٿا اهو قبول آھي اتي صرف سنڌ اندر سنڌي جو  احتجاج يا ڌرڻو قبول ناھي  باقي اگر ڪو سنڌي ڌرڻو يا ڪو احتجاج ڪري به ٿو  انھي مٿان لٺبازي ڪئي ٿي وڃي يا واري دھشتگردي جا ڪيس داخل ٿيندا؟  محمد امين چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پوليس کي ڌاڙيل ايترا پيارا آھن؟ جو ڌاڙيلن کان مظلوم مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪندڙ پر امن ھٿين خالي مظاھرين تي لٺبازي ڪئي وئي آهي. سنڌ پوليس جڏھن ڌاڙيلن کي فل فرائي يا ھاف فرائي ڪندي آهي ته سنڌي سوشل ميڊيا تي سنڌ پوليس کي ھيرو جي حيثيت سان پيش ڪيو ويندو آهي پر ان ئي ھيرو پوليس اڄ پنھنجو پاڻ کي زيرو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پوليس لاءِ اڄ ھڪ خطرناڪ سوال پيدا ٿيو آهي ته سنڌ پوليس عوام جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل آهي يا عوام کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل آهي؟ ڇا سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن جي حمايتي پوليس نه چئجي؟ انو سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرڻي تي پوليس گردي جي مذمت ڪجي ٿي. حفيظ هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻي تي تشدد جي سخت مذمت ٿي ڪجي. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين او ساٿي ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين، سلام آهي ڪنڌڪوٽ جي جوڌن کي جيڪي چاقن ۽ لٺين جي ڪرڪاٽ کانپوءِ ٻيهر ميدان عمل ۾ اچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن،ڏاڍن ڪردارن جي حرڪت تي افسوس ۽ مذمت ڪجي ٿي، نور احمد ڪاتيار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ صاحب، قبلا جي توهان پاڻ کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سمجهو ٿا ۽ توهان وٽ عوام کي جان، مال ۽ انساني حقن جي تحفظ ڏيڻ جا اختيار آهن ته مهرباني ڪري ڪشمور ڪنڌ ۾ ڌاڙيل اسٽيٽ خلاف پر امن احتجاج ڪندڙن تي پوليس ۽ ان جي ڌاڙيلن پاران هٿن ۾ ڇرا کڻي قاتلاڻو حملو ڪندڙ حملا آورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪريو. پر امن احتجاج ڪرڻ ملڪ جي هر شهري جو حق آهي، ان حق کان ماڻهن کي محروم نه ڪريو، هن حملي مان ظاهر ٿو ٿئي ته پوليس جا اختيار به ڌاڙيلن وٽ آهن ته ٻين انتظامي معاملن جا مالڪ به ڌاڙيل آهن. سمورا اختيار ڌاڙيلن جي حوالي آهن ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ انتظامي عهديدارن کي پنهنجن پنهنجن عهدن تان استعفائون ڏيڻ گهرجن. سمت تيلرجا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ پاسي سنڌ جو عوام آهي ۽ ٻئي پاسي سرداري نظام آهي. نديم علي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي لاٺي چارج جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.