دبئي (اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ س سي ) جي ون ڊي رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان ون ڊي جي تازي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان ڪپتان بابر اعظم اٺ سئو ٻياسي پوائنٽن سان بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي رسي ون ڊر ڊوسن جي ٻي ۽ ڀارت جي شُڀمَن گِل جي ٽين پوزيشن آهي. ون ڊي بيٽرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو امام الحق چوٿين ۽ فخر زمان ستين نمبر تي موجود آهن، ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ امام الحق جي ٽين ۽ فخر زمان پنجين پوزيشن هئي. ٻئي پاسي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ قومي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽاپ فائيو بالرن ۾ شامل ٿي ويو آهي، نئين درجا بندي موجب، شاهين آفريديءَ جي پنجين پوزيشن آهي. شاهين آفريدي ايشيا ڪپ کان اڳ نائين نمبر تي موجود هو، ڀارت ۽ نيپال خلاف شاندار بالنگ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي چار درجا ترقي ماڻي آهي