بري هن ڀنڀور ۾!

(حصو پهريون)

گھڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي هڪ آفيسر (نالو نٿو کڻان) مون کي چيو هو ته اسان يونيورسٽيءَ پاران حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ حضرت سچل سرمست تي ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ گھرون ٿا، توهان اردوءَ ۾ اسڪرپٽ لکي ڏيو، جيڪڏهن اوهان جون اسڪرپٽس ماهرن منظور ڪيون ته ان جو قاعدي قانون موجب اوهان کي اُجورو ڏنو ويندو. مون ٻنهي صوفي بزرگن بابت اسڪرپٽ لکي ان شخص کي موڪلي ڏنيون، مهيني کان کان پوءِ هن مون کي اطلاع ڪيو ته اوهان جون ٻئي اسڪرپٽ منظور ڪيون ويون آهن، اسان جلد ئي اوهان وٽ اينداسون ۽ اوهان جي رهنمائيءَ ۾ ڊاڪيومينٽريز تيار ڪنداسون. مهيني ڏيڍ کان پوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو اهو آفيسر پنهنجي ٻن ٽن ساٿين سان يونيورسٽي جي گاڏيءَ ۾ مون وٽ آيو، ان گاڏيءَ ۾ فوٽو گرافيءَ جو سازوسامان پڻ رکيل هو، اها گاڏي شايد ان ئي ڪم لاءِ هوندي هئي، مون ماهرن جي ان ٽيم کي سنڌ جي مختلف شهرن جو سير ڪرايو، کين درازن ۾ سچل سرمست جي درگاهه تي وٺي ويم، مون پنهنجي دوست پروفيسر الطاف اثيم کي مقرره وقت تي اتي وڃڻ لاءِ گذارش ڪئي هئي، الطاف اثيم صاحب منهنجي گذارش تي مقرره وقت کان به اڳ اتي پهچي ويو هو، هن اتي راڳ جو به انتظام ڪيو هو، فقيرن سچل سرمست جو ڪلام ڳايو، جيڪو هنن رڪارد ڪيو، جيئن ته پروفيسر الطاف اثيم سچل شناسيءَ جو ماهر آهي، تنهن ڪري هنن اثيم صاحب کان سچل سائينءَ جي شاعريءَ بابت تاثرات به رڪارد ڪيا ۽ درگاهه جي فوٽوگرافي ڪئي، ان لاءِ پنهنجي دوست پروفيسر الطاف اثيم جو ٿورائتو آهيان. سير سفر ڪندي هڪ شام جو ڀٽ شاهه پهتاسون، ڀٽائيءَ تي راڳ ڏينهن رات ٿئي ٿو، شاهه سائينءَ جا راڳي واري واري سان ڳائيندا رهن ٿا، سڄي دنيا ۾ فقط ٻن صوفي بزرگن جي درگاهن تي ڏينهن رات راڳ ٿئي ٿو، هڪ قُوئيه (تُرڪي) ۾ مولانا رومي جي درگاهه تي، ٻيو ڀٽائيءَ جي درگاهه تي. منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون مولانا رومي جي مزار جي زيارت ڪئي آهي، اتي ڀٽائيءَ جي درگاهه وانگر فقير راڳ نٿا ڳائين، پر مولانا روميءَ جي ڪلام جو ڪيسيٽ جھيڻي آواز ۾ چوويهه ڪلاڪ هلندي رهي ٿي. نماز جي وقت وقفو ڪيو وڃي ٿو، ميلي جي موقعي تي هڪ خاص قسم جو فقرائي رقص ٿئي ٿو، جنهن کي “درويش ڊانس” سڏيو وڃي ٿو. اسلام آباد کان آيل ماهرن جي ٽيم ڀٽائي جو راڳ رڪارڊ ڪيو ۽ درگاهه جي مختلف هنڌن تي فوٽوگرافي ڪئي. ڀٽائي جي سير سفر وارن مختلف هنڌن تي هلندي اسان لُواري شريف وياسون. درگاهه بند هئي، اتي هڪ عقيدتمند ڏاڍي ڏک مان رُئندي ٻڌايو ته هن درگاهه جي هر روز عرق گلاب سان صفائي ڪئي ويندي هئي پر افسوس جو هيءَ درگاهه ڪافي عرصي کان بند آهي. (جاري)

نواز علي شوق/ ڪراچي

جنم اشٽمي ۽ سناتن ڌرم ۾ ھڪ اوتار جو جنم ڏڻ!

(حصو ٻيون)

ڪانهوڙو جنم اشٽمي هن تهوار کي جنم اشٽمي، گوڪلا اشٽمي ۽ ڪرشان جيئنتي چوندا آهن ۽ ان کي ٿر ۾ ڪانهوڙو سڏيندا آهن هي تهوار سانوڻ جي اونداهي اٺينءَ تٿ تي سنڌ ۽ سڄي دنيا جا هندو، وچ اگسٽ ڌاري ملهائيندا آهن ٿر ۾ هن ڏينهن کي خاص اهميت آهي. سانوڻ جي برسات جي مهيني کي سانوڻ سڏجي ٿو، هي ڏينهن سنڌي ڪئلينڊر جو پنجو مهينو آهي، جيڪو آکاڙ ۽ بڊي مهينن جي وچ ۾ تي، يعني 16 جولائي کان 15 آگسٽ تائين ايندو آهي، هندو ڌرم موجب توڙي سنڌ جي موسمي حالتن موجب سانوڻ مهيني کي خاص اهميت حاصل آهي ڇو ته هي مهينو، مينهن برساتن جو مهينو آهي برسات جي موسم کي سانوڻ جي مند به چوندا آهن، هن مهيني درياهه به چاڙهه ۾ ايندو آهي ۽ ٿر بر ۾ وسڪارو ٿيندو آهي، وسڪاري کي سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٿر ريگستان جا ماڻهو زندگي جي علامت سمجهندا آهن، ٿري ماڻهو سانوڻ مهيني جو وڏو اوسيئڙو ڪندا آهن سانوڻ، سرهائي، سک، سلامتيءَ ۽ سونهن جي علامت آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن سانوڻ کي خوب ڳايو آهي، شاهه جي رسالي ۾، سر سهڻي، سر بلاول ۽ سر سارنگ ۾ شاهه لطيف جا سانوڻ بابت ڪيترا بيت ملن ٿا.

واهڙ ڀيريون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيئڻو،

سدا “سانوڻ” ڏينهڙا، هينئين نه هونداءِ،

وهاڻيءَ وينداءِ، اُتانهان لهي!

شاهه لطيف ٿر جي ماڻهن ۽ ساهوارن جي ان اوسيئڙي واري ڪيفيت جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڪيو آهي ته:

سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهه، مينهيون،

آرون اب آسري، تاڙا تنوارين،

سپون جي سمونڊ جون، نئين سج نهارين

پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿئي.

ٿري ڍاٽڪي ۾ سانوڻ کي سرامڻ به چوندا آهن، جيڪو سنسڪرت لفظ شرامڻ شروڻ آهي: “سر امڻ آيو سُرنگو، آئي نويلي ٽيج.” (اجهو  سهڻن رنگن وارو سانوڻ آيو آهي، ڄاڻ ته سانوڻ ٽيج به آئي.) سانوڻ مهيني ۾ ٿر جا مارو لوڪ، ڏهوڪي، موري، ڏيل ڏو وڻجاري، ڀيئي، ڍولي، ڍاٽيڙي، همرچي، ڪجليي، هينڍامڻي، منڍوڙي، ورساڙي، چوماسي، سانوڻ ٽيج پڻهياري، جلاليي، جوڌئي، رومال ۽ ڪونجل جهڙا لوڪ گيت ڳائي خوشيون ملهائيندا آهن. سرامن جي مُند ۾ اڪثر تيج، ڪانوڙو سانوڻي برساتون هلچل ۾ رهن ٿيون ساهيڙين ۽ سرتين جا جٿا پاڙي جي وڏي اوٽي واري ۽ چيني ٽائلن سان سينگاريل گهر ۾ ننڍي ڪُنڊ تي ٻڌل نم جي وڻ تي هيڏ ته هوندا آهن پر انهن سمورن رسمن رواجن کان وڌيڪ چوڙيون مندر، ڪجلاسر، سنت نينو رام جو آشرم، پار نگر، ساڙدرو، ڀوڏيسر، ڀالوا ۽ مائي مٺان جي شهر مٺي جي گڊي ڀٽ لڙڪيل ڀريا نيڻ آلا ڪري بيٺل ٿرواسي انتهائي انوکو آهي. (جاري)       انيل ڪمار مڪواڻا/ ڪنري

هائير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ جي شاگرد سان  انصاف ڪيو!

ٽنڊوالهيار جو تعلقو چمبڙ جيڪو سموري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشحال تعلقو سڏيو ويندو آهي، جتي جون زمينن بابت اهو چيو ويندو آهي ته هي زمينون سون پيدا ڪنديون آهن، هڪ طرف چمبڙ ايترو ذرخيز ۽ ٻئي طرف وري چمبڙ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، پرائمري اسڪولن جي اها حالت آهي جو انهن ۾ نه بجلي جي سهولت آهي ۽ نه ئي وري ڪا عمارت درست حالت ۾ موجود آهي، تعليم جو سڄو نظام ڊانوا ڊول ٿيل آهي، هاڻ آئون ڳالهه ڪنديس گورنمنٽ هائير سيڪنڊري چمبڙ جي جنهن جي گيٽ تي ڪلهه هڪ شاگرد احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مون 2020 ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد يارهين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ويس ته اتي موجود استاد چيو ته اسان وٽ ايتري جڳهه ناهي، پهرين به گھڻا شاگرد داخلا وٺي چڪا آهن، توکي داخلا نه ملندي، مون گهڻيون ئي دانهون ڪيون پر مون کي داخلا نه ڏني وئي، آئون وري ٻي سال ويس ته تڏهن به بهانا ڪيا ويا ۽ هيئنر داخلا وٺڻ ويس ته مون کي چيائون ته توکي داخلا ته ڏيون ٿا پر آرٽ پرائيويٽ يا آرٽ ريگيولر ۾، مون انهن کي چيو ته سائين مهرباني ڪري ميڊيڪل ۾ ايڊميشن ڏيو جيئن آئون اڳتي ميڊيڪل سان لاڳاپيل ڪنهن شعبي ۾ داخلا وٺي سگهان پر مون کي داخلا نه ڏني وئي، ايئن چيو ويو ته حيدرباد بورڊ وارن جو قانون آهي ته جنهن کي ٻه سال گيپ هوندو ان کي ميڊيڪل جي داخلا نه ملندي، شاگرد اهو ٻڌائيندي روئي ڏنو، آئون ان وقت ئي شاگرد کي وٺي ڪاليج جي انتظاميا سان ڳالهائڻ ويس ته اتي موجود استادن مون سان به اها ساڳي ڳالهه ڪئي، مون انهن کي چيو ته جيڪڏهن بورڊ جو اهو قانون آهي ته اوهان مون کي لکت ۾ اها شي ڏيو يا حيدرآباد بورڊ طرفان اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيل هجي ته اهو به ڏيکاريو، جنهن بعد به استادن نه ته لکت ۾ اهڙي ڪا شيءِ ڏني ۽ نه ئي وري حيدرآباد بورڊ طرفان جاري ٿيل اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو، جنهن مان ڳالهه صاف ظاهر آهي ته هائير سيڪنڊري چمبڙ جا استاد غريب شاگردن کي صرف تنگ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن استادن جي ڳالهه سچ هجي ها ته اهي يا ته لکت ۾ ڏئي شاگرد ۽ اسان کي مطمئن ڪن ها، يا وري حيدرآباد بورڊ جو اهڙو جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ڏيکارين ها، بار بار استادن وٽ وڃڻ باوجود به ان شاگرد کي اڃا تائين داخلا ناهي ملي، آئون وزير تعليم، ڊائريڪٽر حيدرآباد، ڊي اِي او سيڪنڊري ٽنڊوالهيار کي اها اپيل ٿي ڪريان ته مهرباني ڪري نوٽيس وٺي شاگرد سان انصاف ڪيو وڃي.

ثوبيا کوسو/ چمبڙ

ٽنڊوالھيار جي عزاداريءَ ۾ حيدري خاندان جون خدمتون!

ٽنڊوالھيار ۾ ڪربلا جي شھيدن سان عشق، عقيدت، احترام ۽ سندن ڏکن دردن جي ياد جا جذبا سدا نيڻن جا پاڪ لڙڪن سان آباد رھن ٿا. ھتان جي عزاداري به قديم ۽ پنهنجي روايتي انداز سان ھلندي اچي، ڪيتريون پيڙھيون گذري ويون پر اھلبيت عليه سلام جا دين اسلام لاءِ ڪيل ڪارناما ۽ حق پرستيءَ واري تبليغ سبب سندن شھادتون وسرڻ بجاءِ انھن ۾ واڌارو ٿيندو ڏسجي ٿو، ٽنڊوالھيار ۾ ٻين وسندين شھرن ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن جي عقيدتمندن پاران امامن جا معجزه ڏسي ساڻن عقيدت ۽ احترام ھر محرمالحرام ۾ وڌندو رھيو آھي، ڪربلا جي شھيدن جي ياد وارا ڏھاڙا ٻين علائقن جيان ٽنڊوالھيار ۾ به وڏي حب، محبتن ۽ عقيدت سان ملھايا وڃن ٿا. ھن ضلعي جي گھڻن شھرن، ڳوٺن ۽ وسندين ۾ محرم جي شروعات ڪارن ڪپڙن سان ۽ لڳل علم عباس کي نئين سر سنواري سينگھاري بلند ڪرڻ وسيلي عزاداري جي شروعات ڪئي وڃي ٿي. ھن عزا جي سلسلي ۾ ٽنڊوالھيار جي حيدري امام بادرگاھ جنهن کي وڏا “اڌ مڪاني” سڏيندا ھئا اتي لڳل علم پاڪ کي لاھي وري رنگ روغن ڪري عاليشان بيرڪ چاڙھڻ، بجلي جي بلبن سان وڻندڙ جھرمٽ ڪرڻ سان سينگھاري ھڪ خاص تقريب ڪوٺائي نغارن ۽ شرنائي جي غمناڪ سوز سان بلند ڪيو ويندو آھي. محرم جي ڏھاڙن ۽ مخصوص ڪيل تاريخن تي حيدرين طرفان نڪرندڙ جلوس جون تياريون اوج تي ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. چاچا علي بخش حيدري جي ڪوشش ھوندي ھئي ته سندن 5 تاريخ جو جلوس شاندار ۽ يادگار طور ملھايو وڃي. ان لاءِ پاڻ ٻين شھرن جي ماتمي دستن ۽ نوحا پڙھندڙن کي شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏ ڏيندو ھو. پنجين محرم تي وڏي ماتمداري، نوحا خواني ۽ زنجير جي ماتم سان گڏ لنگر نياز جا بندوبست ٿيندا ھئا، حبدار اھلبيت چاچا الھ بچايو صبح پوٽو مرحوم جو “ملڪ روز شربت” جي خوشبوءِ ۽ مٺاڻ جو پنهنجو مزيدار ذائقو ھو. راھب پاڙو چونڪ ٽنڊوالھيار جي عزاداري  خاص ڪري 5 محرم جو جلوس جڳ مشھور رھيو. جڏهن ته 7 محرم تي شھزادي علي اصغر جي ياد پينگھي جو قديم جلوس به خصوصي حيثيت رکي ٿو. ھن پينگھي جي زيارت لاءِ حيدرين جي رھائشگاھ ۾ شيعا، سني، ھندو عورتون اچي شريڪ ٿي لنگر نياز ڪندي آسون اميدون کڻي واسطا ڏيندي رب پاڪ کان دعائون طلب ڪن ٿيون. ھتي عورتن جي يادگار عزاداري ٿئي ٿي. ان بعد رات ڌاري جلوس نڪري ٿو، ٽنڊوالھيار جي حيدري خاندان جو عزاداريءَ ۾ وڏيون خدمتون رھيون آھن، جيڪو سلسلو ھلندو اچي. حبدار اھلبيت نياز حيدري جي وفات کان پوءِ ھاڻ سندس وڏي فرزند مصدق نياز حسين تي ذميواريون لاڳو ٿي چڪيون آھن جنهن سان ساٿ ۽ صلاح مشورن ۾ چاچو مولانا امداد حيدري شريڪ ڏسجي ٿو. ھن خاندان طرفان ٻارڙن جي تربيت ۽ عورتن جي عذاداريءَ ۾ به  شاندار ڪاوشون رھيون آھن، جنهن ڪري اڄ ننڍي عمر ۾ علمدار حسين حيدري خطابت جي ميدان ۽ عزادار حسين حيدري بھترين سر ۽ وڻندڙ سوز سان نوحا پڙھڻ ۾ مشھور ٿيا آھن.

منظور ڪالرو/حيدرآباد

6 سيپٽمبر جي پروگرام جو اکين ڏٺو احوال!

گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان ۾ 06 سيپٽمبر “يوم دفاع” جو ڏينھن جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنھن جو شرف علي رضا ڀٽي حاصل ڪيو، ان بعد نعت رسول مقبول ﷺ جو شرف نذير احمد ڀنڀرو حاصل ڪيو. يوم دفاع جي مناسبت سان ڪاليج جي شاگرد گلزار حسين شنباڻي انگريزي ۾ غلام اڪبر چاڪراڻي اردو ۾ ۽ نذير حسين ڀنڀرو سنڌي ۾ تقرير ڪري خوب داد حاصل ڪيو، سپلا يونٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان جي صدر فرحت عباس سھاڳ چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي ٻين ملڪن جي فوج کان وڌيڪ طاقتور آھي، فوجي جوان جڏھن “اللہ اڪبر” جا نعرا لڳائي ميدان ۾ لھندا آھن ته دشمنن جا حوصلا ئي ختم ٿي ويندا آھن. پاڪستاني فوج 1965ع واري جنگ ۾ پنھنجو عظيم ڪردار ادا ڪيو. پروفيسر سجاول ڳاھو چيو ته اھڙا ڏينھن ملھائڻ سان نوجوان نسل ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو وڌندو آھي ۽ ھن ڏينھن جي اھميت بابت نوجوان نسل کي آگاھي ملندي آھي، پروفيسر حسن وساڻ چيو ته زندہ قومون پنھنجي قومي ھيروز کي ڪڏھن به ناھن وسارينديون اڄ اسين قومي ھيروز کي ڀيٽا پيش ڪريون پيا. پروفيسر بھادر ڪمبوهه چيو ته خدا تعاليٰ اسان کي آزاد ملڪ جي نعمت سان نوازيو، ھاڻي اسان جو فرض آهي ته ملڪ سان محبت ڪريون ۽ سندس خوشحالي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪريون. پروفيسر احسان ملاح چيو ته پاڪستاني فوج نه رڳو ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رھي آھي پر ڪنھن به قدرتي آفت کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھي ٿي. پروفيسر علي رضا ڀيلار يوم دفاع جي ڏينھن بابت چيو ته شھادت جو رتبو عظيم ھوندو آھي، ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ پاڪ فوج جي شھيد جوانن ۽ 1965ع واري جنگ ۾ شھادت حاصل ڪندڙ سچن سپاھين کي آئون ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. پروفيسر نعمت اللہ سولنگي چيو ته اڄ جو ڏينھن تاريخ کي ورجائيندي اسان کان اڃا به ڪجھ قربانيون گھري ٿو ته اسين ھر ميدان ۾ سخت محنت ڪري  ملڪ جو نالو روشن ڪريون. آخر ۾  شاگردن کي يوم دفاع بابت ڪاليج جي سينيئر پروفيسر ۽ انچارج پرنسيپال محمد نواز مھر چيو ته اسين تعليم جي وسيلي ئي ملڪ کي ترقي وٺرائي سگھون ٿا، اڄ اسين پاڪ فوج جي انھن شھيد جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ ملڪ جي بقاءَ خاطر وڙهندي شھادت ماڻي. پروگرام جي پڄاڻي تي پاڪستان زندہه باد، پاڪ فوج زندہه باد جا نعرا لڳايا ويا ۽ ملڪي سلامتي لاءِ دعائون پڻ گھريون ويون.

عبدالستار کوکر/ڪنب

سنڌ جي بلدياتي چيئرمينن جا جاوا!‎

بس ۾ سوار ھڪ نيڪ مرد جو کيسو ڪٽجي ويو، ھمراھ پريشان ٿي ويو، مٿان اچي ڪنڊڪٽر ڀاڙو گھريس. ھمراھ پريشان ٿي کيس ماجرا ٻڌائي پر ڪنڊڪٽر چيس پئسا بچائڻ لاءِ کيسا فاڙيو اچي سوار ٿيو، ڏيو جلدي ڪرايو، جلدي ڪريو، تڪرار وڌي ويو، تنھن تي پريان بيٺل بشني اعلان ڪيو چاچا پوڙھي جو ڪرايو آئون ٿو ڏيان، ڇڏ ھن کي تنگ نه ڪر، انھي تي چاچا پوڙھي جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ کيس دعائون ڏيڻ لڳو ته ابا الله تنھنجي رزق روزي ۾ برڪت وجھي. تون منھنجي مدد ڪئي الله تنھنجي ڪم کي اڃان وڌائي. ڪروڙ جي بجيٽ مان 10 ھزار خرچ ٿيندا آھن، تڏھن ماڻھو ايئين ئي خوش ٿيندا آھن، سنڌ جي ھر واھڻ وستي، تعلقن، ضلعن ۾ يونين ڪائونسلن ۾ مقامي بلدياتي ادارا قائم آھن پر نالي ماتر به ڪم نٿا ڪرايا وڃن، سموري بجيٽ کي سولائيءَ سان حصا پتي ڪري مائٽاڻي ملڪيت سمجھي ھڙپ ڪيو وڃي ٿو. ڪيئي خوشامندڙيا نوان پراڻان ٺيڪيدار بلدياتي آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪن، نون چونڊيل چيئرمينن کي ڪرپشن ڪرڻ جا گُر ٻڌائي شيطان وارو ڪم ڪندا آھن. اھي صلاحڪار ٿي ٻڌائيندا آھن فلاڻو ڪک پتي مان لک پتي ٿي ويو، اوھان وٽ به وقت ٿورو آهي، وارو ڪريو، ڪجھ ڪو نه ٿيندو، پاڪستان آھي، ڪم کي پٽيو، اھڙيءَ ريت بجيٽن جو ڪم لاهيو ڇڏين. بلدياتي ادارن جا چونڊيل نمائنده پنھنجي واکاڻ ڪاڻ ڪجھ ڊيلي وجيز طور خاڪروب جي پوسٽنگ تي ماڻھو ڀرتي ڪندا آھن پر انھن کان ڪم وري سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن مٿان گارين جو گند اڇلائڻ جو ورتو ويندو آھي، چار سال سندن ايئن ئي گذري ويندا آهن جو کين خبر به نه پوندي آهي، مليل عارضي اختيار کي سجايو ڪري ويندا ته سندن ٻئي جھان ٺھي ويندا، ڏسو قبرستان ۾ ڪير پئسا کڻي ويو آهي، عيش ٻيا ڪندا لوڙيندا ڪپت ڪندڙ.

الھڏنو راھمون/ سجاول

سنڌ جي امن کي بحال رکڻ ۾ جي يو آءِ جو ڪردار!

وقتن فوقتن سوچيل سمجهيل سازش جي ذريعي امن جي پيڪر سنڌ ڌرتي جي امن امان کي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن، تاريخ شاهد آهي جڏهن به سنڌ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي جي يو آءِ ڪڏهن قومپرست جماعتن سان گڏجي ته ڪڏهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن سان گڏجي لوهي ديوار جيان رڪاوٽ بڻي آ، ڪڏهن فرقيواريت جي نالي تي ڪڏهن مذهب جي نالي تي ڪڏهن قبيلن جي نالي تي نفرت ۽ بدامني جي باھ ڀڙڪيل هوندي ان کي وسائڻ ۾ جي يو آءِ جي مولوين جو ڪردار توهان کي نمايان ڏسڻ ۾ آيو هوندو. تاريخ شاهد آهي ته قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ شهيد سنڌ شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جن پنهنجي زندگي ۾ سوين علماءِ ڪرام کي گڏ ڪري ميڙ منٿ قافلا وٺي ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ڪيترن ئي تڪرارن کي ختم ڪرايو جيڪي رڪارڊ جو حصو آهن. فرقيواريت جي ذريعي سازش ٿي هجي ته اهي ئي جي يو آءِ جا مولوي هئا جن ڪڏهن ايم ايم اي جي نالي تي ته ڪڏهن ٻين نالن سان مختلف مڪتب فڪر ۽ فرقن جي جماعتن کي گڏ ڪري هڪ هجڻ جو ميسيج ڏئي امن کي بحال رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. شهيد اسلام جن جي شهادت کان بعد شهيد جي فرزند ۽ جماعت پڻ خوب روايت کي برقرار رکيو. پاڻ شهيد اسلام جن جي شهادت تي پڻ خدشا هئا ته سنڌ کي محترمه بينظير واري شهادت جي واقعي جيان ساڙي رک جو ڍير بڻايو ويندو ڇو ته اهو حادثو جمعيت جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن لاءِ سڀ کان وڏو حادثو هو، مون سميت ڪنهن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه پي آيو ته ٿي ڇا ويو ۽ ڪجي آخر ڇا؟ شروعات ۾ ته ڪارڪن پڻ حوصلا وڃائي روئندي روڊن تي نڪري آيا هئا پر سلام آهي فرزندان شهيد اسلام علامه راشد ۽ ناصر جن جي صبر تحمل ۽ سنجيدگي کي جو انٽرويو ۾ چيائون ته ڪارڪن هرگز سنڌ ۽ سنڌين کي تڪليف نه ڏين، سنڌ به منهنجي بابا جي آ، ڪارڪن لاڙڪاڻي جنازي ۾ پهچن، بعد ۾ تعلقي مانجهند ۾ پيش آيل شريعتِ لطيفي وارو واقعو هجي يا گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي مندرن جو واقعو جي يو آءِ وارن پنهنجا مدرسا خالي ڪرائي هندن کي رهايو هو.

سو اڃان به جيڪڏهن تون تعصب ۽ ساڙ،

جي بنياد تي مون کي  انتهاپسند سڏين ته،

تنهنجي مرضي، باقي امن امان جي بحالي،

خاطر قربانيون تنهنجي سامهون آهن.

مير شاهجهان کوسو/خاڻوٺ، ڄامشورو