اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته مون اسٽيبلشمينٽ يا جيو جي انتظاميا کان معافي ناهي ورتي، پر جاري ٿيل بيان صحافتي تنظيمن لاءِ آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو وضاحتي بيان صحافتي تنظيمن جو آهي ۽ منهنجي وضاحت اسٽيبلشمينٽ ۽ جيو جي انتظاميا لاءِ نه پر صحافتي تنظيمن لاءِ آهي. هن چيو ته منهنجي تقرير بعد مختلف شهرن ۾ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل ٿيون ته صحافتي تنظيمن ڪاميٽي جوڙي ۽ منهنجي دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته صحافي اسد طور تي حملي جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسر کي اوچتو تبديل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس ڪجهه ڏينهن کان اسد سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي اسان انصاف لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.