لاهور (بيورو رپورٽ) بغاوت ڪيس ۾ گرفتار نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي ضمانت منظور ٿي وئي، لاهور جي عدالت ضمانت منظور ڪندي جاويد لطيف کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت طرفان نواز ليگ اڳواڻ کي 2-2 لک رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو. جاويد لطيف کي 27 اپريل تي گرفتار ڪيو ويو هو.