ڪراچي(م ڊ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم جوخاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري آمهون سامهون اچي ويا. شهباز گل نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي آمريڪا کي اڏا ڏيڻ جي حوالي سان بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته مريم صاحبه حڪومت پارليامينٽ جي فلور تي ٻڌائي چڪي آهي ته ڪنهن ملڪ کي پاڪستاني اڏا نه ڏنا ويندا، هن وقت وزيراعظم عمران خان آهي توهان جو والد نواز نه جنهن سڄي چورايل دولت اولهه جي ملڪن ۾ لڪائي آهي، پاڻ به انهن جي پناهه ۾ آهي جتي توهان ماڻهن پناهه ورتي آهي توهان سڳا به انهن جا ئي آهيو. ان جي جواب ۾ طلال چوڌري چيوته مريم صاحبه جو والد حڪومت ۾ هجي ها ته ڪو اڏا گهرڻ جي جرئت به نه ڪري تها، يا آهي سي آءِ اي چيف نه آمريڪي صدر به پنج ڀيرا فون ڪيو پر پوءِ به ايٽمي ڌماڪا ڪيا، عمران خان جي روحاني ۽ سياسي استاد مشرف ناجائز حڪومت قائم رکڻ لاءِ اڏا ڏنا هاڻ توهان به اهو ئي ڪري رهيا آهيو. ڪشمير ڏئي ڇڏيو هاڻ اڏا ڏئي رهيا آهيو.