ڪراچي (م ڊ) سڄي دنيا جي رهائش لاءِ بهترين ۽ بدترين شهرن جي لسٽ شايع ڪئي وئي آهي، نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ دنيا جو بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي، جاپان جو شهر اوساڪا ٻئي، آسٽريليا جو ايڊيليڊ ٽئين، جاپان جو شهر ٽوڪيو چوٿين ۽ نيوزيلينڊ جو ويلنگٽن پنجين نمبر تي بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي. برطانوي تحقيقي اداري اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي رپورٽ ۾ 140 شهرن جي درجا بندي ڪئي وئي، پرٿن ڇهين، زيورچ ستين، جنيوا اٺين، ميلبرن نائين ۽ برسبين ڏهين نمبر تي آهي. رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي ڪري يورپي ۽ آمريڪي شهرين جي درجابندي خراب ٿي آهي، گذريل سال جو پهرئين نمبر جو شهر ويانا 12 نمبر تي رهيو. هونو لو لو 14 هين نمبر تي رهيو، هيمبرگ 34 کان 47هين نمبر تي هليا ويا. شام جي راڄڌاني دمشق سڀ کان خراب شهر قرار ڏنو ويو نائيجيريا جو شهر لاگوس ٻئي، بنگلاديش جو ڍاڪا ٽئين، لبيا جو طرابلس چوٿين جڏهن ته ڪراچي پنجين نمبر تي خراب شهر آهي. ٻئي طرف اٽلي جو شهر فلورنس سڀ کان خوبصورت شهر آهي، آسٽريا جو ويانا ٻئي، هنگري جو بڊاپيسٽ ٽئين، آسٽريليا جو سڊني چوٿين، پيرس پنجين، روم ڇهين، چيڪ جو پراگ ستين، بيلجيئم جو بروگي اٺين، ٽوڪيو نائين ۽ لنڊن ڏهين نمبر تي خوبصورت شهر آهي.