اردوان جي واپسي ۽ پاڪ- ترڪيه لاڳاپا

0
176
اردوان جي واپسي ۽ پاڪ- ترڪيه لاڳاپا

 ستر واري ڏهاڪي جا اهي شروعاتي سال هئا، ڀُٽي جو دور هو. اسلامي ملڪ سڏائيندي به پاڪستان اڃان ماڊرنائيزيشن جي راهه تي گامزن هو. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي وزيرن تي الله جو فضل ضرور هو پر سندن گهر “هٰذا من فضل ربي” جي اکرن سان زيب تن ڪونه ٿيا هئا. ڪڙو ۽ ڪيف موالين کي مباح ھوندو هو، جو مان به مئٽرڪ پاس ڪري اچي حيدرآباد وسايو هو. پهرئين ڏينهن ئي بابا سائين اورينٽ ھوٽل سان متعارف ڪرايو هو، جنهن جي چانھ جو چسڪو مونکي وڻي ويو هو، جنهن مونکي تيز ۽ اسپيشل سيپريٽ چانھ پيئڻ جو مڪمل عادي بڻائي ڇڏيو. حيدرآباد مون لاءِ نئون شھر هو، جتي اڪيلو گهمڻ شروع ڪيم. مخدوم اشفاق ۽ زوار نقوي سان اڃا ملاقاتون ڪونه ٿيون هيون، جيڪي ‘جبيس’ جو ڏس ڏين ها. تنهنڪري مان شوقيه چانھ پيئڻ لاءِ اورينٽ ڏي رخ ڪندو هوس. هڪ ڏينهن اتي چانھ پيئندي خبر پئي ته ڪالھ کان وٺي ترڪي (هاڻوڪي ترڪيه) مان آيل هڪ ثقافتي گروپ هوٽل جي اسٽوڊيو ۾ پنهنجي فن جي مظاهرو ڪري رهيو آھي. ان ثقافتي طائفي جون تصويرون ڏسي مون به ڏهن روپين ۾ هڪ ٽڪيٽ خريد ڪري اهو ڪلچرل شو ڏٺو هو، جنهن مون ٻار تي ڪمالي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي هئي. خدا جي مهرباني هئي، جو ان عمر ۾ مون اهڙو شو ڏٺو، جنهن ترڪيءَ جي جديديت جو ته مون تي ڌاڪو ڄمايو پر ٻھراڙيءَ جي هڪ ٻار کي جديديت سان روشناس به ڪرايو. اها جديديت، جتي مذھب ۽ آرٽ ھڪ ٻئي جا دشمڻ ناهن، جتي سياست ۽ مذھب ريل جي پٽڙيءَ وانگر پور وڇوٽي تي رهن ٿا.

تازو ان جديد ترڪيه جي صدارتي چونڊن جو ملڪ جي اندر توڙي دنيا ۾ ٻاهر وڏو چوٻول هو. مغربي ميڊيا جي “آزاد ۽ منصفانه” چونڊن واري پرڪشش راڳڻيءَ، ترڪيه جي گڏيل اپوزيشن جي صدارتي اميدوار ڪمال اوغلو جي کٽڻ جا امڪان پئي ظاهر ڪيا، ڇو ته اردوان جي حڪومتي ڪارگذاري Cold War دور جي مشھور آمريڪي صدر هيري ٽرومن جهڙي هئي. ريٽنگ جي لحاظ کان آمريڪي صدور ۾ ٽرومن هيٺين سطح جو ليڊر شمار ڪيو وڃي ٿو پر جنگ سٽيل يورپ جي تعمير لاءِ متعارف ڪرايل مارشل پلان ۽ ڪميونزم خلاف ترڪي ۽ يونان کي ڀرپور مدد ڏيڻ تي سندس نالو دنيا جي وڏن ليڊرن ۾ شامل آھي. اردوان ۽ سندس پارٽي AKP پنهنجي ويهن سالن جي دور جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ مغرب جي همنوا ٿيڻ بدران غير جانبدار رويو اختيار ڪيو ۽ ملڪ جي اندر مذھبي قدامت پسندي، جديد قوم پرستي ۽ ڪمالسٽ ماڊرنزم وچ ۾ بهترين توازن رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪا يورپي يونين ۽ آمريڪا کي قابل قبول ڪانه هئي. اهو سڀ ڪرڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي سگھ بخشڻ لاءِ هن ميڊيا سان گڏ طاقت جي ٻن اهم تاريخي مرڪزن، فوج ۽ عدليه کي ڪمزور ڪيو ۽ آئيني ترميم ذريعي صدارتي نظام نافذ ڪيو. عدالتون، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن آئين جي سيڪيولر اصولن جي خلاف مذھبي پارٽين تي پابندي لڳائينديون هيون ۽ فوج جو اقتداري ڪاريڊور ۾ مضبوط قوت  وارو ڪردار هو.ٻاهرين دنيا کي تمام گهڻي اميد هئي ته گڏيل اپوزيشن اميدوار ڪمال اوغلو ڪامياب ٿيندو. پارليامينٽ ۾ جيتوڻيڪ AKP ۽ ان جا اتحادي اڪثريت ۾ آھن پر مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد جي پوزيشن اتي وڌيڪ مستحڪم ٿي آھي ۽ اردوان کي اڳ کان گهٽ سيٽون مليون آھن. صدارتي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ اردوان کي 50 سيڪڙي کان به گهٽ ووٽ پيا. ٻيو مرحلو اوغلو ۽ سندس وچ ۾ تازو ڪجھ ڏينهن اڳ ٿيو ۽ قومپرستن جي حمايت سان هو وري اقتدار نشين ٿي چڪو آھي.

پاڪستان ۽ ترڪيه جي روايتي ويجهن لاڳاپن جي شروعات 1948ع ۾ ٿي هئي. اردوان پنهنجي دور ۾ انهن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هو پهريون غير عرب ليڊر آھي، جيڪو هڪ طرف پاڪستاني عوام وٽ عرب سياستدانن کان به وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڪستاني سياستدانن ۾ هو ميان صاحب ۽ خانصاحب لاءِ رول ماڊل ھيرو جي حيثيت رکي ٿو. ترڪ ميڊيا ۾ هن  پاڪستاني narrative  کي ڪافي جاءِ ڏياري ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ڪشمير مسئلي تي NSG، FATF ۽ انساني حقن واري ڪائونسل سميت ٻين ڪيترن ئي عالمي فورمن تي مدد ڏيندو رهيو آهي. 2005ع جي زلزلي ۽ گذريل سال جي ٻوڏ ۾ ترڪيه پاڪستان جي دل کولي مدد ڪرڻ وارن دوست ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو بيٺل نظر آيو.

اردوان جي دور 2009ع ۾ ھڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل HLSCC، جو بنياد وڌو ويو، جنهن هيٺ ٻئي ملڪ دفاع، اقتصاديات، واپار، سيڙپڪاري، مواصلات، توانائي، ثقافت ۽ سياحت جي اسمن تي هڪٻئي سان تعاون ڪري رهيا آھن.  دنيا اندر پاڪستان ترڪيه جو سڀ کان وڏو دفاعي سامان خريد ڪندڙ ملڪ به شمار ٿئي ٿو. هڪ ارب ڊالر جي ماليت جا چار بحري ڪوريٽس، جيڪي پاڪستان نيوي جو حصو آھن، ترڪيه کان خريد ڪيا ويا آھن. هن دفاعي خريداريءَ ۾ ترڪيه طرفان پاڪستان کي ٽيڪنالاجي به فراهم ڪئي وئي آھي، جڏهن ته چين جهڙي دوست ملڪ کان، هٿيارن جي خريداري ۽ پوءِ ان جي ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان ڪڏهن ڪڏهن ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيندو اچي ٿو. ڊپلوميسي جي ميدان ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه، ڪشمير کان فلسطين، قبرص ۽ نگورنو ڪاراباخ جي مسئلن تائين هڪٻئي جا ساٿاري ۽ واهرو هجڻ جي تاريخ رکن ٿا.

پاڪستان ۾ اردوان جي صدر چونڊجڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو ويو آھي پر چونڊن کان اڳ ۾ غالب امڪان هو ته PDM حڪومت متان کلم کلا ساڻس يڪجهتي جو اظھار نه ڪري وجهي، ڇو ته اقتدار ۾ اچي بدلجڻ پاڪستاني سياستدانن جي خمير ۾ شامل آھي. جيئن ماضي قريب ۾ اسان جو اڳوڻو وزير اعظم عمران خان آمريڪا ۽ ڀارت جي اليڪشن ۾ ترتيبوار ٽرمپ ۽ مودي جي کليل حمايت ڪري ويٺو هو، تيئن پي ڊي ايم حڪومت نه ڪيو ۽ سٺو ڪيو. هونئن به عالمي سياست ۽ ڊپلوميسي جي ميدان تي  دوستيون رياستي سطح تي ڳڻڻ ۾ اينديون آھن.

صدارتي اليڪشن ۾ اوغلو جي قيادت ۾ اتان جي اپوزيشن جو جهڪاءُ ڀارت طرف هو، جيڪو اشارن ڪناين ۽ ڊپلوميٽڪ لهجي ۾ ڳالهايو پئي ويو. جنهن مان ظاهر پئي ٿيو ته ترڪ اپوزيشن پارٽيون پاڪستان کان ناخوش آھن. جنهن جو هڪڙو سبب ترڪيه ۾ غير قانوني طور رهندڙ پاڪستاني ٿي سگهن ٿا. شام ۽ افغانستان مان آيل غير قانوني مهاجر اڳ ۾ ئي اتي هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪريو ويٺا آھن، جن کي ترڪيه ۾ سيڪيورٽي رسڪ پڻ سمجھيو وڃي ٿو. استنبول ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن جي لوڪل گورنمنيٽ جي قيادت اتان جي نوجوانن وٽ آھي، جيڪي مستقبل جا اتا ترڪ ۽ اردوان ٿي سگهن ٿا. پاڪستان کي پنهنجن سفارتڪارن ذريعي ان نوجوان قيادت سان به رابطن وڌائڻ ۽ تارڪينِ وطن کي روڪڻ جا اپاءَ وٺڻ گھرجن.

[email protected]