ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ شروع: افتتاحي دنگل بلوچ ٽيم جي نانءُ

0
312
ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ محمد علي شاهه، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آهي،جنهن جي افتتاحي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ حيدري بلوچ فٽبال ٽيم پينالٽي ڪڪس تي کٽي ورتي

 ايونٽ جو افتتاح شفيع محمد ڄاموٽ جي پٽ سهيل شفيع ڄاموٽ، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه ۽ ٻين ڪيو، هيءَ ايونٽ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان نوجوانن کي نشي جي لت کان پري رکڻ لاءِ ڪرايو ويو آهي. افتتاحي ميچ ۾ لگان اسپورٽس ۽ حيدري بلوچ فٽبال ٽيم وچ ۾ کيڏي وئي

 ميچ جو فيصلو پينالٽي ڪڪس ذريعي ٿيو، حيدري بلوچ فٽبال ٽيم ڪاميابي ماڻي. ان موقعي تي مهراڻ علي شاهه چيو ته هيءَ ايونٽ محمد علي شاهه ۽ حاجي شفيع ڄاموٽ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي نشي کان پري رکڻ لاءِ ڪرايو پيو وڃي، ايونٽ 10 ڏينهن تائين جاري رهندو، اڄ رات 2 ميچز کيڏيون وينديون