راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ: فوتين جو انگ 11ٿي ويو: فيڪٽري مالڪن جو گهيرو تنگ

0
518

ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ سبب 11ڄڻا لتاڙجي ۽ نالي ۾ ڪِري فوت هٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي بيهوش آهن

 فوتين ۾ راشن وٺڻ لاءِ پهتل 8 عورتون ۽ 3 ٻارڙا شامل، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

نجي ڪمپني طرفان زڪوات تحت راشن ورهايو پئي ويو ته اوچتو ڀاڄ پئجي ويئي

ڪجهه ماڻهو لتاڙجي ويا ۽ ڪجهه وري نالي ۾ ڪِري پيا، ڀاڄ سبب بجلي جي تار به شهرين مٿان ڪري پئي

ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش ۽ بيهوش ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو

وڏي وزير ۽ چيف  سيڪريٽري نوٽيس وٺندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو  ۽ ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري انڊسٽريز کان رپورٽ طلب ڪئي

وڏي وزير چيو آهي ته راشن جي ورڇ ۽ فلاحي ڪمن لاءِ انتظاميا کي اڳواٽ آگاهه ڪرڻ گهرجي، جاچ ۾ جنهن جي به غفلت ظاهر ٿي، اُن خلاف ايڪشن کنيو ويندو

راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ سبب 11ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فيڪٽري مينيجر سميت 7ڄڻا گرفتار

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ سبب 11ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

پوليس فيڪٽري مئنيجر سوڌو 7ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جا امڪان آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ اطلاع نه ڏنو هو، واقعي جي ذميوار فيڪٽري انتظاميا آهي، فيڪٽري جي وڌيڪ ملازمن کي به گرفتار ڪيو ويندو

ايس پي سائيٽ کي جاچ جي ذميواري ڏني وئي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي