چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺوس سبب ٻڌايو يا ڊائلاگ شروع ڪيو، اسان گڏجي صورتحال کي منهن ڏينداسين: چيف جسٽس

0
326
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺوس سبب ٻڌايو يا ڊائلاگ شروع ڪيو، سياسي معاملن جي ڪري اختلاف سامهون آيا، اسان گڏجي صورتحال کي منهن ڏينداسين

چيف جسٽس عمر عطا بنديا صوبائي چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته هڪ ڳالهه توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته اسان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اميد آهي ته سومر جو سج سٺي خبر کڻي ايندو

سپريم ڪورٽ جي 4 رڪني بينچ ٽٽڻ کانپوءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي رهي آهي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن اڄ چار رڪني بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته جسٽس جمال مندوخيل ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

 چيف جسٽس 3 رڪني بينچ پاران ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت مشڪلات وڌائڻ لاءِ نه ويٺي آهي، هڪ ڌر پارٽي چيئرمين جي گارنٽي ڏئي رهي آهي، حڪومت کي به شايد ماضي وسارڻو پوندو، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهيون ٿين ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وقفو ڪنداسين

جسٽس جمال مندوخيل اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ٻڌڻي واري فيصلي بابت مون سان مشاورت نه ڪئي وئي، مان سمجهان ٿو ته بينچ ۾ مس فٽ آهيان، دعا آهي ته جيڪا به بينچ هجي فيصلو اهڙو اچي جيڪو سڀني کي قبول هجي

4 رڪني بينچ پاران ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جسٽس امين الدين جي اختلافي نوٽ کانپوءِ فيصلي جي حڪمنامي جو انتظار هو، مون کي عدالتي حڪمنامو ڪالهه گهر ۾ مليو، حڪمنامي تي مون الڳ نوٽ لکيو آهي

 جسٽس جمال مندوخيل جي چوڻ تي اٽارني جنرل اختلافي نوٽ پڙهي ٻڌايو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته الله اسان جي اداري تي رحم ڪري، مون سميت سمورا جج آئين جا پابند آهن، حڪمنامو اوپن ڪورٽ ۾ نه لکرايو ويو

 جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي جو کليل عدالت ۾ جائزو ورتو وڃي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس جمال مندوخيل کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو توهان جي وڏي وڏي مهرباني، بينچ جي جوڙجڪ بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو ڪجهه دير ۾ عدالت ۾ ٻڌايو ويندو

هي به پڙهندا

پاڻمرادو نوٽيس اختيارن تي جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين جو فيصلو قانوني طور تي لاڳو نه ٿيندو: سپريم ڪورٽ