آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا اتحاد تي يورپي يونين به ناراض

0
204

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٿيندڙ اتحاد تي يورپي يونين به ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

يورپي پرڏيهي وزير جوزف بورل جو چوڻ آهي ته آبدوز معاهدو اسان کان مشوري جي بغير ڪيو ويو آهي، يورپ خطي ۾ اڳ ۾ ئي 12 کرب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي.

جوزف بورل جو چوڻ آهي ته معاهدي سان فرانس کي معاشي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته 15 سيپٽمبر تي آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ انڊو پيسيفڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت آمريڪا ۽ برطانيه ايٽمي توانائي سان هلندڙ شيون ٺاهڻ ۾ آسٽريليا کي مدد فراهم ڪندو.

فرانس هن معاهدي تي شديد خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته آمريڪا ۽ آسٽريليا کان پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا آهن.