پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي لال مسجد جي اڳوڻي خطيب مولانا عبدالعزيز خلاف ڪيس داخل

0
256
پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون

اسلام آباد: پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي لال مسجد جي اڳوڻي خطيب مولانا عبدالعزيز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. غيرقانوني هٿيار رکڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽  دهشت پکيڙڻ جا قلم شامل آھن.

 عبدالعزيز جامعه حفصه ٻاهران اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته طالبان ايندا، پاڪستان جا طالبان توهان جو حشر ڪري ڇڏيندا، اهلڪار جامعه حفصه تان طالبان جو جهنڊو لاهڻ لاءِ پهتا هئا.