اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ريفرنس کي ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري مامري تي درخواست جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل جهانزيب ڀروانا چيو ته پنهنجو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيل ريفرنسن تي ٻڌڻي جاري آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نيب پاران جيڪو جواب جمع ڪرايو ويو آهي ان جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ٻڌڻي ملتوي ڪريون ٿا، ڪوشش ڪنداسين ته هلندڙ مهيني ۾ ٻيهر ٻڌڻي مقرر ڪجي.