اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جِي نااهلي ڪيس بحال ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن جَي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فريال ٽالپر جي نظرثاني درخواست رد ٿي چڪي آهي، پ پ اڳواڻ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ طرفان اليڪشن ڪميشن مٿان ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيڻ جو الزام لڳايو، عدالت وڪيلن جي دليلن بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.