ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو گڊو ٿاڻي جي حد آبپاشي ڪالوني ۾ 5 ڏينھن اڳ مڙس ھٿان مبينا تشدد ۾ قتل ٿيل ڳورھاري عورت مسمات ساجان ٽانوري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ملڻ تي وارثن سول اسپتال ڪشمور جي ايم ايس اعجاز سومرو خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سانول ٽانوري، پيرين ڏتو ٽانوري ۽ صحت خاتون چيو ته سول اسپتال ڪشمور جي ايم ايس ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن طرفان پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ دير ڪرڻ تي خدشا آهن، هنن چيو ته مسمات ساجان ٽانوري جي قاتلن جي ونگار وھندي سول اسپتال جا عملدار پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪندا، هنن مطالبو ڪيو ته حقيقت تي مبني پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.