ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا هلندڙ سال آگسٽ ۾ پنهنجي ٽيم بنگلاديش اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته هلندڙ سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جون ٽيمون به بنگلاديش جو دورو ڪنديون. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين اڪرم خان آسٽريليا جي دوري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هاڻ 3 نه پر 5 ٽي20 ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. جڏهن ته جون ۾ زمبابوي جي دوري مان هڪ ٽيسٽ گهٽ ڪري هڪ ٽي 20 ميچ جو اضافو ڪيو ويو آهي. بنگلاديش بورڊ ٽي20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تياري ڪري رهيو آهي جيڪو آڪٽوبر کان نومبر تائين ڀارت يا عرب امارات ۾ ٿيندو. آگسٽ ۽ آڪٽوبر ۾ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جون ٽيمون به بنگلاديش جو دورو ڪنديون.