لاهور (اسپورٽس نيوز) اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڏنڊ جا 42 لک 50 هزار رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کانپوءِ هو پي سي بي جي ريهيبليٽيشن پروگرام جو اهل ٿي ويو آهي. عمر اڪمل تي راندين جي ٽياڪڙي واري عدالت اهو ڏنڊ لڳايو هو، عمر اڪمل ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي پر اها به رد ڪئي وئي هئي. رقم جي ادائگي باوجود هو فوري طور بحالي پروگرام ۾ شامل نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته هن وقت پي سي بي جو سيڪيورٽي اينڊ اينٽي ڪرپشن يونٽ پي ايس ايل ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جتي عمر کي ليڪچر ڏيڻا آهن اهي به بند آهن. عمر اڪمل کي اينٽي ڪرپش ڪوش جي ڀڃڪڙي ڪري ته 3 سال پابندي جي سزا ملهي جيڪا آزاد جيوڊيڪيٽر 18 مهينا ڪئي ۽ ٽياڪڙي واري عدالت ان کي 6 مهينن جو رليف ڏنو پر ڏنڊ به لڳايو هو.