لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي اداڪارا لنڊسي لوهان وڏي وقت کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي ڪري رهي آهي.لنڊسي لوهان پنهنجي ڪيريئر جي بحالي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ هوءَ نيٽ فلڪس جي فلم ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي.رپورٽن موجب 34 ورهين جي اداڪارا ڪاميڊي ۽ رومانس تي ٻڌل ان فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.فلم جي شوٽنگ نومبر ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته اها ايندڙ سال جي آخر ۾ رليز ٿيندي.واضح رهي ته لنڊسي لوهان 11 ورهين جي عمر ۾ فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.