بيلفاسٽ(اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ جي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪاٽلينڊ جي ٽيم کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٻي ٽي 20 ميچ ۾ آئرلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي گيبي ليوئس جي 47، شانا ڪاوانا جي 31 ۽ اورلا پرينڊرگسٽ جي 24 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن تي 137 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ اسڪاٽلينڊ جي ٽيم آئوٽ ڪلاس ٿي وئي رڳو ٻه رانديگرياڻيون ڪپتان ڪيٿرن برائيس ۽ ڪيٽي ميڪ گل ڊبل فگرز ۾ داخل ٿي سگهيون ۽ سڄي ٽيم 16.3 اوورن ۾ 76 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ليهه پال 4، لارا ڊيلاني ۽ اورلا 2-2 ۽ ايوا ڪيننگ ۽ ڪيليسٽي راڪ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. گيبي ليوئس پليئر آف دي ميچ قرار ڏني وئي.