آبادگارن کي قرض معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

0
264
آبادگارن کي قرض معاف
آبادگارن کي قرض معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثر آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آبادگارن کان قرضن جي وصولي معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ئي ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو
شرجيل ميمڻ چيو ته درياهه ۾ لاٿ جاري آهي ۽ مختلف ٻوڏ متاثر علائقن مان به پاڻي لهڻ بعد ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽيون سومر کان ڪم شروع ڪنديون

ھي به پڙھندا

سنڌ مان مهيني اندر پاڻي نيڪال نه ٿيو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي: خورشيد شاهه

خيرات نه ٿا گهرون، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

روهڙي ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي کڻت بند، گندو پاڻي ڇوڙ