سنڌ مان مهيني اندر پاڻي نيڪال نه ٿيو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي: خورشيد شاهه

0
299
سنڌ مان مهيني اندر پاڻي نيڪال
سنڌ مان مهيني اندر پاڻي نيڪال نه ٿيو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي: خورشيد شاهه

ڪراچي: وفاقي وزير خورشيد شاهه خبردار ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان مهيني اندر پاڻي نيڪال نه ٿيو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي
خورشيد شاهه چيو ته پاڻي بيهڻ ڪري مليريا سميت مختلف بيمارين ڪَر کنيو آهي، ايندڙ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ لانگ ٽرم منصوبو جوڙڻ ضروري آهي
وزيراعظم طرفان جوڙيل رليف ڪميٽي جو خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ٻڌايو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي، هيل تائين پي ڊي ايم اي کي 8 ارب ۽ ضلعي انتظاميا کي 2 ارب رپيا جاري ٿي چُڪا آهن
چيف سيڪريٽري بريفنگ ڏني ته منڇر جي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي، هاڻي ڪو علائقو ٻڏڻ جو خطرو ناهي، صحت واري سيڪريٽري چيو ته ٻوڏ جي پاڻي بيهڻ ڪري مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن
ڊيوٽي تان غير حاضر ڊاڪٽرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اجلاس دوران آبپاشي کاتي صوبي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت پلان پيش ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

خيرات نه ٿا گهرون، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

روهڙي ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي کڻت بند، گندو پاڻي ڇوڙ

سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو: وڌيڪ 11 ڄڻا فوت