اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آءِ ايس پي آر نه، پر عدليه طئه ڪندي ته عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا نه، آءِ ايس پي آر کي ريئلائيز ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي اسلام آباد ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه، فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ ايس پي آر پهرئين بيان بعد حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪرايو، تاثر ڏنو ويو ته گرفتاري حڪومت نه، فوج ڪرائي آهي، فوج ۽ عوام کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، موجوده صورتحال مان سڀ کان وڌيڪ فائدو پي ڊي ايم وٺي رهي آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ختم ٿي چڪو آهي، عدالتن جي عملداري به ختم ٿي وئي آهي،  عمران خان نالو کنيو ته جاچ ڪري کيس مطمئن ڪيو وڃي ها، رابطا نه ٿيڻ جي ڪري غلط فهميون وڌيون آهن، فوج ۽ عمران خان کي گڏ ويهي ڳالهائڻ گهرجي، اسان کي گرفتار ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ تحريڪ جي قيادت عوام جي هٿن ۾ اچي وئي آهي، آرمي چيف ۽ فوج کي اپيل آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.