لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اسلام آباد مان عمران خان جي گرفتاري بعد شروع ٿيل وڳوڙن سبب ملڪ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به انٽرنيٽ سروس گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل معطل آهي، لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل انٽرنيٽ بند ٿيڻ توڙي فيس بوڪ، ٽوئيٽر، يوٽيوب، واٽس ايپ سميت ٻين سماجي رابطن جي ويب سائيٽس معطل هجڻ سبب صارفين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو.