ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير چيو آهي ته تحريڪ انصاف خلاف ٽي ٽي پي جيان آپريشن ٿي سگهي ٿو ڪيترين ئي عورت اڳواڻن جا نالا به حملن جي منصوبا بندي ۾ سامهون آيا آهن پر انهن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي اڳتي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته واتس ايپ گروپ ۾ هدايون هيون ته لاهور سان گڏ گجرانوالا، بهاولپور ۽ پشاور جي ڪورڪمانڊرز جا گهر به ڊاهڻا هئا پر ڪارڪن اتي نه پهچي سگها، پوليس کي ثبوت ملي ويا آهن ته اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي صلاح سان ٿيو ۽ اهي هدايتون هڪ اجلاس ۾ مليون جنهن جا تفصيل به ملي ويا آهن. هن چيو ته آءِ ايس پي آر جي پريس رليز ۾ به اهم ثبوت آهن ٽي ٽي پي جيان پي ٽي آءِ خلاف به سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو گرينڊ آپريشن هوندو ۽ جن کي به گرفتار ڪيو ويندو انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه عورت اڳواڻن جا نالا به حملو ڪندڙن جي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل آهن جن کي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويندو. اينڪر پرسن شاهه زيب خانزادي چيو ته ثبوت موجود آهن ته پي ٽي آءِ جي قيادت باقاعده ماڻهن کي ڀڙڪايو.