اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان کي مبينا ڌيءُ کي لڪائڻ جي ڪيس ۾ نااهل ڪرڻ بابت درخوست رد ٿيڻ وارو فيصلو عدالت جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينا ڌيءُ ظاهر نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هاڻي نئين بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪندي، درخواست تي فيصلو 30 مارچ تي محفوظ ٿيو هو، ڪاز لسٽ جاري ۽ ڌُرين کي اطلاع ڏيڻ بنا ٻن ججز جي راءِ ويبسائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي، ٻن ججز جي راءِ عدالتي فيصلو ناهي، ڪيسز بابت ٻن ججز جي راءِ رولز خلاف آهي، تنهنڪري ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙي پئي وڃي، ويبسائيٽ تي راءِ اپلوڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اُن کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ٽيريان ڪيس کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي فيصلو ويبسائيٽ تي جاري ڪيو هو، سندن فيصلو عدالتي ويبسائيٽ تان هٽايو ويو آهي.