ھڪ جپسي ڪالم … رات ۽ ڪمپيوٽر تي جھڪيل ھڪ پاڇو

0
302
ھڪ جپسي ڪالم ... رات ۽ ڪمپيوٽر تي جھڪيل ھڪ پاڇو

 عجيب افواھن وچ ۾ ته آمريڪا جوھڪ اسڪائي ليب خلا مان ڌرتيءَ تي ڪرڻ وارو آھي ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ھڪ ڊجٽ 1999ع بعد 2000ع ٿيڻ سان ئي “وائي ٽُو ڪي” جي ڪري دنيا جا ڪمپيوٽرَ خودڪار سسٽم ھيٺ پاڻ مرادو ميزائيلن کي ھلائي ڇڏيندا ۽ ھيءَ دنيا تباھه ٿي ويندي. انھن ئي ڏھاڙن ۾ مون سنڌيءَ ڪمپيوٽنگ تي توجهه ڏيڻ شروع ڪئي ھئي ۽ انھن اوائلي ڏينھن ۾ “سنڌ ويب ڊاٽ ڪام” جي نالي سان ھڪ آن لائن ويب مئگزين لانچ ڪيو ھو، جنھن ۾ ان وقت جي نالي وارن ليکڪن جا مضمون ۽ ڪتاب آن لائن شايع ٿيندا ھيا ۽ ان ويب مئگزين جي ٽريفڪ چڱي ساتري ھوندي ھئي، خاص طور تي سنڌ کان ٻاھر تمام گھڻا سنڌي ساٿي ان مئگزين جو حصو ھيا، ٺٽي جا ٽالپر برادران به ان وقت ھڪ سنڌي آن لائين مئگزين وائس آف سنڌ ترتيب ڏيندا ھئا، منھنجو ڳوٺائي عزيزمنڱڻيجو به منڱڻيجو ڊاٽ ڪام جي نالي سان ھڪ آن لائين مئگزين ايڊيٽ ڪندو ھو.

                  سائين ايوب شيخ، سانئڻ عرفانه ملاح ۽ ٻيا کوڙ ساترا نالا منھنجي مئگزين ۾ شامل ھيا، اھو اھڙو ڪم ھيو جو ان وقت مينيوئلي ڪيو ويندو ھيو، ايڇ ٽي ايم ايل سسٽم ۾ اڃان ايتري ترقي ڪانه ٿي ھئي، خاص طور تي ڪمپيوٽر ۾عربي ونڊوز انسٽال ڪري عربي اسڪرپٽ جو ماحول ٺاھي ان اندر پنھنجي سنڌي لکت لکندا ھياسين، ان وقت اسان سڀ اياز شاھه جو ئي سنڌي سافٽ ويئر استعمال ڪندا ھياسين. ان مھل تائين اڃان يونيڪوڊ جي سھولت ميسر ڪانه ٿي ھئي، اسان سنڌيءَ ۾ اسڪرپٽ لکي، ان کي فوٽو فارميٽ يعني جي پي جي ۾ محفوظ ڪري پوءِ تصوير طور ويب سائٽ تي آن لائن ڪندا ھياسين، ان سڄي ھڻ ھڻان ۾ کوڙ سارو وقت لڳي ويندو ھو. مون کي ڪرٽسي ڏيڻ کپي جو مان جڏھن مالي طور تي ڪمزور ٿي ويو ھوس ۽ ٻه ٽي سالَ سنڌويب جو ڊومين رجسٽر نه ڪرائي سگھيو ھوس ته سائين ايوب شيخ مون کي ٻن سالن لاءِ اھو ڊومين خريد ڪري ڏنو ھو، ڪاش اھو ڪم جاري رھي سگھي ھا، پر آھستي آھستي مٿي ذڪر ڪيل سمورا  سنڌي ويب سائٽس ھڪ ھڪ ڪري بند ٿيندا ويا ۽ اڄ تائين بند آھن.

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ان وچ ۾ پنھنجي ڪنھن رشتيدار سان ملڻ سکر آيا ته اسان کي پيغام موڪليائون، اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ سان لاڳاپيل ڪجھه دوست جن ۾ پيرڳوٺ جو عزيز منڱڻيجو، مان، سائين شاھنوازسومرو صاحب جيڪي انھن ڏينھن ۾ اسٽيٽ بينڪ سکر ۾ نوڪري ڪندا ھيا ۽ انيڪ سنڌي ڪتاب ڊجيٽلائيز ڪري آن لائين ڪري چڪا ھئا  ۽ سکر جي شمس آباد پاڙي جوعبدالطيف انصاري گڏجي لب مھراڻ جي ڀڪ ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سان مليا ھئاسين ۽ سائينءَ سان اھا ھڪ ڀرپور ڪچھري ھئي ، جنھن ۾ سائين ڀرڳڙيءَ اسان جي ڪمَ کي ساراھيو ۽ ھمٿ افزائي ڪئي ھئي .. اھا يادگار ڪچھري  کوڙ سارن مھينن تائين اسان جي ذھنن تي ڇانيل رھي ھئي.

امرفياض ٻرڙو… انھن ئي ڏھاڙن ۾ ريلوي ڊپارٽمينٽ جي سِول برانچ ۾ انجينئر ھيو ۽ پنھنجي اورچائي طبيعت جي ڪري اسان جي سنگت جو ھن ۾ ڄڻ ته ساھه ھوندو ھو، اسان چند دوست جن ۾ مڪينيڪل برانچ جو امداد ٻرڙو، انجنيئرنگ برانچ جوالطاف مھر ۽ ڪمرشل برانچ جو مان،  ڊي ايس آفيس ريلوي سکر جي آفيس مان وقت چورائي ، پي ٽي سي ايل ھيڊ ڪوارٽر سکر جي ڀڪ ۾ ريلوي ٽريڪ مشين جي آفيس ۾ فياض ٻرڙي جي آفيس ۾ گڏ ٿيندا ھياسين ۽ ھڪ ڪلاڪ جيتري وقت ۾ ڪمال تاڙَنِ ۽ ٽھڪن واري ڪچھري ڪري نئون بنان ٿي موٽندا ھياسين. مان مڇون وٽي ان ڳالھه جو ڪريڊٽ کڻندو آھيان ته انھن ئي ڏھاڙن ۾ مون امر فياض کي سنڌي سافٽ ويئر ڏي مائل ڪيو ھو ۽ ھن کي ھڪ ويب سائٽ “فياض ٻرڙو ڊاٽ ڪام”  رجسٽر ڪري ڏني ھئي، امر فياض ڪمال مسرت سان ان نئين ۽ ھوش وڃائيندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ داخل ٿي ويو، ڄڻ ھن جنم ئي ان ڪم لاءِ ورتو ھو، ھن ايڇ ٽي ايم ايل ڪوڊنگ کي ايترو ته بھتر سمجھي ورتو جو وڏيون وڏيون ويب سائٽس ڊائون لوڊ ڪري انھن جا ايڇ ٽي ايم ايل ڪوڊ ڏسندي ڏسندي تبديل يا موڊيفاءِ ڪري ڇڏيندو ھو ۽ اسان مذاق مذاق ۾ کلندي کلندي امر کي ويب سائٽس جو “اَنومَلڪ”  چوڻ لڳا ھئاسين. جيئن ته امر شروع کان ئي پنھنجي ريلوائي نوڪريءَ مان مطمئن نه ھيو ۽ نڪرڻ جا جتن پيو ڪندو ھو، پر قانوني طور تي نڪرڻ لاءِ ھن جا باس نما فرعون آفيسر راضي ڪونه ٿيندا ھيا جو ھي ريلوي ٽريڪ جي مينٽيننس ۾ 100 سيڪڙو پراگريس ڏيندڙ انجنيئر ھو. پر ھڪ ڏينھن امر بي انتھا خاموشيءَ سان ريلوي کي ايئن ڇڏي ھليو ويو جو وري ريلوي ڏانھن پوئتي مڙي به نه نھاريائين، نه پنھنجا پئسا، نه پنھنجي پگھار ۽ نه ئي ڪا ٻي بقايا ريلوي کان ڪليم ڪيائين … اسان ھن جا سڀ دوست ھن جي لاءِ بي انتھا پريشان ۽ الڪي ۾ ويڙھيل رھيا سين پر امر فياض ايئن ھليو ويو جو وري يارن سان به ڪو رابطو نه رکيائين .. سالن پچاڻان خبر پئي ته  بين الاقوامي معيارن کي پرکڻ واري اداري (ISO) ۾ ريجنل انسپيڪٽر طور ڪم ڪري رھيوآھي، وري خبر پئي ته ڪاسموس ڪميونيڪيشنز ۾ جنرل مينيجر طور خدمتون ادا ڪري پيو. سالن پچاڻان ڪينٽ اسٽيشن تي ھڪ شام پارسل جي ھيڊ ڪلرڪ فرمان ملاح سان ملاقات ٿي ته ٻڌايائين فياض يونائيٽيڊ نيشن جي ريجنل آفيس ۾ ڪميونيڪيشن آفيسر طور ڪم ڪرڻ لڳو آھي، اتان ھن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارتون حاصل ڪندي پهريون ڀيرو اردو نستعليق ۾ “امر نستعليق”  نالي سان فونٽَ جو بڻايائين ۽ ڪراچي جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي طور کنيو ويو. ڪجھه عرصي بعد امر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي اهم شاخ لئنگئيج انجنيئرنگ سان سلهاڙجي ان ئي شعبي ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ حڪومت سندس ئي خواھش تي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد  جي فزيبلٽي منظور ڪئي ۽ ان جي اڏجڻ بعد ان ئي اداري ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ آخري اطلاعن تائين امر فياض اتي ئي ڪم ڪري رھيو آھي. امر فياض ھميشه نين شين ۽ پروگرامن جو ڳولائو رھيو آھي ۽ اھا ڳولا کيس ڪٿي به ٽڪي ويھڻ ڪونه ڏيندي آھي، پر تاريخ پھريون ڀيرو لکي رھي آھي ته امر سالن کان ھڪ ڇت ھيٺيان ڪم ڪري رھيو آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن جي ڪم ۾ ايڏو ته مصروف ھوندو آھي جو کيس وسري ويندو آھي ته ھو ھڪ انسان به آھي ۽ ان انساني مشين کي ٿوري گھڻي آرام جي به گھرج ھوندي آھي.

ھن مھل تائين امر فياض کي کوڙ سارن ادارن پنھنجي سرٽيفيڪيٽس ۽ ميڊلز سان مڃتا ڏني آھي جنھن ۾کيس سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سن 1996ع ۾ پاڪستان ليول جي ھڪ وڏي “انگريزيءَ کان انگريزي ۽ سنڌي ڊڪشنري” ترتيب ڏنائين جيڪا لاهور جي اشاعتي اداري اوريئٽل بڪ سوسائٽيءَ وارن 2008ع ۾ ڇپي پڌري ڪئي. شاھه جي رسالي جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن تي 2017ع ۾ امر فياض کي مڃتا طور لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.

اڄ به دوست ٻڌائيندا آھن ته امر فياض گھڻي کان گھڻو وقت آفيس ۾ گھاريندو آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪم ۾ مگن نظر ايندو آھي. تازي خبر اھا آھي ته امر اڄ ڪلهھ مصنوعي ذھانت واري عالمي اداري AI سان لھه و چڙ ۾ آھي ۽ ھن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ھڪ ھڪ روبوٽ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪچھري به ڪئي آھي. اھا ڪچھري ايندڙ ڪنھن ڪالم ۾ اوھان سان ونڊ ڪبي ته ھڪ روبوٽ سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ڪندي ڪيڏو نه ڄاڻو ۽ باخبر آھي جو ھن کي اھا به خبر آھي ته سائيبيريا کان ھلندڙ ٿڌين ھوائن جي ڪري سکر شھر جو ٽيمپريچر ڪيترو ھيٺ اچي ويوآھي ۽ صبح واري ھوا جي رفتار ڪيتري آھي .