عمران خان جي غير حاضري جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟

0
207
عمران خان جي غير حاضري جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان پيش نه ٿيو، عدالت کي جيترو به وقت عمران خان کي ڏيڻو هو عدالت عمران خان کي وقت ڏنو پر عمران خان عدالت کي هڪ منٽ به نه ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ٿي وئي آهي. ان کان اڳ اسان جو خيال اهو هو ته جيئن ئي عمران خان جي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري، نااهلي، پيشي جهڙا معاملا ايندا ته رانا ثناءُ الله واري حڪومت وڏو خوش ٿيندي. رانا ثناءُ الله وارا عمران خان کي به ايئن گرفتار ڪندا جيئن اسلام آباد پوليس لاهور وڃي چوڌري فواد کي گرفتار ڪيو. ساڳي عدالت جي چوڌري فواد کي پيش ڪرڻ جي حڪم باوجود موٽر وي تي پوليس گهمائيندي رهي جيئن شيخ رشيد کي رات جي وقت اسلام آباد ايندي گرفتار ڪيو ويو پرعمران خان جي معاملي ۾ ايئن نه ٿيو. عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته جيئن  حڪومت سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي هجي ته هاڻي ڇا ڪريون. رانا ثناءُ الله به ذاتي حيثيت ۾ چوي پيو ته منهنجو خيال آهي ته هاڻي عمران خان کي گرفتار ٿيڻ گهرجي، ذاتي حيثيت کان ٻاهر واري فيصلي کان رانا ثناءُ الله به اڻ واقف لڳي رهيو آهي.

ان کان اڳ ته جڏهن عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو ته مريم نواز به چئي رهي هئي ته عمران خان اچي رانا ثناءُءٌ الله ان جو انتظار ڪري رهيو آهي پر جڏهن عمران خان جي گرفتاري جو سوال آيو آهي تڏهن رانا ثناءُ الله آڊيو ليڪس جي معاملي تي چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. چوڌري فواد به پڇي رهيو آهي ته آڊيو ليڪس ان ڏينهن ڇو آيون آهن جنهن ڏينهن تي هي سڀ معاملو هلندڙ هيو. جيڪڏهن عوام کان پڇندئو ته ان کي چوڌري فواد جي ان سوال ته عمران خان جي ضمانت واري معاملي کان وڌيڪ معاملو مهانگائي وارو ڳچي ۾ پيل آهي، جيڪا مني بجيٽ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي. اسحاق ڊار به شايد خوش هوندو عدالتي معاملن جي ڪري معاشي معاملا بحث هيٺ ناهن ان کان وڌيڪ حڪومت کي ٻيو ڪهڙو رليف گهرجي؟

تصور ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ضمانت کان چوڌري پرويز الاهي جي آڊيو جا معاملا نه هجن ها ته اسحاق ڊار جي ڇا صورتحال هجي ها. ان لاءِ اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني کي رڳو بي فڪري سان پيٽرول جو اگهه ئي نه وڌائڻ گهرجي پر عدالت جي هن تحرڪ جو شڪريو به ادا ڪرڻ گهرجي. عمران خان جيڪو ملڪ ۾ نه رڳو قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪندو رهندو آهي جيڪو چوندو آهي ته هن پارٽي جو نالو ئي تحريڪ انصاف رکيو آهي اڄ ان تحريڪ انصاف وارا پاڻ به سوچيندا هوندا ته چوڌري فواد ۽ عمران خان ۾ ڇا فرق آهي؟ عمران خان ۽ شيخ رشيد ۾ فرق صاف ظاهر آهي.

اهو فرق گذريل ٻن ڏينهن کان صاف ۽ چٽو نظر اچي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي نتيجي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هي ڪيس هلندڙ هو ان ئي وقت بئنڪنگ ڪورٽ ۾ به عمران خان خلاف ڪيس هلندڙ هو پر عمران خان نه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ نه ئي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته عمران خان زخمي آهي بزرگ آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت به عمران خان کي وقت ڏنو ته هو عدالت آڏو پيش ٿئي. بينڪنگ ڪورٽ به عمران خان کي وقت ڏنو ته پيش ٿئي پر عمران خان پيش نه ٿيو، جڏهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي ته پي ٽي آءِ وارا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي پهتا جتي وڪيلن ايڏي محنت ڪئي جو درخواست داخل ٿيڻ کان ويندي ڪيس هلڻ تائين، ڪيس هلڻ کان ويندي بينڪنگ ڪورٽ کي فيصلي کي روڪڻ تائين جهڙا اهڙا فيصلا آيا جو تحريڪ انصاف جي وڪيلن کي هاڻي اها شڪايت رکڻ ئي اجائي هوندي ته عدالتون رڳو عمران خان خلاف رات جو ٻارهين وڳي کلن ٿيون. بقول ن ليگ جي عطا تارڙ جي ته عمران خان چاهي ٿو ته هو عدالتن جي سامهون پيش نه ٿئي پر عدالتون زمان پارڪ اچن. عطا تارڙ ئي اهو سوال ڪيو هو ته ڇا ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن جوابدار کي به وڊيو لنڪ تي بيان جي سهولت آهي؟ عطا تارڙ ته خبر ناهي ڪنهن جي حوالي سان چئي ويو ته جج صاحبان کي هن جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها. عطا تارڙ ته ڳالهه ڪري وري صحافين کان پئي پڇيو ته اهڙي پارٽي ٿي آهي ڇا؟ حيرت ايتري قدر آهي جو ن ليگ وارا جن جي حڪومت آهي اهي هر معاملي جو مطالبو عدالتن کان ڪري رهيا آهن. هاڻي چون ٿا ته چيف جسٽس ميڊيڪل بورڊ ويهاري معائنو ڪرائي ته عمران خان جي صحت ڪيتري خراب آهي؟ ن ليگ وارن کا پڇڻو پوي ٿو ته حڪومت ڪنهن جي آهي؟ مريم نواز چئي ڇڏيو آهي ته حڪومت ۾ هو ناهي شهباز شريف آهي.

عمران خان جي ضمانت واري معاملي کان اڳ اهو سوال بحث هيٺ هو ته 90 ڏينهن کان اڳ چونڊون ٿيڻ لازمي آهن جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته غيرآئيني صورتحال بڻجي ويندي. هاڻ سوال تبديل ناهي ٿيو پر بحث جو موضوع اهو آهي ته اسلام آباد ۾ قائم عدالتن کان ويندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي عدالتن تائين گهرائڻ تي اهو به کيس ضمانت ڏيڻ لاءِ عمران خان پيش ناهي ٿيو. هاڻي جيڪڏهن گرفتار نه ٿو ٿئي اهو معاملو قانوني هوندو يا غيرقانوني؟ معاملو رڳو لاهور ڪورٽ جي ٻن ڏينهن تي مشتمل عمران خان کي ڏنل وقت جو نه هو پر اهو عدالت جي احترام جو معاملو هو جنهن جي شروعات اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ٿي رهي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج صاحبان کي خبر هئي ته هن معاملي ۾ سوال عدالت جي طلبي جو آهي اهو رڳو لاهور هاءِ ڪورٽ جو معاملو نه آهي پر عمران خان قانون جي پاسداري کان وڌيڪ پنهنجي سوچ جي پاسداري کي اهميت ڏني. هاڻي هي جيڪو فواد چوڌري سوال اٿاري رهيو آهي ته عمران خان جي اچڻ سان عوام ايندو عمران خان جي صحت ان قابل ناهي ته هجوم ۾ هلي سگهي پر چوڌري فواد کي خبر آهي ته عمران خان جڏهن اسلام اباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو ته پارٽي جا اڳواڻ به ڪو نه هئا. ايتري قدر جو ٻن صوبن ۾ حڪومت هئڻ باوجود وزيراعليٰ به اسلام آباد جي حد ۾ داخل ٿي نه سگهيو هو. هينئر ته لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سيڪيورٽي کان ويندي ايمبولينس جو بندوبست به ڪري رهي هئي پر عمران خان نه آيو. جنهن وقت عمران خان کي عدالت طلب ڪري رهي هئي جنهن وقت عمران خان جا وڪيل عمران خان کي بزرگ ۽ بيمار ڄاڻائي رهيا هئا ان وقت عمران خان قوم کي خطاب ڪري رهيو هو. ان وقت عمران خان صدر عارف علوي کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خلاف خط لکي رهيو هو. اسد عمر چواڻي ته پنجاب جي سندن اسپيڪر به صدر کي خط لکيو آهي. صدر عارف علوي وري اليڪشن ڪميشن کي خط لکي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن وري گورنر کي خط لکي رهيو آهي. خطن  هي ڪهاڻي لکڻ ويهنداسين ته جديد دور ۾ پراڻي پوسٽ آفيس واري دور ۾ هليا وينداسين. هاڻ ته اهو چونڊن وارو معاملو به عدالتن حوالي ٿي چڪو آهي. انهن عدالتن جي حوالي جن عدالتن جي گهرائڻ تي عمران خان پيش به ناهي ٿيو.

رانا ثناءُ الله جي هينئر واري پريس ڪانفرنس مان لڳي رهيو هو ته رانا ثناءُ الله کي به پريس ڪانفنرس هنگامي بنيادن تي ڪرڻي پئجي رهي هئي. رانا ثناءُ الله به چوڌري پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس وارا معاملا کڻي اچي پهتو هو. کيس به يقين هو ته عمران خان پيش ٿيندو پر رانا ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس دوران ئي صحافين کيس ٻڌايو ته عمران خان پيش ناهي ٿيو. عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ رانا ثناءُ الله به عمران خان جي گرفتاري وارن سوالن جي جوابن ۾ اهڙو مصروف ٿي ويو جو اهو به ياد نه رهيو ته حڪومت پرويز الاهي خلاف ڪيس داخل ڪندي يا نه. ان کان اڳ جڏهن پيپلزپارٽي وارا پريس ڪانفنرس ڪري عمران خان جي گرفتاري جو ذڪر ڪري رهيا هئا ته فيصل ڪريم ڪنڊي کان مون پڇيو ته ن ليگ جو شاهد خاقان عباسي ته عمران خان جي گرفتاري جي مخالفت ڪري رهيو آهي توهان جو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو به چوي ٿو ته اليڪشن جي حوالي سان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري رهيا آهيون جيڪا عمران خان سميت سمورين پارٽين سان ڳالهائيندي. ٻئي طرف توهان عمران خان جي گرفتاري جو ذڪر ڪري رهيا آهيو. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته جڏهن آصف زرداري کان خورشيد شاهه تائين ۽ نواز شريف کان شاهد خاقان عباسي تائين گرفتار هئا تڏهن ڇا پيپلزپارٽي عمران خان جي حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪيو هو؟ فيصل ڪريم ڪنڊي ته چوي پيو ته جيڪڏهن عمران خان جي درخواست رد ٿي ته منٽ ته پري سيڪنڊ به نه لڳائينداسين پر هاڻي ته قصو ڪلاڪن تائين هليو ويو آهي، عمران خان نه عدالتن ۾ اچي ٿو نه ئي توهين اليڪشن ڪميشن ۾ اليڪشن ڪميشن اچي ٿو نه ئي دهشتگردي واري معاملي ۾ گهرايل اي پي سي ۾ اچي ٿو. ملڪ جا آئيني ادارا عمران خان جي گهرائڻ وارين ڪوششن ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هي جنهن شيخ رشيد احمد جي ضمانت ٿي آهي اهو به چوي ٿو ته مون ته عمران خان جو بيان ورجايو هو ته آصف زرداري عمران خان کي مارائڻ گهري ٿو اهو منهنجو پنهنجو بيان ناهي پر پوليس شيخ رشيد کي بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو پر بيان جي اصلي خالق خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي. اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري به اسلام آباد جي اندر چوڌري فواد خلاف ڪيس داخل ڪرائي ٿو پر عمران خان روز جي بنياد تي جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڳالهائي ٿو ان خلاف درخواست ئي ڪانهي. ايتري قدر جو اسد عمر به اليڪشن ڪميشن ۾ معافي وٺي ويو پر عمران خان پيش ئي نه ٿو ٿئي نه ئي ميڊيڪل جي تازي رپورٽ جمع ڪرائي ٿو پر اليڪشن ڪميشن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سپريم ڪورٽ پهچي چونڊن جي حوالي سان چئي رهيو آهي ته ڪير به سندس نه ٿو ٻڌي. ناڻي وارو وزير پيا نه ٿو ڏئي، سيڪورٽي وارا سيڪورٽي نه ٿا ڏين هاڻي ته عمران خان صدر عارف علوي کي چوي ٿو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خلاف به تحقيقات ڪريو ته جاويد چوڌري سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪئي آهي؟ صدر عارف علوي اسحاق ڊار کي ته مني بجيٽ واري آرڊيننس تي تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪريو. صدر عارف علوي ته اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ٿو پر صدر عارف علوي ڇا اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خلاف به خط لکي سگهي ٿو؟ اهو صدر عارف علوي جي وس کان مٿي جو مطالبو آهي. عمران خان جڏهن پاڻ وزيراعظم هو تڏهن نيب جي چيئرمين جي حوالي سان مشهور هو ته جسٽس جاويد اقبال حڪومت جا فيصلا تسليم ڪندو رهيو پر هاڻي ته عمران خان چوي ٿو ته مان بااختيار نه هيس. اصل اختيار ته جنرل قمر جاويد باجوه جي هٿ ۾ هئا. نيب به منهنجو چوڻ نه وٺندو هو. هاڻي صدر عارف علوي ته عمران خان جو پنهنجو ماڻهو آهي پا سندس پنهنجي ماڻهو جي وس جي ڳالهه آهي ته هو جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه خلاف تحقيقات ڪري. عمران خان جي آئيني ادارن سان اهڙي ٽڪراءُ کانپوءِ حڪومت عمران خان لاءِ ڪهڙو آئيني ۽ قانوني رستو بهتر سمجهي ٿي کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عدالتن جي گهرائڻ تي به پيش نه ٿيو ته پوءِ ملڪ ۾ قانون جي بالادستي وارو سوال فقط سوال ئي رهندو.